• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم ماجد ڀرڳڙي جي ٿورن سان

ڀرڳڙي ماجد صاحب جي ٿورن سان گوگل ۾ سنڌي ٽرانسليشن ۽ ٽرانسلٽريشن ڪافي دوست پڇندا آهن ته گوگل وارا ان ٽرانسليشن واري ڪم ۾ تڏهن هٿ وجھندا؟ عرض ته جڏهن اعداد و شمار مان کين اهو اندازو ٿيندو ته سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي استعمال ڪرڻ وارو جو تعداد ججھو آهي. هي جيڪا اسان سنڌي رومن اسڪرپٽ ۾ ٿا لکئون تنهن جو شمار سنڌي ۾ ڪونه ٿو ٿئي، تنهنڪري سنڌي سان لاڳاپيل اعداد و شمار ۾ انهن جي ڳڻپ ئي ڪانه ٿي ٿئي. گوگل وارن کي چوڻ کان اڳ اسان کي پنهنجن سنڌي دوستن ۽ مهربانن کي عرض ڪرڻو ۽ همٿائڻو پوندو ته سنڌي پنهنجي روائتي رسم الخط ۾ لکو ته جيئن گوگل ۽ ٻيا به ان کي اهميت ڏين ۽ جائز مقام ڏين. جيڪڏهن اسان پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ ۾ سستي ڪنداسي ته ٻين مان ڪيئن چُستي جي توقع رکنداسي؟
 
Back
Top