سرمد چانڊيو ڪچهريءَ جو ڪَنورُ استاد پيرل قنبر سان پهرين ملاقات محبوب شاهه بخاريءَ جي ميلي تي ٿي. جو ادي پناهه خاتون ميراثيءَ سائينءَ جو ڪلام ڳايوڪلام ڇا جهڙو ڪر سڄي ميلي تي ادي پناهه خاتونءَ منڊُ مُنڊي ڇڏيو هو. دمان دم ڀيڄ ڀٽائي! دمان دم ڀيڄ ڀٽائي! تنهنجي گهر گهر ۾ آ وائي. دمان دم ڀيڄ ڀٽائي واهه واهه جا واڪا هئا، مٿس نوٽن جي برسات هئي! سِرائي محمد نواز ناز ته تختين جون تختيون کولي پئي اُڏايون. ٻئي پاسي کان علي حسن خان گُراماڻي منهنجي دوست غلام رسول ظفر جو والد صاحب هو، اُن جو به جواب ناهي. منهنجي ماما سائين جي زبان تي اهي لفظ ها ته واهه ڙي پيرل واهه ! اها ملاقات چئجي يا نه چئجي! پر استاد پيرل قنبر جو نالو سڀني ماڻهن جي زبان تي واهه واهه سان گڏ پئي هليو. ڪنهن چيو پيرل ماستر آهي. منهنجي دل ۾ هن لاءِ احترام اڃا به وڌي ويو، ڇو ته منهنجو استاد عبدالرحمان مَهِجُورُ به ته شاعر هو. اها منهنجي ٻاراڻي عمر هئي، سياري جي موسم هئي، ميلي جو موقعو هو. 1960ع جو دؤر هو. هاڻي ٽئين درجي کي الوداع چوڻ وارو هئس. استاد پيرل قنبر سان ٻي ملاقات 1961ع جُون ۾ بابا سائين سان گڏ جي قنبر آيو هئس، لوهي بازار جي منڍي وٽ شايد جتي لوهي بازار ختم ٿي ٿئي، اتي شاهي بازار جو وچ چئجي ته غلط نه ٿيندو. چاچا محمد صديق گوپانگ جو ٿاڌل جو اڏو هو. ماڻهن جي پيهه هئي، چاچا محمد صديق جي چوڌاري ماڻهو گول دائرو بڻايون بيٺا هئا. چاچا جي زبان تي استاد پيرل قنبر جو هي ڪلام هو: ڏسي غريب مون کي يار ڇني ڌار ڪيو، لُٽي قرار ڪري دل کي بي قرار ويو. جهڙو هو چاچا محمد صديق گوپانگ جو پيارو آواز تهڙو هو استاد جو ڪلام، ٽيبل تي استاد جي ڇپيل چوپڙين جو چڱو تعداد رکيو هو، اتان ٻن يا ٽن آنن ۾ مون به هڪ چوپڙي خريد ڪئي، اها به اڌ ملاقات چئجي، پاءُ ملاقات چئجي، پر ملاقات ضرور ٿي، ٽين ملاقات استاد جو ڀاءُ، ڀائو مولا بخش اسان جي تپي بگي دڙي تي تپيدار ٿي آيو، اسين ڍل ڀرڻ آياسين، هڪ ڪمري ۾ ڀائو مولا بخش کاتيدارن سان ڍل پئي سمجهيو، ٻئي ڪمري ۾ استاد پيرل قنبر ۽ سندس والد صاحب رمي پئي کيڏيا. کاتيدارن جي پيهه هئي، اهو 1969ع جو مئي مهينو هو. آءٌ اُتان کسڪي اچي استاد پيرل قنبر ۽ چاچا امام بخش جي مٿان بيٺس چاچا امام بخش پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ جو اشارو ڪيو آءٌ ويهي رهيس. مون کي اها خبر هئي ته شهدادڪوٽ جا وڏا وڏا شوقين صرف رَمي کيڏندا هئا. ڊيل وغيره ڪونه ٻڌندا ها. جڏهن استاد جي راند کُل جي ويجهو پئي آئي، ته سندس چهرو کڙي پوندو هو. آءٌ سمجهي پئي ويس ته هاڻي استاد جي راند کلڻ واري آهي. استاد جڏهن ٻه ٽي رانديون چاچا امام بخش کي ڏنيون ته چاچا سائين ڀائو مولابخش کي سڏيو ته پاڻي پيار! مولابخش اچڻ سان استاد ۽ چاچا سائين جو تعارف ڪرايو. ملياسين ڏاڍي خوشي ٿي. جهڙوڪر پراڻي آس پوري ٿي. ڀائو مولابخش چيو: اڃا ڪلاڪ سوا ٻين کاتيدارن سان حساب ڪتاب ۾ لڳندو. اوهان تيسين بابا جن سان راند ۾ مدد ڪرايو، آءٌ استاد جن کان وڌيڪ کيڏاري ته ڪونه هئس، پر هڪ ڊوهڙ کيڏاريءَ جو گُر ياد اچي ويو، سو چوٿين رميءَ ۾ هڪ پتو لڪائي، استاد کي ٻه رميون ڏنيون سي. استاد چيو ڇورا تنهنجو ڪم ناهي، ڏس نه ڪر اتي چاچا کي اهو ڊوهه وارو گُر هٿِ اچي ويو. اها ملاقات وڏي ملاقات هئي، دل کولي پئي استاد کي تڪيم ۽ ڏٺم. ۽ پو ملاقاتن جا سلسلا شروع ٿي ويا.1983ع ۾ آءٌ قنبر لڏي آيس، پوءِ ته آءٌ استاد جي گهر جو ڀاتي بنجي ويس. استاد ٻڌائيندو هو ته مون کي اوکيءَ ۾ سنڀال وارو دوست سائين محمد عالم ابڙو صاحب هو. جيڪڏهن اهو مون کي نه سنڀالي ها ته آءٌ چريو بنجي شهر ۾ پنا ميڙي ميڙي مري وڃان ها، يا ٻارن جا پٿر ۽ ڀينڊ کائي شهر ڇڏي وڃان ها. سائين محمد عالم مصور هو، استاد هو. استاد پيرل قنبر ۽ پاڻ شايد پرائمري مين اسڪول ۾ استاد ها. دوستي يا فن جو فن سان ميل ۽ رچاءُ هو، استاد به وڏو ماڻهو هو ته سائين عالم ابڙو به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سائين محمد عالم جو ته گهراڻو ئي فنڪار بنجي ويو. منصور عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، اياز عالم ابڙو، دارا عالم ابڙو، سڀ جو سڀ ڏات ڌڻي. استاد جا شاگرد لائق فائق محبوب ماڻهو استاد محمد عظيم سومرو جيڪو منهنجي استاد مولوي محمد دائود ابڙو صاحب جن جي توسل سان مليو. ڇا ڳالهه ڪجي. استاد پيرل جي سينيئر شاگردن منجهان آهي. جنهن شاعريءَ جي فن فڪر ۽ تنقيد تي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اسان سڀني دوستن جي وڏي رهنمائي ڪئي. غلام رسول ظفر چانڊيو نئين ٽهي جو خوبصورت شاعر هو، استاد پيرل قنبر جو سينئر شاگرد هو. منهنجو پيارو دوست هو. اسان جي ڳوٺ به پيو ڀيرا ڪندو هو. پيئڻ کائڻ جو تمام شوقين هو. بس چرس بي ترس کيس ٽي بي جو مريض بڻائي ڇڏيو، جواني ۾ ئي اسان کي ڇڏي دارالبقا جو رستو ورتائين. سائين علي گوهر ميراڻي استاد پيرل قنبر جو مکيه شاگرد سگهڙ، شاعر، لسانيات جو ڄاڻو، اسان جو نهايت پيارو دوست، ادب جي راهه جو رهنما آهي ان جون ادبي خدمتون به استاد پيرل قنبر جي ڪڙيءَ جون آهن. قنبر جي سپورنج سپوتن مان هڪ آهي. آتش سنڌي قوم پرست شاعر سڄاڻ دوست هو، ان جي شاعري جا ڪيئي رنگ روپ آهن. پوپٽن وانگي اڏامندڙ خيال جو ڏاهو ڏات ڌڻي هو.استاد پيرل قنبر جو نهايت فخر لائق شاگرد هو. منهنجي استاد سائين ميهر مجاهد جو استاد ڀائي، هم خيال، پيارو دوست، جاکوڙي ڪارڪن. سنڌ يونورسٽي ڄام شوري ۾ ڪينٽين هلائيندو هو. نئين ٽهيءَ جو سڄاڻ شاعر هو. استاد ميهر مجاهد منهنجو پيارو استاد، استاد پيرل قنبر جو سينئر شاگرد، شاعر راڳي پيارو انسان هو. 1983ع مارچ ۾ آءٌ سندس شاگرديءَ ۾ آيس. تڏهن قنبر شهر ۾ لطيف ادبي سنگت هلندي هئي. جنهن جو سيڪريٽري آتش سنڌي هو. ڪڏهن ڪڏهن استاد پيرل قنبر به شرڪت ڪندو هو. لطيف ادبي سنگت ۾ استاد ميهر مجاهد، آتش سنڌي، مرتضيٰ قيدي سونارو، شبير شورش هاڻي علي ضمير، محمد پناهه مغيري، روشن ڀٽي، هي ناچيز بندو، صاحب عبدالحميد ميمڻ، مجيد ميمڻ، غلام مصطفيٰ پوليس جمعدار، خان صاحب محمد عرس ميراثي، عرف سائين موج علي بادشاهه، خان صاحب جهان خان گوپانگ طبلي ماسٽر هو. ڪڏهن ڪڏهن سائين اشرف علي ٻرڙو، سائين گل حسن گوپانگ شاد، اختر حسين اختر بروهي منهنجي پاڙي جو دوست شاعر استاد پيرل قنبر جو شاگرد، رومانوي شاعري جو بهترين شاعر، کيس گهڻو ڳايو به ويو. اهو به ادبي ويهڪ ۾ اچي شريڪ ٿيندو هو. استاد پيرل قنبر اسان جي وچ ۾ لاهور واري صوفي غلام مصطفيٰ تبسم جو ڏيک ڏيندو هو. ڪڏهن به تلفظ جي معاملي ۾ ماٺ نه ڪندو هو، شاعر کي چوندو هو، فلاڻي مصرع وري پڙهه! پوءِ درست پڙهڻي ۽ تخيل بابت راءِ لکي ڏيندو. ادبي ويهڪ پڄاڻا، محفل موسيقي هلندي هئي، جمعدار غلام مصطفيٰ جي آواز ۾ طلعت محمود جي آواز واري ٿرٿراهٽ هوندي هئي، خوبصورت غزل ڳائيندو هو. اڪثر استاد پيرل قنبر جي شاعري ڳائيندو هو. استاد سندس ڳائڻ جي طرز تي گلاب جي گل جيان ٻهڪي پوندو هو. استاد کي غلام مصطفيٰ کان اها شڪايت هئي ته هو باجي جو آواز وڌائي استعمال ڪندو هو. استاد پيرل چوندو هو ”غلام مصطفيٰ باجو گهٽ ڪري وڄايو“ غلام مطفيٰ باجي ماسٽر ماڻهو هو. جيڪو سائين موج علي بادشاهه جي روبرو ويهي ڳائيندو هو، اهو ڪو معمولي ماڻهو ڪونه هو، ڪڏهن استاد پيرل جي ڪافي به ڳائيندو هو. هڪ لاجواب استاد فنڪار هو. ڪڏهن اختر بروهي جو غزل به ڳائيندو هو. استاد موج علي بادشاهه واقعي بادشاهه هو. وڏو غلام علي خان، ننڍو غلام علي خان، سنيان چوڌري ۽ زاهده پروين جهڙا وڏا فنڪار سائين حاڪم شاهه پٽ واري جي ميلي تي اچي ڳائيندا هئا. استاد موج علي بادشاهه سان پريت جا پيچ هُئن. ادي ڪالي چرن جيڪا سائين موج علي بادشاهه جي ڪڙيءَ جي ڳائڻي هئي، اها ته ست ڦيرا ڏئي اچي موج علي بادشاهه جي پيرن ۾ ويٺي.چيائين ”لاهور نهين جائونگي“ سڄي ڄمار سائين موج علي بادشاهه سان گڏ گذاريائين. جڏهن سائين موج علي بادشاهه ڳائيندو هو، ته غلام مصطفيٰ جمعدار ۽ خان صاحب جهان خان گوپانگ جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ٿي ويندو هو. چوندا هئا ”اسين وڏا خوش نصيب آهيون، جو موج علي بادشاهه جا سازندا آهيون.“ اها محفل رات ڏهين يارهين وڳي تائين هلندي هئي. استاد پيرل قنبر متضاد غزل جي پيشڪش جو بادشاهه هو. استاد جي غزل جو معراج متضاد تخيل آهي. چنڊ جي تون روشني سان جهول ڀر، مون کي ٻُڪ ۾ يار! ٽانڊاڻو ته ڏي! يا ويڄن جو در وٺان يا تنهنجي خاڪ پا وٺان! هن درد نامراد جي ڪنهن کان دوا وٺان؟ منهنجي مٿي تي گر هجي خود مختياري تاج، سارو لُٽي خزانو مان اک جي ادا وٺان. هر آدمي جي دل ٿو ڏسان آهي داغ داغ! ڪنهن سان مٽائي پنهنجي مان قسمت قضا وٺان! اهڙو ته ڪاروبار ڪڏهن مون نه آ ڪيو، وڪڻي ثنا ٻهر جي گهر جي گلا وٺان! جنهن کي خوشي سان دوستو! پالي نه مان سگهان، زلفن جو وٺان نانگ يا اک جي بلا وٺان! اڳ ۾ اکيون ملائي مان پارت ٿو پو ڪيان، هڪ وقت ۾ ٿو درد ۽ ان جي دوا وٺان! پيرل قنبر کي تون ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد! مٽي جي بت جي تو کان مان ڪهڙي بها وٺان! استاد پيرل قنبر جو متضاد تخيل، سنڌ ۾ ڪن ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيو هوندو. استاد جي هڪ مصرع ۾ هڪ خيال ۽ ٻي مصرع ۾ ٻيو خيال، جهڙو ڪر سوالن ۽ جوابن جي نشست ٿي هلي، آءٌ، ته ان جي گهر جو ڀاتي هئس، آءٌ ايئن ڪڏهن به نه چوندس استاد منهنجي گهر جو فرد هو، اها استاد جي شان ۾ گُستاخي چئبي،استاد پيرل قنبر جا ٻه روح رتن شخص ها، هڪڙو هو چاچا آندل خان مغيري، محمد پناهه جو والد صاحب، ٻيو چاچا مينهل خان هڪڙو، هفتن جا هفتا اچي وٽس رهندا هئا. پوءِ دودو چنيسر جو منظوم داستان ۽ ٻيا قصا ڪهاڻيون ٻڌائي پيا استاد جي دل وندرائيندا ها. سندن ظريفانا گفتا استاد کي پسند هوندا هئا. انهن جا ساز سرود به استاد جي ڪمري ۾ رکيل هوندا هئا. پاڻ به استاد سان گڏ رهندا ها. ڳوٺاڻي ڪچهري جو اصل روپ استاد جي ڪچهريءَ مان پسبو هو. استاد جو ڪمرو جهڙوڪر ڪنهن رڄ زميندار جي اوطاق هئي. سگهڙ دوستن مان الهرکيو مغيري، گلڻ ڪوري،سرور ڀٽي، بنگل چانڊيو، حيات رئيس عيدن خان مغيري، رحيم بخش ڏهوٽ، محمد عرس بليدي، استاد عبدالواحد بليدي جهڙا ملوڪ مرد ڀي وٽس ڀيرا ڀڃيندا ها. استاد ميهر مجاهد جي سيلون تي شاعرن ۽ سگهڙن جا ميلا متل هوندا ها. استاد پيرل قنبر سڀني جي وچ ۾ اظهر من الشمس هو. استاد جي هم عصر دوستن ۾ گل حسن گوپانگ شاد، غوثل گوپانگ، مينهل خان گوپانگ، گل محمد گل ٻيرائي، سائين نذير احمد نورياڻي جهڙا استاد شاعر صحبتي ها. 1985ع جون ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙي جي ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو سون. جنهن ۾ سائين عظيم سومرو، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو، مجيد منگي، محبوب رڪ راهوجو، محمد ملوڪ گوپانگ، سائين ميهر مجاهد جن بنيادي ميمبر هئا سون. ادبي سنگت ۾ به استاد جي شرڪت اسان لاءِ فخر جو باعث هئي. گڏجاڻي کان پوءِ وري محفل مچندي هئي، استاد ڪا طرح ڏيندو هو، اسين ان تي طبع آزمائي ڪندا هاسين. جن دوستن ۾ علي آڪاش، استاد گل حسن گوپانگ شاد، قاسم راهي، استاد ميهر مجاهد ۽ ٻيا دوست حصو وٺندا هاسين. خاص ڪري قاسم راهي مصرع کي هزل ۾ نڀائيندو هو، کلڻ جا هوڪرا هوندا ها. استاد پيرل قنبر به انعام قاسم راهيءَ کي ڏيندو هو، سائين شاد صاحب بنهه ناراض ٿي ويندو هو. استادکيس اڃان به ٽيز ڪرڻ لاءِ چوندو هو! تون اهڙو شعر لکي سگهندين! پوءِ ته سائين وڌيڪ ناراض ٿي وڃڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو هو. اسان سڀئي کيس ايلاز منٿ ڪري پرچائي وٺندا هاسين. هڪ ڀيري سيد گل محمد گل بخاري جن نعتيه مشاعرو سڏايو، جنهن جي صدارت هئي سائين قمر لاکي جن کي، استاد چيو، ”ملن کي نعت لکڻ ئي نه ايندي آهي، آءٌ هلي ڇا ڪريان! گل محمد شاهه کي چئجو ته رات غزل جو مشاعرو سڏائي ته آءٌ ضرور شرڪت ڪندس. ها پر اوهان ماني واپس هتي کائجو.“ سائين شاد صاحب آءٌ ۽ ڪجهه ٻيا دوست نعتيه مشاعري لاءِ ويا سين، استاد جي راءِ به سيد گل محمد شاهه کي ٻڌائي سين. سيد هاڪار ڪئي، رات جو غزل جي مشاعري جو ڀرپور اهتمام ڪيو ويو، سائين قمر لاکو ڏاڍو خوش ٿيو. استاد پيرل قنبر جي شرڪت لاکي صاحب کي بهار بهار ڪري ڇڏيو. سائين پيرل هڪ ڏاتار انسان هو، روزانو پاڙي جي ننڍن ننڍن ٻارن کي روپيو خرچي ڏيندو هو، سائين جي رٽائرمنٽ واري پگهار ته پندرهن ڏينهن ۾ پوري ٿي ويندي هئي. پوءِ عبدالله شاهه اطهر کي چوندو هو وڃ جبار کان پنج سَوَ روپيا وٺي اچ! عبدالجبار شيخ عريضي نويس جهڙوڪر سائين پيرل قنبر جي بينڪ هو. مون کي اها خبر بنهه ناهي ته سائين اهي پئسا واپس ڪندو يا نه. اها خبر هڪ جبار کي ۽ ٻيو استاد پيرل قنبر کي. شهدادڪوٽ جي دوستن استاد سان رهاڻ رچائي انهن استاد جي فرمائش تي کيس سونو تاج پهرايو، پر سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي رهاڻ قبول نه ڪيائون ڇو ته تنقيدي مقالن کان بنهه لهرائيندو هو. استاد تنقيد جي دنيا جو ماڻهو نه هو. هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ شايد 1988ع ۾ ادي وينا شرنگي انڊيا کان پاڪستان آئي هئي، شهدادڪوٽ ته ادي وينا جي جنم ڀومي آهي. ڪانفرنس کان ٿي ادي وينا شهدادڪوٽ پهتي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادڪوٽ پاران ادي وينا شرنگيءَ سان رهاڻ ۽ ادبي مشاعرو منعقد ڪيو ويو، سائين احمد علي صابر جن وڏو اهتمام ڪيو هو، جنهن پروگرام ۾ ٽيبلا وغيره به هئا. ان پروگرام جي صدارت سائين پيرل قنبر جن کي هئي. ادي وينا شرنگي کي ڀرپور ادبي ڀيٽا پيش ڪرڻ کان علاوه لاجواب مشاعرو هو. جنهن ۾ ادي وينا به پنهنجو شعر پيش ڪيو هو. ان مشاعري ۾ پورو ڪلاڪ ادي وينا شرنگي جي فرمائش تي استاد پيرل قنبر کي ٻُڌو هو سون. ننڍڙن ٻارن جا ٽيبلا به لاجواب ها. ڇو ته سائين احمد علي صابر خود ڊراما سوسائٽي جو ماڻهو آهي. ان جي چونڊ ۽ ڊاريڪشن جو جواب ناهي. پر کير واري ٽيبلو حقيقت م هڪ شهڪار ٽيبلو هو، کير واري جو هوڪو هو ”کيرُ، کيرُ وٺ! کيرُ“ هوڪا ڏيندو مهمانن جي سامهون اچي چيائين کير نه ٿا وٺو ته اوهان جي مٿان ٿو هاريان. گلن کان ڀريل بالٽي ڇنڪار واري نموني کڻي اسٽيج تي اُڇلايائين، سائين پيرل قنبر ۽ ادي وينا شرنگي جن جي پٺيان دوست نه هجن ها ته ڇرڪ ۾ اسٽيج تان هيٺ وڃي پون ها. عجيب ۽ حيرت ڪن منظر هو. اسان جا ٻئي حساس ترين شاعر في الحال ته تحير ۽ عبرت ۾ وڪوڙيل ها. پاڻ سنڀالڻ پڄاڻا وري ٽهڪن مٿان ٽهڪ ها. ڪڏهن به نه وسرڻ جهڙو ٽيبلو هو. فنڪار جي فن جو مثال ئي ناهي. اهڙي گلن جي ورکا جيڪا پهريان هراس ڏياري ڇڏي ۽ پوءِ خوشيون ۽ کلون هجن. استاد پيرل قنبر ڀيد ڀاو ۽ ذات پات جي اوچ نيچ کان گهڻو مٿي هو. استاد جو هي ڀڄن ته ڏسو! جپ تون جپ تون، گروءَ جو نام، ست گُر ست گُر سندر شيام! استاد کي ڪيتروئي الستي خيالن ۾ محو ۽ مستغرق حالت ۾ ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. استاد شهدادڪوٽ کان قنبر آيو. استاد سياري جي موسم ۾ وهنجڻ گهٽ پسند ڪندو هو. استاد ميهر مجاهد، ڀاءُ عبدالمجيد کٽي، احمد علي ابڙو ۽ آءٌ ساڻس ملياسون. شيوَ وڌيل، ڪپڙا ميرا، پير صفا ڇوڏا، جهڙوڪر ڪو مجذوب درويش اسان جي روبرا ويٺو هو. ڀائو عبدالحميد ۽ مون کي هڪڙي سازش سجهي آئي، سو ڪپڙن کي وَٽَ ڏيڻ وارو پاڻي کڻي ڀائو حميد مٿس وڌو، پوءِ ته استاد ٻئي هٿ کڻي حميد ڏانهن سڌا ڪيا، مون استاد کي ڀاڪر ڀري کڻي استاد ميهر واري سيلون جي ڪرسيءَ تي ويهاريو، استاد ميهر به دير ئي نه ڪئي، کڻي استاد جي شيو ڀڄائي صابڻ هڻڻ شروع ڪيائين. وار، شيوَ ٺاهي استاد ميهر کڻي کيس مَنُ ڪيو. سائينءَ کي ٽهڪن جي گونج ۾ وٺي نيئي حمام تي تڙ ڪرايو سون. ڀائو عبدالحميد وٽ استاد جا پنج پنج، ڏهه ڏهه جوڙا پيا هوندا ها، ان ڪپڙا ٺاهي اڳٺ پائي، استاد کي پهرايا. پوءِ ڀائو نورل جي فوٽو گراف وٽان گروپ فوٽو ڪڍرايو سيون. استاد سان هزارين حجتون هيون. نه هڪ نه ٻه. شهدادڪوٽ جي شاگردن ۽ دوستن ۾ استاد گهڻو ڪم ڪيو. سائين احمد علي ”صابر“ چانڊيو، فضل حيدري، ڀائو ضمير کرل، سائين عبدالله شاهه اطهر، رستم چانڊيو ۽ ٻيا به الاهي دوست استاد جا شاگرد رهيا. دوستن ۾ سائين اسلم خان شيخ سب جج تنهن ويل، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، جبار عرف عام ۾ هونئن عبدالجبار شيخ عريضي نويس. الائي ڪيترن دوستن جا نالا ئي وسري ويا آهن. سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران سعيد ميمڻ سان رهاڻ رچائي سون، ان پروگرام جي صدارت شايد استاد پيرل قنبر جن ڪئي هئي. خاص مهمانن ۾ ۽ محفل جو مور سعيد ميمڻ هو، اعزازي مهمانن ۾ سائين پيرل قنبر جا هم عصر دوست سائين نذير احمد نورياڻي، سائين گل حسن گوپانگ شاد، جن ها. ضلع ليول جو پروگرام هو، ضلعي لاڙڪاڻي جا اڪثر شاعر سڏايا هئا سون استاد ٻه اڍائي ڪلاڪ ته آرام سان ويٺو رهيو، تهان پوءِ مون کي گهرائي موڪل وٺي هليو ويو. گهڻو وقت ويهي نه سگهيو. استاد مقالن جي ڪري خفي ٿيو. نثر کي پاڻ پسند نه ڪندو هو، توڻي جو اهو تاريخي مشاعرو به هو ۽ سعيد صاحب جي فني خدمتن جي مڃتا جو پهريون، پر اعليٰ پروگرام هو. استاد سان ويجهو رهڻ ڪري ان جي طبع ۽ مزاج کان چڱي پر واقف هاسين. تنهن ڪري اسان کيس روڪي نه سگهياسين. جڏهن ته ضلعي لاڙڪاڻي جي سڀني سنڌي ادبي شاخن جا دوست آيل ها. سائين گل حسن گوپانگ شاد جن جي ڪتاب ديوان شاد 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڇپيو هو، سائين منير سولنگي ان ڪتاب تي تنقيد ڪئي هئي. هڪ روايتي ديوان تي سائين منير جي جديد فلاسافي واري تنقيد هئي. ۽ تنقيد ۾ ڪجهه ناشائستگي به ڪئي وئي هئي. سائين گل حسن گوپانگ شاد اها تنقيد کڻي سڌو وڃي استاد پيرل قنبر جن وٽ پهتو. ٻنهي دوستن جي راءِ اها بيٺي ته سائين منير تي هتڪ جو ڪيس داخل ڪجي. ان ڏينهن ۾ اسلم خان شيخ سب جج شهدادڪوٽ هو. سائين جبار شيخ عريض نويس جي قانوني درخواست سان شاد صاحب ڪيس داخل ڪيو. سڄي سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن ۾ چـؤٻول پئجي ويو. سائين منير، سائين سرڪش سنڌي ۽ هن ناچيز بندي جي گڏيل راءِ اها بيٺي ته سائين شاد صاحب کان معافي وٺجي مسئلو حل ڪجي. ٻنهي دوستن جي صلاح اها بيٺي ته سڀ کان پهريان آءٌ وڃي سائين پيرل قنبر جن کي عرض ڪريان ته هو، سائين شاد صاحب کي صلح لاءِ راضي ڪري. تنهن کان سواءِ اسلم خان جيڪو سائين جو پرستار ۽ دوست هو، ان سان به ملجي. مشورو ڪري پوءِ فون تي سائين منير کي ٻڌائجي ته ڪهڙو جواب مليو. حاضريءَ کان هڪ ڏينهن پهريان آءٌ سائين پيرل قنبر جي خدمت ۾ پهتس. سڄواحوال عرض رکيم. سائين پيرل چيو ته ها. اوهان فون ڪري منير کي ٻڌايو، آءٌ اسلم خان کي شام جو روز ايندو آهي، چئي ڇڏيندس. صبح جو شاد صاحب به حاضريءَ تي ايندو، ان کي به راضي ڪري وٺبو، پنهنجي ڳالهه آهي. صبح جو سائين سرڪش سنڌي، منير سولنگي ۽ سائين امام راشدي به اچي شهدادڪوٽ پهتا، آءٌ به قنبر کان شهدادڪوٽ پهريائين پهچي ويو هئس. شاد صاحب ۽ سائين پيرل قنبر حاضري جي تاريخ ورتي، ته جيئن اسين ۽ سائين منير، سائين سرڪش سنڌي سائين شاد صاحب کي قنبر ان جي گهر وڃي پرچايون ۽ معافي وٺون. اسين ڪورٽ کان ٿي سڌا اچي سائين پيرل قنبر وٽ پهتاسون. سائين ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ها ڪيس ۾ ڏاڍا خراب ٿيون ها. مون هن ڇوري کي چئي ڇڏيو آهي. اوهين ان جي اوطاق تي وڃي ڪنڌ ۾ ڀاڪر پايوس، خير آ. منجهند جي ماني لاءِ سائين گهڻو زور ڀريو، پر اسان جي ماني قنبر ۾ ٿيل هئي. سائين کان موڪلائي سڌا قنبر اچي پهتاسين، ماني کائي وڃي شاد صاحب کان معافي ورتي سون. مسئلو حل ٿي ويو. سائين پيرل قنبر هڪڙي ڳالهه ڪئي ته مون پڇيو شاد صاحب کان ته جرماني جا اوهان کي گهڻا پيسا ملندا؟ شاد صاحب چيو ”ٻه اڍائي لک ته ملندا“ مون چيومانس انهن پئسن مان اڌ پيسا مون کي ڏجان. اوهان ته سڄو منصوبو ئي اونڌو ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه تي ڏاڍا کلياسين. رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ جڏهن به در کڙڪندو هوته سمجهندو هئس ته هڪ ته استاد پيرل هوندو، يا خدا خير ڪري منهنجو ڪو ڳوٺاڻو مائٽ هوندو، ڪا بڙي بيماري ٿي هوندي. يا ڪنهن کي ڪک سنگهيو هوندو. اڪثر ڪري استاد پيرل کي اونهاري جي موسم ڀانءِ نه پوندي هئي. در کوليندو هوس ته استاد چوندو سرمد ڪمري جو دروازو کول ڪمري جو دروازو کولي بلب ٻاري عزيز کي اٿاري ايندو هوس. عزيز نلڪي مان پاڻي جون بالٽيون ڀري ڏيندو ويندو هو، آءٌ اهي بالٽيون استاد جي مٿان پرٽيندو ويندو هئس. ٽيهارو کن بالٽيون جڏهن استاد تي پلٽي چڪو هوندس. پوءِ وڃي استاد ٿڌو شوڪارو ڀريندو هو. چوندو هو سرمد هاڻي بس. پوءِ چوندو ”سرمد جن جاين ۾ سڄي ڄمار گذاريم هاڻي انهن جاين ۾ منهنجو ساهه ٿو گهٽجي.“ پوءِ هنڌ بستري جو بندو بست ڪري دنگ ڪندس ته پڇندو! ”سرمد چانهه ملندي!“ پوءِ چانهه ٿيندي، استاد سان گڏ جي چانهه پيئبي هئي. تيسين رات جو هڪ ڏيڍ وڄي ويندو هو. استاد چوندو سرمد هاڻي اوهان وڃي آرامي ٿيو، عزيز هت مون وٽ هجي. استاد اسان تي سدائين مهربان رهيو. 24 ڊسمبر 1994ع جو دک دائڪ ڏينهن آءٌ ڪنهن ڪم سانگي لاڙڪاڻي آيو هوس، پر تڪڙو موٽي قنبر پهتس ته گهر وارن استاد جي دائمي وڇوڙي جي خبر ٻڌائي، سو شهدادڪوٽ لاءِ روانو ٿيس. انتها درجي جو صدمو هو، پر برداشت ڪرڻو پيو. پنهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نه پئي آيو، آءٌ قبرستان ڏي روانو ٿيس قبر تيار هئي. اڌ ڪلاڪ ۾ سائين جي ميت کي کڻي دوست اچي مصري شاهه واري قبرستان تي پهتا. استاد موصوف کي لحد ۾ هن بندي پنهنجي هٿن سان جاءِ ڏني. ڌڻي تعاليٰ استاد کي مرهي آمين.