پاڻي گهٽ پيئڻ جا نقصان

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    انساني جسم ۾ جيڪڏهن پاڻيءَ جي اڻاٺ (Dehydration) ٿي وڃي ته، ان سان ڪيترن ئي قسمن جون طبي پيچيدگيون ظاهر ٿي سگھن ٿيون ۽ ان مسئلي جي هڪ اهم پيچيدگي اها به آهي ته جسم ۾ پاڻيءَ جي گھٽتائيءَ جو احساس ضروري ناهي ته اڃ ۾ واڌ کان پوءِ ئي خبر پئي. يعني جيڪڏهن اوهان اڃ محسوس نه به ڪيو ته به ممڪن آهي ته جسم ۾ گھربل مقدار کان پاڻي گھٽ هجي. اچو اوهان کي اسان ٻڌايون ته اهي ڪهڙيون علامتون آهن جيڪي اهو ظاهر ڪنديون آهن ته اوهان مناسب مقدار ۾ پاڻي استعمال نه پيا ڪيو ۽ ان لاپرواهيءَ سبب ڪهڙا مسئلا منهن ڪڍي سگھن ٿا.
    [​IMG]
    گردي جي پٿري

    جيڪڏهن جسم ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي موجود هجي ته اوهان جو پيشاب هلڪي پيلي رنگ جو هوندو ۽ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڀيرا اوهان کي پيشاب جي حاجت محسوس ٿيندي، پر جيڪڏهن اوهان مناسب مقدار ۾ پاڻي نه پي رهيا آهيو ته پيشاب جو رنگ گھڻو پيلو ۽ گھاٽو هوندو ۽ ٿي سگھي ٿو ته اوهان ڪيترائي ڪلاڪ پيشاب ڪرڻ کان سواءِ گذاريو. امڪاني طور ست يا اٺن ڪلاڪن تائين اوهان کي پيشاب نه اچي. پيشاب جي گھٽتائي ان ڳالهه جي علامت آهي ته اوهان جي جسم ۾ خارج ڪرڻ کان واڌو پاڻياٺ موجود ناهي ۽ ياد رهي ته پيشاب جيڪڏهن جسم کان ٻاهر نه پيو اچي ته ان ۾ شامل لوڻ ۽ ٻيون معدني شيون پاڻ ۾ چنبڙي گردي ۾ پٿري ٿيڻ جي امڪانن کي روشن ڪري سگھن ٿيون.

    پيشاب جي رستي ۾ زخم

    جيڪڏهن پيشاب ۾ شامل زهريلا مادا مناسب طور نه ڳرن، ته ان سان پيشاب جي تياري ۽ ان جي نڪرڻ ۾ مددگار عضوي جي اندروني ڀتين جي نرم جھلين (Mucous Membraes) کي نقصان پهچندو آهي. ان جي نتيجي ۾ مثاني جي اندرين ڀت ۾ سوڄ (Cystitis) پيشاب جي نالين ۽ عضون ۾ سوڄ جي شڪايت پيدا ٿي سگھي ٿي. ان زخم جون عام نشانيون اهي هونديون آهن ته پيشاب ڪندي سخت ساڙي جو احساس ٿيندو آهي. اوچتو تمام تيز پيشاب محسوس ٿيندو آهي پر ان جي مقيدار گھٽ هوندي آهي.

    قبضي

    جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي هڪ ٻي نشاني اها به آهي ته آنڊن جي چرپر سست ٿي ويندي آهي. جيئن ئي چٻاڙيل غذا جيئن ئي وڏي آنڊي ۾ پهچندي آهي، اتي ايترو پاڻياٺ موجود هجي جو مناسب طريقي جو پائخانو تيار ٿي سگھي. گھٽ پاڻي پئيڻ سبب آنڊن جي اندريون ڀتيون پاڻياٺ جو مقدار گھٽائي ڇڏينديون آهن، جيڪو پاڻي اسان پيئندا آهيون، اهو غذا هضم ڪرڻ وارن عضون مثال طور معدي، ننڍي ۽ وڏي آنڊي کي سڻڀو رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ پائخاني کي اڳتي ڌڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جسم ۾ جيڪڏهن پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي وڃي ته آنڊا پاڻيءَ جي وڌيڪ مقدار وٺڻ شروع ڪندو آهي ۽ جسم جا ٻيا عضوا ان کان محروم ٿيڻ لڳندا آهن. پاڻياٺ جي گھٽتائيءَ جي ڪري پائخانو خشڪ ٿي آنڊن جي ڪنارن سان چنبڙڻ لڳندو آهي ان جي خارج ٿيڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ان کي قبض يا قبضي چيو ويندو آهي.

    وات خشڪ (سُڪي وڃڻ) ٿيڻ

    جيڪڏهن اوهان پاڻي گھٽ پيئندؤ ته جھليءَ جڙي غشاءِ مخاطي جنهن مان ليس دار پاڻياٺ نڪرندو آهي چڱيءَ طرح آلو نه ٿيندو، نتيجو اهو نڪرندو ته اوهان کي پنهنجو وات چنبڙندڙ ۽ خشڪ محسوس ٿيندو. ايتري قدر جو وات جو پاڻي به گهٽجي ويندو، جسم ۾ جيڪڏهن ضرورت موجب پاڻي موجود نه هجي ته وات آرام ڏيندڙ حد تائين آلو هوندو ۽ کاڌي دوران ٿُڪ جي مقدار به ضرورت موجب هوندي.

    اکين ۾ ڳوڙهن جي گھٽتائي

    پاڻي جي مقدار گھٽ ٿيڻ جي هڪ ٻئي نشاني اها آهي ته جيڪڏهن ڪو روئڻ جو موقعو اچي ته، ان وقت اوهان جي اکين مان ڳوڙها خارج نه ٿيندا يا پاڻيءَ جي گھڻي استعمال سان ڳوڙها به وڌيڪ ايندا آهن. واضح رهي ته ڳوڙهن جا طبي فائدا تسليم ٿيل آهن. انهن ڳوڙهن جي خارج ٿيڻ سان جسم ۽ ذهني دٻاءُ ، رنج، پريشاني ۽ مايوسيءَ واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪري سگھجي ٿو.

    سستي

    جسم ۾ پاڻي جي ضرورت پوري رهي ته جسم به توانو رهندو آهي ڇو ته ان کي مناسب طور ڪم ڪرڻ لاءِ جن شين جي ضرورت آهي، اهي ان جي مدد سان کيس حاصل ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اوهان مناسب مقدار ۾ پاڻي نه پيو، ته پاڻيءَ جي گھٽتائي شروعاتي مرحلن ۾ گھڻي ننڊ يا غنودگي ٿيندي. ۽ جيڪڏهن پاڻيءَ جي ڪجھه وڌيڪ گھٽتائي ٿي وڃي ته سستي ۽ ڪاهلي ۾ واڌارو ٿيندو جنهن ڪري اوهان سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ دوران طاقت جي گھٽتائي محسوس ڪندؤ. مامرو جيڪڏهن وڌيڪ نازڪ ٿي وڃي ته ۽ جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سخت ٿي وڃي ته پوءِ بيهوشي ۽ موت جي حالت به سامهون اچي سگھي ٿي.

    سخت اڃ ۽ مٿي جو سُور

    جيڪڏهن توهان پاڻي نه پيو، ته جسم پاڻيءَ جي طلب ۾ بي چين ٿي ويندو، سخت اڃ لڳندي، پاڻيءَجي گھٽتائي جي وڌي وڃي ته مٿي ۾ سُور شروع ٿي سگھي ٿو ۽ سور جي سختي گھٽ ۽ وڌ ٿي سگھي ٿي. مٿي جي سور سميت چڪر به اچي سگھن ٿا ۽ مٿو هلڪو محسوس ٿيندو.

    خراب مادن جي نيڪال ۾ ناڪامي

    جيڪڏهن اوهان صحت بخش غذاؤن کائي رهيا آهيو جسم جي اندرين صفائي لاءِ سٺي محنت ڪري رهيا آهيو، پر جيڪڏهن پاڻيءَ گھٽ پي رهيا آهيو ته يقين ڄاڻو ته خراب مادن جو گھربل مقدار ۾ نيڪال نه پيو ٿئي. ياد رهي ته جسم ۾ موجود پاڻي خلين ۾ موجود خراب مادن کي ٻاهر ڪڍندو آهي. پر جيڪڏهن جسم پهريان ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار هجي ته خليا پنهنجي صفائيءَ لاءِ رت ۾ شامل پاڻي ڇڪي وٺندا آهن. اهڙيءَ طرح گردن جو رت صاف ڪرڻ وارو عمل مطاثر ٿيندو آهي ۽ دل تي دٻاءُ وڌندو آهي. ان دٻاءَ جو شڪار جکر ۽ ٻيا عضوا به ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح جسم ۾ خراب مادا گڏ ٿيندا رهندا آهن، قبضيءَ جي شڪايت ان کي وڌيڪ خراب ڪندي آهي ۽ زهريلا جزا جن کي جسم خارج ڪندو آهي اهي جيئن جو تيئن موجود رهندا آهن.

    دل تي دٻاءُ

    گھٽ پاڻي پئيڻ سان جسم ۾ غذا جي جذب (Metabolism) ٿيڻ وارو عمل متاثر ٿيندو آهي. بلڊ پريشر ڪرڻ لڳندو آهي، يعني دل کي جسم جي مختلف حصن تائين رت پمپ ڪرڻ لاءِ جنهن پريشر جي ضرورت هوندي آهي، اهو ان کي ناهي ملي سگھندو جنهن ۾ خراب مادن ۾ هڪجھڙائي هجڻ گھرجي اهو بگڙجڻ لڳندو آهي. اهرين حالتن ۾ جسم جي سڀني خلين تائين آڪسيجن ۽ اهم خوراڪ پهچائڻ لاءِ دل کي گھڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي، نتيجو ذهني انتشار، مٿي جي سور ۽ سستيءَ جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

    بک وڌڻ

    پاڻي گھٽ پيئڻ سبب بک وڌي ويندي آهي ۽ طبيعت اهڙين شين کي کائڻ طرف مائل ٿيندي آهي، جيڪي مٺيون ۽ سڻڀ سان ڀرپور هونديون آهن. مثال طور ڪيڪ، پيسٽري، ڊونٽس وغيره. ڪجھه ماڻهن کي سمهڻ کان اڳ ڪن کي وري رات جي وقت ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ڪجھه کائڻ جي طلب ٿيندي آهي ۽ اها عادت برٿيءَ ۽ ٿولهه کي جنم ڏيندي آهي. ان کان بچڻ لاءِ سمهڻ کان پهريان اوهان 8 اونس پاڻيءَ جو گلاس پيئو ته اهڙي بي وقتي بک ختم ٿي ويندي.

    وقت کان اڳ واري پوڙهائپ

    نئين ڄاول ٻار جي جسم ۾ 85 سيڪڙو خراب مادا هوندا آهن، پر بلوغت تائين پهچندي انهن جي مقدار لڳ ڀڳ 69 سيڪرو تائين گھٽ ٿي ويندي آهي ۽ عمر ۾ واڌ سان گڏوگڏ وڌيڪ گھٽ ٿيندا ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ماڻهو پاڻي گھٽ پيئندا آهن انهن ۾ پوڙهائپ جا آثار وقت کان اڳ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

    پاڻي پيئڻ سان وزن گھٽبو آهي

    هڪ جائزي ۾ ڏٺو ويو آهي ته گھٽ ڪيلريز واري هر کاڌي کان پهريان 8 اونس يعني هڪ گلاس پاڻي پيئجي ته کاڌي کان پهريان پاڻي نه پيئندڙن جي مقابلي ۾ وڌيڪ چربي ڳرندي آهي. هڪ جائزي مان خبر پئي آهي ته هر کاڌي کان پهريان ٻه گلاس پاڻي پيئڻ سان ٽن مهينن ۾ لاڳاپيل ماڻهن جو وزن 15 پاؤنڊ گھٽ ٿيو آهي. ياد رهي ته کاڌي دوران گھڻو پاڻي نه پيئڻ گھرجي، ڇو ته اهڙي صورت ۾ معدي ۾ موجود اينزائمس ڳري سگھن ٿا. جيڪي پروٽين کي ٽوڙن جو فرض انجام ڏيندا آهن، پاڻي پيو ڀلي پر کاڌو کائڻ کان اڳ.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    بهترين ڪاوش آهي جنهن سان صحت جي باري ۾ علم مليو دوست ان مان لاڀ حاصل ڪري سًن ٿا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    صحت جي باري ۾ بهترين معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو