رسول بخش پليجو : سربراهه قومي عوامي تحريڪ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته جيئن ماڊل ٽائون لاهور جي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي آهي، اهڙي طرح 12 مئي، 22 مئي، 18 آڪٽوبر جڏهن اسٽريٽ لائيٽون بند ڪري شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو ڪيو، 9 اپريل، نشتر پارڪ، وڪيل، شيعا ۽ سني اڳواڻن، شهيد غزاله بتول، عبدالستار انڙ، سرور بلوچ، اعجاز بلوچ، شبير بليدي، شهادت جروار جي قتل سميت ڪراچي ۾ تمام دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگردن تي ايف آءِ آر داخل ڪري دهشتگردن کي گرفتار ڪري ميڊيا جي ذريعي پاڪستان جي عوام جي اڳيان پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن ۽ ثابت ٿيڻ تي کين ڦاسي ڏني وڃي. ڊاڪٽر پرويز محمود، زهرا شاهد، ڊاڪٽر عمران فاروق، عظيم الدين طارق، حڪيم سعيد، صلاح الدين، منور سهروردي، عبدالله مراد بلوچ، ولي خان بابر جي قاتلن کي سزاءِ موت ڏني وڃي. قومي عوامي تحريڪ برطانيا سرڪار کان سوال ڪري ٿي ته برطانيه يا پاڪستان جي شهري کي اجازت ڏيئي سگهي ٿي ته هو پاڪستان جي ڪنهن به شهر ۾ ويهي ڪري برطانيه جي سياست ۾ مداخلت ڪري ۽ برطانيه ۾ لساني تخريبڪاري، منافقت ڦهلائڻ واري معتصب سياست جي لاءِ پنهنجي ٽولي کي ڀڙڪائي جنهن طرح برطانيه جي شهري الطاف حسين پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪري رهيو آهي؟ قومي عوامي تحريڪ برطانيه سرڪار کان مطالبو ڪري ٿي ته الطاف حسين کي پاڪستان دشمن، سنڌ دشمن، لساني ۽ تشدد ڦهلائڻ وار خطاب، پريس ڪانفرنسن تي پابندي لڳائي ۽ ان تي قانوني ڪارروائي ڪري،
    رسول بخش پليجو : سربراهه قومي عوامي تحريڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو