اسين مطالبو ڪريون ٿا ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ ۽ ملڪ ۾ خانه جنگي جو منصوبو ۽ مليٽنسي ختم نه ڪري ته ان تي بندش وڌي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ جيڪڏهن محبت ۽ امن سان هتي رهي ٿي ته ٺيڪ آهي نه ته جتان کان آيا آهن انهن کي اتي پنهنجي اصل وطن جي طرف روانو ڪيو وڃي، واضع رهي ته اڪثر ملڪن ۾ جڏهن بد نظمي ۽ قتل و غارت جي ڪري ڪجهه ماڻهو پنهنجو وطن ڇڏي ڪري ٻين هنڌن تي وڃڻ تي مجبور ٿين ٿا ته جڏهن حالات سازگار ٿيندا آهن ته اڪثر حالتن ۾ وطن مان نڪتل اهي ماڻهو واپس پنهنجي وطن ۾ ايندا آهن، هتي به ضرورت پوڻ تي هي ٿي سگهي ٿو.