• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورهاڱي جي ڳالھه ۽ سنڌ_پنهل ساريو

منصور سرور

سينيئر رڪن
ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاڱي جي هڪ ڀيرو وري ڳالهه ڪئي آهي، ڌرتي ڌڻين جي ترجماني ڪندي سياسي ۽ قومپرست پارٽين واضح انداز ۾ چئي ڇڏيو آهي ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي اهڙو بيان ڏئي سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي پارلياماني پارٽي جو اهو بيان ان حوالي سان به اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته جديد دور جي حوالي سان هر دانشور گڏيل قومن پاران چونڊيل عيوضن جي ڳالهه ٻڌڻ جا بار بار جملا دهرائن ٿا، اها الڳ ڳالهه آهي ته خود بلاول ڀٽو زرداري پاڻ انهيءَ ڳالهه کي پنجاب ۾ وڃي واضح ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن، ڌانڌلين باوجود (ن) ليگ، پ پ، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين کي جيڪو مينڊيٽ مليو آهي، ان تحت حڪومتون ۽ پارليامينٽ وجود ۾ آئي آهي، الطاف حسين به انهن ڌانڌلين جي پيداوار پارلياماني طاقت تي هنبوشيون هڻي ٿو ۽ مهاجر وزير اعليٰ سنڌ جو نه هجڻ تي حيرانگي جو اظهار ڪري ٿو، ان کي ڪڏهن به انهي ڳالهه تي حيرانگي نه ٿي آهي ته 66 سالن کان ئي هو سنڌي ڳالهائڻ جي قابل ناهي، سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ وقت جنهن ڌيءُ کي پاڻ ميڊيا تي آڻي ٿو، اها سنڌي ڳالهائڻ کان قاصر آهي، پر الطاف ڀائي کي ڪا به حيرانگي نٿي ٿئي، 20 صوبن جي ڳالهه ڪندي اهو الطاف حسين وساري ٿو ويهي ته سنڌ جي تاريخي وحدت قدرت ٺاهي آهي.

سائين جي ايم سيد واضح انداز ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سرحدي لڪير جناح صاحب يا لياقت علي خان ناهي ٺاهي، پر سنڌ هزارين سال پراڻي تهذيب جي مالڪ هڪ اهڙي ڌرتي آهي، جنهن جي سرحدي لڪير فطرت ”سنڌ سمنڊ“ ڪارونجهر ۽ کيرٿر جي پهاڙن ٿر ۽ رڻ ڪڇ جي ميدانن سان ڪڍي آهي، الطاف حسين جي سياست نسل پرستي کان 80 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ اچي سنڌ جي ورهاڱي واري نسلي پرستاني مطالبي تي پوري ٿئي ٿي.

ايم ڪيو ايم کي پڻ اهڙن ادارن ان وقت پاليو، تاتيو ۽ وڏو ڪيو ويو، جنهن وقت ايم ڪيو ايم کي ٺاهڻ جي ضرورت ڪجهه ادارن محسوس ڪئي، 1983ع ۽ 1986ع واري جمهوري جدوجهد ۾ سنڌ مهنداري وارو ڪردار ادا ڪيو، ان وقت غير سنڌي آبادي مذهب کي مورچو بنائي جمهوريت خلاف به سر ڀيڪار هئي، اڄ جڏهن وري مشرف جهڙي ڊڪٽيٽر کي بچائڻ جو وقت ڏٺو آهي، سندس گرائي مخلوق جي سياسي پارٽي ته الطاف حسين کي ڪڏهن استعيفائون پارليامينٽ ۾ ڏيڻ ته ڪڏهن پاڻ ايم ڪيو ايم تان دستبردار ٿيڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آندو ويو آهي، ته اڄ وري کيس مهاجر وزيراعليٰ ۽ ملڪ ۾ 20 صوبا جوڙڻ جون تڪراري پ پ جيڪا ٻٽي نظام واري دور ۾ غلطي ڪئي هئي، ان کي هن ڀيري دهرائڻ لاءِ تيار ناهي، پ پ پڻ سمجهي ٿي ته جنرل مشرف کي بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم، عمران خان ۽ طاهر القادري ساڳي ٻيڙيءَ جا سوار آهن، انهي ڪري بلاول ڀٽو زرداري جو بيان ايم ڪيو ايم جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي، عبدالواحد آريسر به الطاف حسين تي واضح ڪيو آهي ته فطري جڙيل سنڌ کي ورهائڻ جا احمقانه خواب نه ڏسڻ گهرجن، دوستن کي ثنان خان واضح چئي ڇڏيو آهي ته سنڌ جو عوام اهڙي سازش جو مڙس ٿي مقابلو ڪندو.

مٿين ڳالهين مان واضح آهي ته مشرف گيم هارائي ويٺو آهي، ڌرڻا ناڪام ٿي چڪا آهن، الطاف ڦوڪڻي مان نڪتل هوا ڀرڻ جي اڄوڪي دور ۾ سگهه نه ٿو رکي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪراچي کي عمران، قادري ۽ الطاف رت جي ندي ۾ تبديل ڪيو ته اهو رت ڌاري آبادڪاري جو هوندو، ڇاڪاڻ ته مشرف گيم جا سڀ رانديگر اهي علامه هجن يا ڪيپٽن توڙي ڀائي لوگ سڀ سنڌ کان اوپرا نظر اچي رهيا آهن.

هن ڀيري سنڌ جي ورهاڱي جي مسئلي تي سنڌ جا قومپرست، جمهوريت پسند، ترقي پسند توڙي سول سوسائٽي هڪ ئي قطار ۾ نظر اچي رهيا آهن، ان مان واضح آهي ته سنڌ ورهائڻ جا خواب ڏسندڙن کي ڪاميابي ڪو نه ملندي، پر گڏوگڏ هي ڳالهه به صاف واضح ۽ چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته ايم ڪيو ايم اڪيلي ٿي وئي آهي، هاڻي مهاجر مظلوميت جو راڳ پراڻو ٿي چڪو آهي، سنڌ جديد سياست جون ڏاڪڻيون چڙهي رهي آهي، نوجوان قيادت ۽ صاف انداز ۾ وقتائتا فيصلا ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ صنعان خان قريشي جي موقف ۾ مصلحت نظر نه ٿي اچي، ڇو ته ماضي ۾ مصلحت پسندي سبب ئي لساني تنظيم جو من وڌيو ۽ هنن سنڌ جي مالڪيءَ جي دعوا ڪئي، اڄ سنڌ انهيءَ ڳالهه تي هڪ آواز بلند ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ته سنڌ جي تاريخي وحدت کي ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي ۽ سنڌ جي قومي وجود خلاف ڪا به سازش ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي، موهن جو دڙو جي تهذيب توڙي صدين کان صوفين جي عقلمات واضح ڪيو ته سنڌ انهن انسانن جي ڌرتي آهي، جيڪي تاريخ ۾ بهادر، جرئتمند، ڏاها، صوفي، سنت، سيڪيولر ۽ هميشه هر طرح جي انتهاپسندي جا مخالف رهيا آهن.

اڄ سنڌ خلاف جيڪو آواز اٿي رهيو آهي، ان پٺيان ڌاري قيادت ۽ ڌاري آبادڪاري جا ناجائز مطالبا آهن، اڄ به عمران خان نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪندي 1973ع جي آئين جو خاتمو چاهي ٿو، لڳ ڀڳ طاهر القادري جو به ساڳيو مطالبو آهي پر سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن آئين ۾ واضح لکيل آهي ته هي آئين چئن يونٽن تي مشتمل هوندو ته وڌيڪ يونٽ جي ڳالهه ڪرڻ يا انتظامي صوبا جوڙڻ ڪٿان جو انصاف آهي، ڌاري آباديءَ جو دٻاءُ غير قانوني وڌي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم تي اسين واضح ٿا ڪريون ته 1951ع ۾ لياقت نهرو پيڪٽ ۾ ڏنل آهي ته هاڻي وڌيڪ هندستان کان پاڪستان آيل ماڻهو يا پاڪستان کان هندستان ويندڙ ماڻهو غير قانوني ليکيا ويندا، ان موجب جيڪي به مهاجر هن پيڪٽ کان پوءِ آيا آهن، انهن کي ووٽ جو حق نه هجڻ گهرجي، انهن جي شهريت رد ڪئي وڃي، بلڪه جنهن ڄمو يا ڪشمير جي آزاديءَ جي ڳالهه 66 سالن کان پاڪستان جا اصل حڪمران طبقا ڪندا آيا آهن، انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ڄمو ڪشمير ۾ جائداد ۽ زمين خريد ڪرڻ جو حق فقط ڪشميرين کي آهي، اهڙي ريت سنڌ جي مڙني وسيلن، جائداد ۽ زمين تي حق فقط سنڌين جو هجڻ گهرجي، ڪوڙن ڪليمن ۾ ڏنل زمينون ۽ انعام نيلام ۾ فوجن کي ڏنل ملڪيتون ضبط ڪري بي زمين سنڌي هارين ۾ ورهايون وڃن ۽ 1992 کان پوءِ آيل ڌارين پارلياماني ميمبرن جي ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي، گڏوگڏ آئين خلاف وڌيڪ يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي.
 
اهڙا ماڻهو جڏهين کان سنڌ م آيا آهن ،نيڪ نيتي ۽ انسانيت جي بنيادن تي سنڌين انهن کي جي م جايون ڏنيون آهن ،پر اهڙن ماڻهن جي مڪار ذهينت سدائين سنڌين جي دلين ۾ خنجر وهايا آهن ،اهي ڪڏهين ڪونه سڌرندا. انهن وٽ نه ڪو دليل آهي نه ڪو سبب ،بس مظلوميت جو راڳ الاپي ٻين جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن .سندن مطالبن ۾ نه ڪو قانوني جواز آهي نه وري ڪو دليل . مثال وري ترڪي جهڙي ملڪن جا ٿا ڏين . بي وقوفن کي اها خبر ناهي ته ترڪي هڪڙي قوم تي مشتمل ملڪ آهي ،جنهن ۾ نوي سيڪڙو ترڪي نسل جا ۽ باقي ڏه سيڪڙو ڪرد ،عرب ۽ يورپي نسلن جا ماڻهو آباد آهن .جيڪي هنن وانگر ڪا به سازش نه ٿا ڪن .ان جي باوجود اسان ويٺا هنن جا ناز نخرا برداشت ڪريون .
 
Back
Top