سنڌ جي دردن کي ڪو ته سمجهي ها۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هن وڊيو ۾ اسان جي پياري دوست سائين قربان علي شاهه شهدادپور واري پنهنجي ڪلام ذريعي سنڌ جي ڏکن ۽ موجوده حالات جو هڪ بهترين انداز ۾ درد پيش ڪيو آهي۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=b9DjQIWTiiU
 
جواب: سنڌ جي دردن کي ڪو ته سمجهي ها۔۔۔

سائين مست مهرباني اوهانجي جو اوهان سنڌ جي محبت سان سرشار سائين قربان شاه جي شاعري ونڊ ڪئي آهي ، آسوند آهي شاعر ۔۔۔ اميدن جا ڏيئا ٻاري ويٺو آهي ۔۔۔ راهه ۾ اکڙيون اٽڪائي ويٺو آهي ته ڪي سنڌ جا سورهيه جاڳن ۽ سنڌ جي ظلمن جو توري تڪي حساب ڪن ۔۔۔

ڀائڙا مست قربان شاه سان گڏ اسين به ان آس ۾ آهيون بلڪه پوري قوم ان آس ۾ آهي ۔۔۔ جيئن ڪو معجزو ٿيڻ وارو هجي ۔۔۔ بيشڪ رب العالمين ته رحيم ۽ ڪريم آهي پر ” آ٪ءُ به ڪجهه اڳڀري ٿيان“ جي مثال جيئان اسانکي اڳتي وڌڻو پوندو ۔۔۔ قدم کڻبو ته منزل ويجهو ٿيندي نه ته خواب، خواهشون ۽ ڳالهيون صرف ڳالهيون ئي رهجي وينديون ۔۔۔
اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔۔
 
بلڪل سائين انهيءَ ڳالهه کان سواءِ سنڌ جي دردن جو آجپو ناممڪن آهي۔۔۔
 
Back
Top