دل جي ڳالهه ذهني مفلسي! واحد پارس هيسباڻي

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مفلسي رڳو مالي نه ٿيندي آهي پر اها ذهني به ٿيندي آهي. اسان پنهنجي ڀرپاسي ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو ڏسندا آهيون، جيڪي مالي حوالي سان ته ڏاڍا امير هوندا آهن پر ذهني حوالي سان غربت جي انتهائي لڪير کان به هيٺ لٿل نظر ايندا آهن ۽ پاڻ وٽ اهڙن ماڻهن جي به ڪا ڪمي ناهي جيڪي مالي حوالي سان ته انتهائي مسڪين هوندا آهن پر ذهني حوالي سان سندن شاهوڪاري ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هي اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجا ڏک لڪائي به ڄاڻندا آهن ته ٻئي جي خوشيءَ تي خوش ٿيڻ به ڄاڻندا آهن، ۽ ان حوالي سان انهن ۾ مصنوعيت جا ڪي به رنگ نظر نه ايندا آهن، اهي جهڙا اندران تهڙا ٻاهران هوندا آهن.

    مان هميشه ان ئي خيال جو رهيو آهيان ته مالي مفلسي کي ڏکيو يا سکيو منهن ڏئي وڃجي ٿو، پر هي جيڪا ذهني مفلسي آهي، ان ۾ مرندي گهڙي تائين ماڻهو سک ۽ سڪون جو ساهه نه ٿو کڻي سگهي. جڏهن ذهن ۾ غربت لهي ٿي ته پوءِ ڪروڙين، اربين ۽ کربين جو مالڪ هجڻ جي باوجود ماڻهوءَ جي دل مطمئن نه ٿي هجي، ايڏو گهڻو به ٿورو نظر اچي ٿو ۽ اڃا وڌيڪ جي خواهش ختم نه ٿي ٿئي. هن دنيا جي مانجهاندي جي ماڳ هجڻ واري خبر جي باوجود ’سامان سؤ برس ڪا‘ گڏ ڪرڻ ۾ ڪو به وقفو نه ٿو اچي. ذهني غربت ۾ گذاري جڏهن اهي ماڻهو هليا وڃن ٿا ته انهن جو سؤ برس وارو گڏ ڪيل سامان پونئر اڏائڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه ٿا وٺن. هي سڀ اکين جو ڍؤ آهي، اها حقيقت هر ماڻهو ڄاڻي ٿو. اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن قبرستانن ۾ ڪا کٽ نه ويندي هجي. اسين ڪڏهن پنهنجن جا ته ڪڏهن پراون جا ڪلهي ڪانڌي ٿيون ٿا پر هڪ منٽ جي لاءِ به ان حقيقت تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿا هجون ته نيٺ هڪ ڏينهن اسان به ڪنهن جي ڪلهن تي هليا وڃڻا آهيون. اسان کي اها ڄاڻ به هجي ٿي ۽ ان حقيقت جا اقراري به هجون ٿا ته نيٺ هڪ ڏينهن اسان کي به هليو وڃڻو آهي، پر باوجود ان جي اسان کي پنهنجي روين ۾، پنهنجي طور طريقن ۾ جيڪا تبديلي آڻڻ گهرجي، اها آڻڻ لاءِ تيار نه ٿا هجون، جتي به ذهني مفلسي ديرو ڄمائي ٿي اتي پنهنجي ذات کان اڳتي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، ڪٿي ته پنهنجي ذات به وسري وڃي ٿي. اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ دڪاندار هوندو هو چاچو جانب، هن جا پنهنجا رنگ هوندا هئا، جيڪڏهن ڪير کانئس ڪلو کنڊ وٺڻ ويندو هو ته هو عجيب توائي واري انداز ۾ چوندو هو ته کنڊ بچي ئي ڪلو آهي، اها سموري توکي ڏئي ڇڏيندس ته مان خالي برني رکي ويهندس ڇا؟ ”پر چاچا مان مفت ۾ ته نه ٿو گهران، توهان کي پئسا ڏيان ٿو ۽ توهان ته اها رکي ئي وڪري جي لاءِ آهي، اها ته سٺي ڳالهه ٿيندي ته توهان جي دڪان جي شيءِ وڪرو ٿي ويندي ۽ وري ٻي وٺي ايندا.....“ گراهڪ جي ان جملي تي هو وڌيڪ توائي ٿي چوندو هو ته ”وڏڙو ٿي مون کي ليچڪر (ليڪچر) نه ڏي، هي ڏاڙهي ائين اُس ۾ اڇي نه ڪئي اٿم، دڪانداري ڪيئن ڪبي آهي اها توکان وڌيڪ ڄاڻان ٿو، مان توکي سموري کنڊ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيندس، اگر اڌ ڪلو وٺين ٿو ته ٺيڪ نه ته اهو رستو پيو اٿئي.....“ ۽ ڳوٺ ۾ دڪان هڪڙو هجڻ جي ڪري نيٺ ان جي مرضي تي ئي هلڻو پوندو هو.... سو ان ڳالهه وانگر ذهني طور تي مفلس ماڻهو شين کي ائين ئي ڏسندا آهن، اهي نفعي ۽ نقصان کي ڏسڻ بدران بس شيءِ جو اکين سامهون هجڻ کي ئي اهميت ڏيندا آهن.

    ان ڏينهن رستي ويندي ڪار تي ويٺل هڪ سکئي ستابي ۽ صحتمند شخص کي ريڙهي تي سبزي وڪڻندڙ هڪ مزدور سان اٺن کان ڏهن منٽن تائين ان ڳالهه تي بحث ڪندي ڏٺم ته پٽاٽا سبزي منڊي ۾ 45 روپيا ڪلو ملن ٿا ته تون 50 روپيا ڪلو ڇو ٿو ڏين؟ ريڙهي وارو گهٽي گهٽي ۾ رُلي ٻچن جي روزي ڪرڻ جا جواز ڏئي ڏئي ٿڪجي رهيو هو، پر هي همراهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو ۽ هر صورت ۾ 5 روپيا رعايت ڪرڻ تي بضد هو، نيٺ هو 5 روپيا رعايت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ ڪلو پٽاٽا وٺي گاڏي ۾ رکي روانو ٿي ويو. مان سوچڻ لڳس ته 5 روپين جي رعايت لاءِ هن همراهه جيڪو ايڏو بحث ۾ وقت سيڙايو، اسٽارٽ ٿيل گاڏي جو تيل ساڙيو، کيس فائدو ڪهڙو ٿيو؟ اڄ جي هن مهانگائيءَ واري دور ۾ جيڪڏهن ڌرتتيءَ جو گهٽين ۾ ريڙهي کي ڌڪيندڙ مزدور 5 روپيا وڌيڪ ڪمائي ورتا ته ان ۾ خراب ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ۽ ٻيو ته سبزي منڊي وارو ساڳيو اگهه هي ريڙهي وارا به وٺن ته کين ڪٿان بچت ٿيندي؟ منڊي ۾ ته مڻين مال وڪرو ٿئي ٿو، ان ڪري هڪ ڪلو تي جيڪڏهن ٻه روپيا بچيا تڏهن به هزارين روپين جي بچت ٿي ويندي، پر هي مزدور ويچارا جيڪي تور تي 5-5 ڪلو کڻي اچن ٿا، اهي ساڳئي منڊي واري اگهه تي شيون وڪڻي ڪهڙي روزي ڪري سگهندا.... بهرحال مان گهڻي تفصيل ۾ هليو ويس، منهنجي هي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد صرف اهو ته، هوندي سوندي سان به جيڪڏهن 5 روپيا بچائڻ جي چڪر ۾ رهجي ته اها ذهني مفلسي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟!

    پر ذهني مفلسي رڳو پئسا ڏوڪڙ بچائڻ، خرچ نه ڪرڻ جو نالو به ناهي، ان جا ڪيترائي ٻيا قسم به آهن، جتي ذهني مفلسي هوندي آهي، اتي خالي مرڪ جي موٽ جي اميد به نه هوندي آهي، جنهن تي ته ڪي به پئسا ڏوڪڙ خرچ نه ٿا ٿين! اسان پنهنجي ڀرپاسي ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو ڏسندا آهيون، جيڪي هرو ڀرو ٻيا منهن خراب ڪري هلندا آهن، اسان ڪڏهن به انهن جي چهري تي ڪا مُرڪ نه ڏسندا آهيون. ڀلي ڪهڙو به خوشيءَ جو موقعو هجي پر انهن جي حالت اها ساڳي ئي هوندي آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ته کين اهو خوف هجي ته جيڪڏهن هي مرڪي پوندا ته سندن هڙ هلي ويندي ۽ وٽن ڪجهه به باقي نه بچندو. ٻاهر جا ماڻهو ته پوءِ جي ڳالهه آهي، پر خود انهن جا گهر ڀاتي سندن مرڪ لاءِ ترسندا آهن، پر اها کين نصيب نه ٿيندي آهي. ڪجهه ماڻهو ان کي سنجيدگي جو نالو ڏيندا آهن، پر مان ان کي ذهني مفلسي ئي چوندس. ڇو ته گوشت جي هن لوٿڙي پوٿڙي انسان جي فطرت ۾ اهو شامل آهي ته گرمي هوندي ته کيس گرمي لڳندي، سردي هوندي ته سيءُ لڳندو، تڪليف هوندي ته ڏک محسوس ٿيندو، خوشي ملندي ته خوشي محسوس ٿيندي، اهو ته ممڪن ئي ناهي ته گرمي هجي ۽ ڪير چوي ته مون کي سيءُ محسوس ٿي رهيو آهي، سردي هجي ۽ ڪير چوي ته مون کي گرمي محسوس ٿي رهي آهي، اس هجي ۽ ڪير چوي ته ڇانوَ محسوس ٿي رهي آهي، اهو سڀڪجهه طبيعت جي خرابي ۾ ته ممڪن آهي، پر عام نارمل حالتن ۾ ممڪن ناهي. ساڳئي نموني ڏک جي ڪيفيت ۾ جيڪڏهن ڪير مرڪڻ جي ڪوشش به ڪندو تڏهن به سندن ڏک ان ۾ ظاهر هوندو ۽ خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ به جيڪڏهن ڪنهن جي چهري تي خوشيءَ جي ريکا نظر نه اچي ته اهو سڀڪجهه فطرت جي ابتڙ هوندو ۽ جيڪڏهن ڪير ائين ڪري ٿو ته ان کي ڇا سمجهجي؟ ساڳي ڳالهه وري وري ورجائڻ مناسب نه ٿي لڳي.

    جڏهن ڪير ذهني مفلسي جو شڪار ٿي ويندو آهي ته ان وٽ رشتن، ناتن، پنهنجن پراون جي ڪابه اهميت نه رهندي آهي. ان کي پاڻ کان اڳتي ڪجهه به نظر نه ايندو آهي. ان وٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ته طرح طرح جون سوچون هونديون آهن، پر وڃائڻ لاءِ ذري جي به گنجائش نه هوندي آهي، ان وٽ مرڪڻ به وڃائڻ جي ذمري ۾ شامل هوندو آهي. اهڙا ماڻهو زندگي جي هڪ موڙ تي هلي نيٺ اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ نيٺ اها اڪيلائي هڪ ڏينهن کين کائي ويندي آهي. بس ماڻهو جو ڪردار ئي باقي رهجي ويندو آهي، باقي سڀني شين کي وقت ميساري ڇڏيندو آهي....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو