الطاف حسين صاحب جوبيان پاڪستان جي 19 ڪروڙ عوام جي زخم تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي رسول بخش پليجو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    _
    قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ ناليواري دانشور رسول بخش پليجو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 1940ع جي قرارداد جي تحت وجود ۾ آيو، جنهن قرارداد ۾ واضع لکيل آهي ته ملڪ ۾ شامل صوبن کي مڪمل خود مختياري ڏني ويندي، پر ان جي باوجود انهن جا حقن ۽ وسيلن تي ڌاڙو هنيو ويو، خصوصاَ سنڌ تي هڪ جارحاڻي طو قبضو ڪيو ويو آهي، ائين لڳي ٿو ته سنڌ کي غلام بڻائي لٽڻ وارن ارغونن، ترخانن، حملا آورن جي دور ۾ واپس اچي ويئي هجي، هن سلوڪ جي ڪري اڳيان هلي ڪري اڌ ملڪ ٽٽي ويو، پر اهو سلسلو زور شور سان جاري آهي، هاڻي صورتحال هي آهي ته نه فقط صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي بلڪه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين جيڪي قومي وحدتون موجود هيون ان ۾ باقي جي وجودن کي خطره لاحق ٿي ويا آهن ۽ ان صوبن جي تاريخي قومن جي ٻولي، ثقافت ۽ تمدن خطري ۾ آهي. قومي عوامي تحريڪ سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ رهندڙ امن پسند ماڻهن جي وچ ۾ ڀائيچارو ۽ اخوت چاهي ٿي، پر ورهاڱي جي وقت سامراج جي پاليل دهشتگرد سنڌ تي نازل ڪيا ويا، انهن ئي سنڌي قوم کي هڪ لمحو به امن سان رهڻ نه ڏنو، هزارين سنڌي ٻاهرين دهشتگردن جي هٿان قتل ٿيا ۽ ڏوهارين مان ڪنهن به هڪ ڏوهاري کي سزا نه ملي، هن دور جي عالمي سياسي صورتحال جي حقيقت جي آگاهي رکندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته ٽيئن دنيا جا اڪثر ملڪن جي طرح پاڪستان ۾به اقتدار نالي ماتر رهواسين جي هٿن ۾ آهي، اصل طاقت سامراج جي دادلن دهشتگرد گروپن جي هٿن ۾ آهي، جن کي ڪو به حڪمران هٿ نه ٿو لڳائي سگهي. سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي تي قبضو سامراج جي طرفان انهن جي دادلي دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جي هٿن ۾ آهي، جيڪي اڄ تائين هزارين سنڌ جي رهواسين کي موت جي اڏي تي چاڙهي چڪا آهن. انهن جي سربراهه جو تخت گاهه لنڊن آهي، جتان کان هو پنهنجون ڪارروايون ڪندو رهندو آهي، ايم ڪيو ايم جو سربراهه جناب الطاف حسين صاحب جن عالمي سامراجي قوتن جي اشاري تحت پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ٻيڙو سر تي کڻي رکيو آهي اهو هر ٻئين ٽئين مهيني کان پوءِ پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ سنڌ صوبي جي وحدت خلاف نفرت ۽ لسانيت تي ٻڌل بيان ڏيندو رهندو آهي ۽ ان کان پوءِ عوامي دٻاءُ ۽ احتجاج تي هو پنهنجو بيان الطاف حسين صاحب واپس وٺي ٿو ۽ معذرت ڪندو آهي ۽ اصل منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هرگز نه هو، رسول بخش پليجو چيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ ۾ الطاف حسين صاحب جڏهن سنڌ جي وجود تي وار ڪري سنڌ کي ٽوڙڻ واري مطالبي وارو بيان ڏنو هو ته قومي عوامي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ وسيم اختر، ڪنور نويد جميل، زبير احمد، ارباب غلام رحيم کي گڏ وٺي ڪري اسان وٽ پليجو هائوس ڊي ٽين قاسم آباد حيدرآباد ۾ تشريف کڻي آيا ۽ ميڊيا جي سامهون الطاف حسين صاحب جي تقرير پڙهي ڪري ٻڌائي ته اسان سنڌ جا وفادار پٽ آهيون ۽ سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ سنڌ جو ورهاڱو نه ٿا چاهيون ۽ سنڌي عوام کان معذرت خواه آهيون. اسان هي واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي ملڪ 1940ع جي قرارداد تحت وجود ۾ آيو جنهن قرارداد ۾ ڪٿي به ڪو نه لکيو ويو آهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ملڪ ۾ شامل ايڪائين کي ورهايو ويندو ۽ جن صوبن هن ملڪ کي ٺاهيو ان ايڪائين جي وجود کي خطري ۾ وڌو ويندو. الطاف حسين جو 20 صوبن جو تازو مطالبو نه صرف 1940ع جي قرارداد جي سراسر خلاف آهي بلڪه توهين آميز ۽ ملڪ جي سالميت جي خلاف به آهي، هن تقرير ۾ بلوچستان جي مثال ڏيڻ به بلوچن جي جذبات جي توهين آهي ته آسٽريليا ۽ چين جا صوبا بلوچستان کان به وڏا ۽ سوين سالن کان قائم آهن. رسول بخش پليجو صاحب وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ شديد بحرانن جي گهيري ۾ ڦاٿل آهي، پنجاب ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڳوٺ ڊهي پٽ ٿي چڪا آهن، لکين متاثر عورتون، ٻار، پوڙها بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ٻي طرف اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي ڪري افراتفري ۽ ڪشمڪش جاري آهي، فوج انتهاپسندن جي خلاف ضرب عضب آپريشن ۾ مصروف عمل آهي، لکين آءِ ڊي پيز دربدر آهن، ڪراچي ۾ امن امان جي صورت بدستور خراب آهي، ٿر ڏڪار جي گهيري ۾ آهي، هن صورتحال ۾ الطاف حسين صاحب جوبيان پاڪستان جي 19 ڪروڙ عوام جي زخم تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. ايم ڪيو ايم جو ڪردار 88 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڇا آهي؟ اهو پاڪستان جو هر هڪ باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو، ايم ڪيو ايم ڪڏهن پختونن، ڪڏهن سنڌين، بلوچن، سرائڪين، پنجابين، ڪڏهن سني تحريڪ، پيپلز پارٽي، پيپلز امن ڪميٽي، بزرگ ڪميٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف، حقيقي، جماعت اسلامي، پاڪستان مسلم ليگ نواز، فنڪشنل ليگ سان ٽڪراءُ ۾ رهندي آهي ان جي تشدد واري سياست جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ سنڌين، پنجابين، پختونن، سرائڪين، بلوچن، هزاره، ڪشميرين جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري ڪراچي کان پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موڪليا ويا آهن. قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته جيئن ماڊل ٽائون لاهور جي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي آهي، اهڙي طرح 12 مئي، 22 مئي، 18 آڪٽوبر جڏهن اسٽريٽ لائيٽون بند ڪري شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو ڪيو، 9 اپريل، نشتر پارڪ، وڪيل، شيعا ۽ سني اڳواڻن، شهيد غزاله بتول، عبدالستار انڙ، سرور بلوچ، اعجاز بلوچ، شبير بليدي، شهادت جروار جي قتل سميت ڪراچي ۾ تمام دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگردن تي ايف آءِ آر داخل ڪري دهشتگردن کي گرفتار ڪري ميڊيا جي ذريعي پاڪستان جي عوام جي اڳيان پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن ۽ ثابت ٿيڻ تي کين ڦاسي ڏني وڃي. ڊاڪٽر پرويز محمود، زهرا شاهد، ڊاڪٽر عمران فاروق، عظيم الدين طارق، حڪيم سعيد، صلاح الدين، منور سهروردي، عبدالله مراد بلوچ، ولي خان بابر جي قاتلن کي سزاءِ موت ڏني وڃي. قومي عوامي تحريڪ برطانيا سرڪار کان سوال ڪري ٿي ته برطانيه يا پاڪستان جي شهري کي اجازت ڏيئي سگهي ٿي ته هو پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ ويهي ڪري برطانيه جي سياست ۾ مداخلت ڪري ۽ برطانيه ۾ لساني تخريبڪاري، منافقت ڦهلائڻ واري معتصب سياست جي لاءِ پنهنجي ٽولي کي ڀڙڪائي جنهن طرح برطانيه جي شهري الطاف حسين پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪري رهيو آهي؟ قومي عوامي تحريڪ برطانيه سرڪار کان مطالبو ڪري ٿي ته الطاف حسين کي پاڪستان دشمن، سنڌ دشمن، لساني ۽ تشدد ڦهلائڻ وار خطاب، پريس ڪانفرنسن تي پابندي لڳائي ۽ ان تي قانوني ڪارروائي ڪري، ان سان گڏ قومي عوامي تحريڪ جو هي پختو موقف آهي سنڌي ۽ محب وطن پاڪستاني ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي به سنڌ جي وجود، جاگرافيائي نقشي کي تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، نه ئي ان کي عالمي طاقتن جي ڪالوني بنجڻ ڏيندي، بهرحال جنهن جنهن ماڻهو کي سنڌ جو جاگرافيائي نقشو پسند نه آهي ته هو ڀلي جتان کان آيو آهي هوڏانهن واپس هليو وڃي، اسان هي وضاحت ڪيون ٿا ته موهن جو دڙو، شاهه لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، ڪنور ڀڳت، درياءَ خان، هوشو، هيمون، دودو، مارئي، مائي بختاور، روپلو ڪولهي جي سنڌ مال غنيمت نه آهي، جنهن جي متعلق ٽوئيٽر تي توهين آميز انداز ۾ نعريبازي، مصنوعي خوفناڪ، خونريزي، ٽڪراءُ جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. رسول بخش پليجو چيو ته قومي عوامي تحريڪ الطاف حسين جي ملڪ دشمن سياست ۽ بيانن کي سنڌ ۽ پاڪستان جي وجود ۽ سالميت جي خلاف وار سمجهي ٿي. قومي عوامي تحريڪ اسان جا با شعور ۽ انصاف پسند اردو ڳالهائڻ وارن ڀائرن ۽ ڀيڻن کان اميد رکي ٿي ته هن صورتحال تي انصاف پسندانه غور ڪندا ۽ سنڌ ۾انتشار، خانه جنگي ۽ ٽڪراءَ جي منصوبن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. قومي عوامي تحريڪ جو الطاف حسين جي توهين آميز بيان تي احتجاج ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، دانشورن، فنڪارن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، مزدورن، هارين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، استادن ۽ شاگردن سان مشوره جاري آهن ۽ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪز الطاف حسين جي مذڪوره سنڌ دشمن، ملڪ دشمن بيانن تي ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال، مختلف شهرن ۾ قومي شاهراهن کي بلاڪ ڪرڻ، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڪراچي ۾ برطانيه جي سفارخاني اڳيان احتجاج، سمورين سياسي پارٽين، اديبن ۽ دانشورن جي اي پي سي ۽ ٻين آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي، اسان ڪو به جذباتي قدم کڻي ڪري الطاف حسين صاحب جي هن عوام دشمن ناپاڪ مشن کي طول ڏيڻ نٿا چاهيون، اسان پرامن ماڻهو آهيون، اسان ڪڏهن به ٽي وي ۽ فرج وڪڻي ڪري موتمار هٿيار خريد ڪرڻ جي اپيل ناهي ڪئي، ميجر ڪليم کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو نه بڻايو آهي، ڊرل مشينن سان انساني جسمن ۾ سوراخ نه ڪيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي کاري سوڍا وارو پاڻي ناهي پياريو، ٽارگيٽ ڪلنگ ناهي ڪئي، صحافي اغوا ڪري قتل ناهن ڪيا، اسان ايم ڪيو ايم ۾ ويٺل سياسي عنصرن ۽ سمجهدار ماڻهن کي مشورو ڏيون ٿا ته اهي الطاف حسين صاحب کي پنهنجي هر پندرنهن ڏينهن کان پوءِ جاري ٿيڻ واري عوام دشمن بيانن کي روڪين، اسان سنڌ ۽ ملڪ جي عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي پنهنجي صفحن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ ملڪ ۾ هڪ نئين اسرائيل ٺاهڻ جي منصوبي کي ناڪام بڻائين. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي کان به مطالبو ڪري ٿو ته هو هن حڪومت جي اتحادي پارٽي جي هن موقف جي وضاحت ڪري ۽ ان کي سنڌ ۾ ملڪ جي خلاف سازشن کي روڪي. اسان حڪومت پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان به مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ خانه جنگي جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ مصروف نسل پرست، دهشتگرد ٽولي تي پابندي لڳائي وڃي. قومي عوامي تحريڪ اميد ڪري ٿي ته 19 ڪروڙ پاڪستاني، ملائيشيا، ترڪي ۽ متحده عرب امارات جهڙن مسلمان ملڪن ۽ چين، برازيل، انڊيا ۽ سائوٿ آفريڪا جي طرح هم آهنگي ۽ مستقل مزاجي سان ترقي جو سفر جاري رکن. ڪرپشن، لاقانونيت، ڌانڌلي ۽ انتهاپسندي دهشتگردي کي شڪست ڏين. رسول بخش پليجو صاحب چيو ته اسين مطالبو ڪريون ٿا ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ ۽ ملڪ ۾ خانه جنگي جو منصوبو ۽ مليٽنسي ختم نه ڪري ته ان تي بندش وڌي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ جيڪڏهن محبت ۽ امن سان هتي رهي ٿي ته ٺيڪ آهي نه ته جتان کان آيا آهن انهن کي اتي پنهنجي اصل وطن جي طرف روانو ڪيو وڃي، واضع رهي ته اڪثر ملڪن ۾ جڏهن بد نظمي ۽ قتل و غارت جي ڪري ڪجهه ماڻهو پنهنجو وطن ڇڏي ڪري ٻين هنڌن تي وڃڻ تي مجبور ٿين ٿا ته جڏهن حالات سازگار ٿيندا آهن ته اڪثر حالتن ۾ وطن مان نڪتل اهي ماڻهو واپس پنهنجي وطن ۾ ايندا آهن، هتي به ضرورت پوڻ تي هي ٿي سگهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو