هر وقت ابتيون سبتيون شيون کائڻ جو دل ڇو چوندي آهي؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    (ع آ نيوز) سائنس جي هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انساني دماغ جو اهو اڇو حصو اهو فيصلو ڪندو آهي ته ڪيلريز سان ڀرپور کاڌو کائجي يا وري صرف زباني مزي خاطر ابتيون سبتيون شيون کائجن جنهن ۾ فاسٽ فوڊ ۽ نوان آئٽم اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽرن موجب جيڪڏهن اوهان کي اهڙي قسم جون شيون کائڻ لاءِ دل چوي ته پنهنجو دماغ ڪنهن پاسي لڳائي ڇڏيو يا وري ان مرض کان بچڻ لاءِ هڪ خاص آپريشن ڪرايو پر دماغ جو ڌيان مٽائڻ خاطر ”شراب“ کي ٺپ به نه واپرايو، جيڪڏهن ابتيون سبتيون شيون کائڻ کان ڌيان هٽائڻو آهي ته جسم کي بجلي جو جهٽڪو به ڏئي سگهجي ٿو جنهن سان دماغ جو اهو حصو ٿڌو ٿي سگهي ٿو ۽ ڌيان اهڙين شين کائڻ کان ٻئي پاسي وڃي سگهي ٿو. پر هڪ ٻي تحقيقي اداري موجب انسان جو صحت مند دماغ ئي سندس جيون لاءِ بهتر آهي ان لاءِ ان کي ڪنهن به قسم جو جهٽڪو نه ڏيڻ کپي پر پاڻ کي سٺين مصروفيتن ۾ مشغول رکڻ گهرجي ته جئين ابتيون سبتيون شيون کائڻ وارو خيال ويجهو ئي نه اچي.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو