عبدالواحد سومرو شاهمراد! ڊگهو قد، مضبوط بت جو مالڪ، آکاڙي ۾ مقابلي ڪرڻ جهڙو، پر پيٽ گذر لاءِ هن ڊرائيوري ٿي ڪئي. ڊرائيوري سڄي دنيا جي خوارين جي ماءُ آهي. ڊرائيوري ڪندي ڪندي مختلف عهدن جي ماڻهن ڌنڌن ڌاڙين جي ماڻهن سان ملندي انهن جون گاڏيون هلائيندي، ٻڌندي ته ڪڏهن وري بنگلن تي صاحبن جي انتظار ۾ بيٺل. پوءِ انتظار وقت اخبار ويٺو پڙهي ته ڪڏهن ڪو سگريٽ پيو کائي. بهرحال شاهمراد جيڪو مختلف گاڏين سان گڏ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ به هلائي چڪو هيو. ائين ان ڪرت دوران مختلف ماڻهن سان گڏ، حسناڪين، نزاڪتن جامن شبابن جون پربهار ته ڪڏهن پرڪيف رنگ برنگي راتيون گذارڻ جو ان ڊرائيوري ڪندي موقعو مليس. ڪڏهن ڪهڙي شهر ۾ ٿي وڃي پهتو ته ڪهڙي ۾..! شاهمراد ڊرائيوري ته ڇڏي چڪوهيو، ڇو جو ڪجهه سال پهرين هن رستي هلندي ماڻهو ماري وڌو هيو. پر ڀونئري واري عادت اڃان سوڌو بحال هيس. مها جبينن، حسينن جي ذلفن، سنگمرمري بدن، ڪارن ريشمي ذلفن سان کيڏڻ واري عادت جاري رهيس. هاڻ هن هڪ وڏي شهر ۾ اچي وڻ وسايا هئا. حيدرآباد جي هڪ علائقي قاسم آباد ۾ گهمندي شوق شڪار ۾ اچي هڪ مشهور اڏي جي مالڪياڻي وٽ پهتو. هتي نوان نوان گونچ ڦٽل تازا تازا گل هن جي ڇڪ جو سبب رهيا. رس چوسڻ هن جو مرڪ هئي. جتي ڪچا چلڪڻا چهرا ڏسي من هرکي پيس ۽ پوءِ ان چڪر ۾ هفتي هفتي لامارو ڏيئي ويندو هيو. اڏي واريءَ سان به سٺي واقفيت مان ڦري صحبت ٿي پئي هيس. ان اڏي واريءَ جو مڙس ننڍڙي نوڪري به ڪندو هيو. هڪ دفعي ان شوق ۾ هي وڃي ان جو انتظار ڪري رهيو هيو، جو هن جي سامهون صوفي تي ويٺل هيو جو هڪ سهڻي ستابيءَ اڏي تي آيل ڇوڪري ڏانهن مڙس جي ڪال آئي جنهن جو آواز هي به ٻڌي رهيو هيو هوءَ ۽ بنا ڪنهن شرم حياءَ جي گفتگو ڪري رهي هئي. ”ڪٿي آهين؟“ ”گهر ۾ ويٺي آهيان.“ ”گڏي ڪٿي آهي؟“ ايتري ۾ هڪ ٻئي سهڻي قد جي پوري پني، ڪنگڻ ۽ ٻن چئين آڱرين ۾ منڊين سان گڏ سهڻي پوشاڪ، پرس، سينڊل ۽ لپ اسٽڪ جو رنگ ميچ هيس، ڳلو ۽ پٺ کليل، جيڪا مشڪل سان پنجويهن ورهين جي ٿئي ها. ان ويٺل ڌيءَ کي زور سان چپاٽ وهائي ڪڍي ان ننڍڙي کي چپاٽ لڳڻ سان ڪنن مان دونهان نڪري ويا ۽ روئڻ لڳي ته عورت مڙس کي جواب ڏنو ”گڏي هيٺ ڪري پئي آهي ڌڪ لڳڻ سب روئي پئي بس ڪري ته پوءِ توسان ڳالهائيندي؟“ هوڏانهن ٻيو سوال ته” ڌڪ گهڻو ته نه لڳو اٿس“ ”نه ………نه……..!“ بس هيٺ ڪري پئي، ٿاٻو اچي ويو هيس، پرچائي ٿي وٺانس، ۽ ڪال تي گفتگو ختم ٿي ويئي. ان جواب تي اها عورت هڪ ٿڌو وڏو شوڪاري ڀري شاهمراد کي ڏسي مشڪندي اک ڀڳي. ان مڪر ڪرڻ تي اها ڇوڪري پنهنجو پاڻ کي فاتح سمجهي رهي هئي. اها چپاٽ ٻارڙي کي نه پر سندس شاهمراد جي ڳل تي لڳي هجي وڌيڪ هڪ به پل ضايع ڪرڻ جي ڪاوڙ ۾ اتان ٻاهر نڪري هليو ويو.