دبگير مسجد ٺٺو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام مصطفيٰ سولنگي
    [​IMG]
    ٺٽي جي قديم اسلامي يادگار مسجدن ۾ دبگير مسجد کي اڏواتي فن ۽ ان جي تاريخي حيثيت سببان گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو.هيءَ مسجد ٺٽي شهر جي پراڻي ۾ پراڻي مسجد آهي. جيڪا هن وقت زبون حالت ۾ موجود آهي. ناليواري پرڏيهي عالم ۽ قديم آثارن جي ماهر هينري ڪزنس جو اهو رايو آهي ته هيءَ اها مسجد آهي، جنهن ۾ مغل شهنشاهه، شاههجهان نماز پڙهي هئي.

    دبگير مسجد کي ”دبگير“ ان ڪري چيو ويندو آهي، جو اها دبگير جي پاڙي ۾ هئي. هن وقت هيءَ مسجد شهر کان صفا ٻاهر آهي پر ڪنهن دور ۾ اها شهر جي وچ ۾ هئي. بعد ۾ سنڌو درياءَ ۾ آيل ٻوڏن جي ڪري پيدا ٿيل سم ۽ ڪلر، آبادي کي مڪليءَ طرف اچڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح هيءَ مسجد اڪيلي ٿي وئي.

    نوجوان اسڪالر ۽ تاريخ دان ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي تحقيق مطابق پنهنجي دور جو ها ڪارو عالم ۽ مفسر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هر جمعي تي هن مسجد ۾ خطبو ڏيندو هو. سندس اهو خطبو ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا. خطبي کان علاوه مخدوم صاحب هن مسجد ۾ ويهي فتوائون پڻ جاري ڪندو هيو.

    دبگير مسجد لاءِ چيو ويندو آهي ته اها خسرو خان چرڪس سن 1588ع ۾ ٺهرائي هئي. ان ڪري هن کي خسرو جي مسجد جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. خسرو خان چرڪس، چنگيز خان جي اولاد مان هيو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي مرزا عيسيٰ خان تُرخان وٽ پهچي ويو هو. جنهن کيس سنڌ ۾ وڏي حيثيت جو صاحب بڻائي ڇڏيو هو، جڏهن مرزا جاني بيگ پنهنجي صغير سن، پٽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو حڪمران بڻايو ته سندس صلاحڪارن ۾ خسرو خان چرڪس به شامل هيو. خسرو خان چرڪس کي عمارتن جوڙائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هيو. هن عوام جي فائدي واريون 360 عمارتون جوڙايون، جن ۾ مسجدون، مزارون، کوهه ۽ پُليون اچي وڃن ٿيون پر سندس ڇڏيل مکيه يادگار دبگير مسجد آهي.

    هيءَ مسجد پنهنجي اواڏتي سٽاءَ ۾ چئن ڪنڊن واري، يعني چوڪنڊي آهي. مسجد جي ڪُل ايراضي 48 ضربيان 98 فوٽ آهي. ڊگهو اڱڻ به اٿس. سنڌو درياءَ جي اُٿل کان بچاءَ لاءِ 1910ع ۾ مسجد جي اندرئين منڊپ ۽ ٻاهرئين اڱڻ ۾ مٽيءَ جو ڀراءُ وڌو ويو هو ۽ ان ڀراءَ مٿان پيلن پٿرن جي فرشبندي ڪئي وئي آهي. مسجد جا بنياد پٿر جا اوساريل ۽ تعمير سِرن سان ٿيل آهي.

    مسجد جي اندر قبي ۾ بنيادن تي مٿي ڪاشيءَ جي ٿاڦ ٿيل هئي پر اڄ اها غائب آهي ۽ ان جي جاءِ تي ڦِڪو پٿر ٿو نظر اچي. اندرئين منڊپ کي اوڀر کان ونگن سان ٽي ٿنڀا آهن ۽ مٿي وڃڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي. وچون ٻُنڀو ٻين کان ڪجهه موڪرو آهي پر ان جو مٿيون اولو ۽ در جو چوڪاٺو ختم ٿي ويا آهن. پاسن وارا ٻئي ٻُنڀا اوچي ونگ وارين هُرين ۾ کُلن ٿا. صفا مٿيون اولو اڃا بچيل آهي. ان ۾ سرن جي ڪَٽ ۽ ڪور جي ڪاريگري چٽي نظر اچي ٿي. جنهن جي سنڌن کي گهري نيري ڪاشيءَ جي پَٽِن سان ملايو ويو آهي. اوچي ونگ جي مٿان ليٽيل سنوت واري ٻاريءَ ۾ ڪاشيءَ تي قرآني آيتون لکيل آهن. ٻُنڀن جي وچ تي ونگ سان ڀت ۾ اندر بيٺل ٻاري آهي. جنهن کي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريو ويو آهي. ان جي ڪنارين کي سِرُن سان ڀريو ويو آهي. جنهن ۾ ڪُشادا موڙ آهن. جيڪي پنجن پنکڙين واري سفين گل وٽ ختم ٿي وڃن ٿا. انهن جو تَرُ هلڪو نيرو آهي. ٻاريءَ جي اندرئين پاسي ڏندائين ونگ آهي. جنهن جي هيٺ سفيد رنگ ۾ گڏ وِچڙ قسم جا وَلين جا موڙ آهن ۽ گهاٽو نيرو تَرُ اٿس. ان کان مٿان مانڌاڻيءَ طرز جي چترڪاري ٿيل آهي. وري هڪ گلدان مان ڪنهن گهاٽي ءَ وَلِ جا موڙ نڪرندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڄي ۽ کاٻي پاسي ساڳيءَ ريت ونگن سان ننڍيون ٻاريون نظر اچن ٿيون ۽ منجهس ساڳئي قسم جي پَن وَلِ واري طرز موجود آهي. انهن جي وچ ۾ وِٿيون اڌ گول دائرن وارن چِٽَن سان ڀريل آهن ۽ عشق – پيچان جي وَل ور ۽ وڪڙ کائيندي ڏيکاري وئي آهي. اجگر جهڙي ِچٽن واري هڪ طرز به موجود آهي، جيڪا ڪاشيءَ جي سرن جي اصليت ۽ بنياد کي ارغونن ۽ ترخانن جي دور ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جن پنهنجي ملڪ مان ان هنر کي هتي آندو.

