امر فياض جيڪو به ڪم ڪندو آهي سو بي مثال ڪم هوندو آهي. ويب تي سنڌي ۽ اردو ڏيکارڻ لاء هو مسلسل ڪوشش ۾ آهي ۽ آخرڪار جي ڪيوريءَ ذريعي سنڌي فونٽ ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. نه صرف فونٽ پر انگريزي ۽ سنڌي جي الائينمينٽ پڻ پاڻمرادو ساڄي ۽ کاٻي ٿيو وڃي. دوستن کي عرض آهي ته هيٺين لنڪ تي ڀيرو ڀرين ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي جا جملا لکي چيڪ ڪن. ڪٿي به ڪا غلطي هجي ته کيس اطلاع ڪن. دوستو سڀ هن لنڪ جو ڀيرو ڀري پاڻ چيڪ ڪيو. سنڌي لکڻي اسان بيپناهه خوشيءَ سان اهو اعلان ڪريون ٿا ته موجوده دور جي ويب اپليڪيشن واري ٻولي ”جي ڪيوريءَ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آڻيندي ان پروگرامنگ کي ان لائق بڻايو آهي جو اها پاڻمرادو سنڌي ٻوليءَ جي بيهڪ کي سمجھي ان جو فانٽ ويب سائيٽ تي پاڻمرادو هڻي سگھي ٿي. هن مشڪل اسڪرپٽ جو نالو اسان ”ثمر جَي ڪيوري اسڪرپٽنگ“ رکيو آهي. هن کان اڳ اسان ئي اردو جو ويب فانٽ ”امر نستلعليق“ ٺاهي اردو ويب پبلشنگ کي بغير ڪنهن فانٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شڪل ڏني هئي سين. اوهان جيئن مٿين انگريزي ٽيڪسٽ ۾ ڏسي سگھو ٿا ته اتي انگريزي جي بيهڪ کاٻي کان ساڄي پاسي ٿيل آهي ۽ فانٽ به انگريزيءَ جو ئي پاڻمرادو کنيل آهي ٺيڪ ان ئي نموني سان هتي هي سنڌي پيراگراف وري ان جي ابتڙ ساڄي کان کاٻي پاسي ٿي سنڌي جو ”ايم بي لطيفي“ فانٽ کنيل آهي. هتي اسان ڪنهن به پيرگراف کي پاڻ نه ٻڌايو آهي ته ڪهڙو فانٽ هجڻ گھرجي پر ثمر اسڪرپٽ پاڻ مرادو فانٽ ۽ لکڻيءَ جو طرف محسوس ڪري لڳايو آهي. اردو لکھائی ہم بے پناہ خوشی کے ساتھ یہ اعلان کرتے سچ تو یہ ہے کہ فخر محسوس کرتے ہیں کہ ہماری ٹیم نے امر ویب نستعلق فانٹ کے بعد اردو زبان کو اس قابل بنا دیا ہے کہ عہدِ جدید کی ویب پروگرامنگ اجکس یعنی (جے کیوری) میں وہ شناخت ہو رہی ہے۔ ابھی جیسے یہاں آپ دیکھ سکتے ہیں کہ یہاں اردو لکھائی ٹھیک دائیں سے بائیں جانب اپنی خوبصورتی کے ساتھ نظر آرہی ہے، یہ خودکار پروگرامنگ کی وجہ سے آپ دیکھ رہے ہیں، جو کہ ہر پلیٹ فارم اور ہر براؤزر پرایسے ہی نظر آئے جیسے آپ یہاں دیکھ سکتے ہیں۔ ہم نے اس پروگرامنگ کو "ثمر جے کیوری اسکرپٹنگ" نام دیا ہے، جس کے بدولت آپ ٹیکسٹ باکس میں جو بھی زبان لکھیں اور پوسٹنگ ہوتے وقت ثمر آٹو ٹیکسٹ رکگنائیزر خودکار نمونے سے اس کا طرف بھی صحیح کردیگا اور اس کے ساتھ اردو فانٹ بھی لگادیگا۔ لنڪ http://samar.e-spread.net/ http://samar.e-spread.net/index.php/samar-social _____
ويب سائيٽ تي هي پيغام ڏنل آهي... This domain name expired on Feb 01 2015 04:44PM Click here to renew it. اگر ٻي ڪا لِنڪ دستياب آهي ته شيئر ڪريو....