    وچئين مکيه ونگ جي هيٺئين پاسي تي اصلي سنجٽ جا ڪجهه حصا اڃا به بچيل آهن. اها ڄڻ هڪ چوڪنڊي غاليچي وانگي کُلي ٿي پوي ۽ جنهن منجهه چار مختلف ڪنارين واريون چٽساليءَ جون طرزون آهن. خانن وارن چورسن، جن جو رنگ گهاٽو نيرو ۽ هلڪو نيرو آهي، جي وچ ۾ ٻن گڏ وِچڙ لڙهين ۾ سفيد ۽ ڦڪو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. لڙهيءَ جو رنگ سفيد، جڏهن ته تَرُ گهاٽو نيرو آهي. بلڪل اندرئين ڪناري تي سفيد پَنَ وَل واري چترڪاري آهي ۽ تَر هلڪو نيرو اٿس. هن کي اعليٰ درجي جو فن چئي سگهجي ٿو. صفا وچ واري حصي ۾ ستارن جي قطار واري طرز آهي. ستارن جون ليڪون سفيد ۽ تَر آسماني آهي ۽ انهن کي ڪاشيءَ جي سرن جي ٽڪرن جي وچ ۾ رکي هلڪو نيرو ۽ ڦڪو رنگ ڏنو ويو آهي. نماز ادا ڪرڻ وارو اندريون سڄو منڊپ، وچ تي ٻه ونگُون ڏيئي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. وچون ڀاڱو جيڪو هم چورس آهي ۽ پاسي وارن حصن کان ڪجهه مٿڀرو آهي. اندرئين ونگن جا هيٺيان پاسا غاليچي طرز واري ڪاشيءَ سان سينگاريا ويا آهن. پاسن تي ڏوريءَ نموني لَڙهيءَ جي چٽسالي ڪيل آهي. جنهن ۾ گهاٽي نيري، هلڪي نيري، سفيد ۽ ڦِڪي رنگن جون مختلف ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. منڊپ جو هر حصو ڪاشيءَ جي جهجهي چٽساليءَ سان سينگاريو ويو آهي. وچينءَ منڊپ ۾ وچ تي محراب جي اڏاوت ۾ پٿر جي خوبصورت ٽُڪ ٿيل آهي، جنهن جي مٿان به ڪاشيءَ جي سنجٽ ٿيل آهي. محراب جي هر پاسي کان هوا ۽ روشنيءَ لاءِ ڀت جي آرپار دري ٺاهيل آهي. پٿر جي اُڪَرَ چوڪنڊي چوخانن جي وچ ۾ آهي. انهن مان هڪ خاني ۾ پَن ول جي ڪناريءَ اندر قرآن شريف جون آيتون اُڪريل آهن. صفا اندرئين خاني واري ٻاريءَ ۾ وَرَن وڪڙن واري ڏوريءَ جي طرز واري اُڪَرَ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ آخر ۾ گلن واري قطار آهي. محراب واري ونگ ۾ لِيڪَن وارو قُبو آهي ۽ ان جي بلڪل وچ تي پٿر جي چٽساليءَ واري اُڪر ٿيل آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي گُلن جون تصويرون نظر اچن ٿيون. سندن طرز لٽڪندڙ آهي. ونگ جي نُڪرن تي به گلن جون تصويرون چِٽيل آهن. جن جي چوڌاري وليون آهن. صفا مٿان ليٽيل سنوت واري ٻاريءَ ۾ قرآني آيتون خطاطيءَ ۾ لکيل آهن. وِنگڙ ۾ پٿر جي اُڪر کان مٿئين پاسي تي هلڪي نيري ۽ ڦڪي ڪاشيءَ تي گهاٽي نيري رنگ ۾ پنکڙين سان گلن جي چٽسالي ٿيل آهي. ان کان مٿي وڏي وَنگَ آهي. جنهن ۾ سفيد ۽ هلڪي نيري رنگ ۾ پَن وَل جي چٽسالي آهي. ونگن جي تَري جي هيٺان قرآني آيتن جي سفيد لکت آهي، جيڪا چوڌاري ڦِري اچي ٿي. ان جو تَرُ گهاٽو نيرو آهي.

    دبگير مسجد جو قبو، جيڪو ڪنڊاوَن محرابن تي بيٺل هو، سو هاڻي ڊَهي چڪو آهي. ٻاهرئين پاسي کان ڍنڍي اَٺاسِ صورت اٿس. ڪُنڊن وارن محرابن کي اندرئين پاسي کان ڪاشيءَ سان سينگاريو ويو آهي. پاسي جي منڊپن وارا قُبا ننڍا آهن. جيڪي ڪُنڊاون محرابن تي بيٺل آهن ۽ سندن ڍيڍيون گول آهن. اولهه کان هڪ آرائشي محراب آهي. روشنيءَ ۽ هوا لاءِ به ڳِٿو اٿس. وچ واري منڊپ ۾ اڏيل محراب وٽ پٿر جو اُڪريل هڪ سُونهارو منبر به آهي.

    دبگير مسجد ۾ ڪاشيءَ جي سِرُن ۾ آرائش جو هڪ نئون طريقو پيش ڪيو ويو آهي. ڪاشيءَ جون سرون هرات مان گهرايون ويون هيون. ان جي شڪل ۽ تعمير جي طرز اڻ سڌي نموني ايران سان لاڳاپيل آهي.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    تمام بهترين تاريخي ڄاڻ
     
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    بهترين ڄاڻ ادا اوها اسان کي ڏني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو