ترجمو: خادم رند ايبولا وائرس جو ڦهلاءُ، عالمي امن لاءِ خطرو گڏيل قومن ۾ سلامتي ڪائونسل متفقه طور هڪ ٺاهه ذريعي دنيا تي زور ڀريو آهي ته اها ايبولا وائرس سان منهن ڏيڻ لاءِ وسيلا مهيا ڪري. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪِي مون سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته ايبولا وائرس مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ هر ٽن هفتن ۾ ٻيڻ تي واڌارو ٿي رهيو آهي. صحت جي عالمي اداري موجب، هن سال ايبولا وائرس مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن منجهان 2600 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. بان ڪي مون وڌيڪ چيو آهي ته ”صورتحال جي سنجيدگيءَ ۽ ڦهلاءَ واريءَ حالت کي نظر ۾ رکندي، هاڻي صحت کي بچائڻ لاءِ هڪ عالمي سطح جي ڪاروائيءَ جي گهرج آهي.“ هن ايبولا وائرس سان مُنهن ڏيڻ واسطي ’گڏيل قومن جو هنگامي مشن‘ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو صحت جي عالمي اداري ڊبليو.ايڇ.او (W.H.O) سان ملي ڪم ڪندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايبولا وائرس جي بحران سان نبرڻ لاءِ هاڻوڪين عالمي ڪوششن کي ٽيڻ تي وڌائڻ کپندو هو. قرارداد ۾ ڪجهه ملڪن پاران لاڳو ڪيل سفري پابندين کي پڻ هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته اهڙن ملڪن کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ بدران، اتي امداد پهچائڻ گھرجي. ٺهراءَ ۾ ملڪن تي زور ڀريو ويو آهي ته اهي طبي عملي ۽ گشتِي اسپتالن سميت ترت امداد فراهم ڪن. هن اجلاس ۾، وڊيو لنڪ ذريعي، لائبيريا مان هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته جيڪڏهن عالمي برادري تڪڙي مدد لاءِ نه پهتي، ته اسين دنيا مان مِٽجي وينداسين. آمريڪي صدر براڪ اوباما اولهه آفريڪا ۾ ايبولا وائرس جي ڦهلاءَ کي ’عالمي امن لاءِ خطرو‘ قرار ڏيندي هن وائرس خلاف مهم ۾ شريڪ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. آمريڪي صدر جن قدمن جو اعلان ڪيو، تن ۾ متاثر ٿيندڙ علائقي ۾ ٽن هزار آمريڪي فوجين جي مقرريءَ کان سواءِ، عام ماڻهوءَ جي صحت لاءِ ڪجهه نيون سهولتون به شامل آهن. گڏيل قومن جي ايبولا وائرس خلاف مهم جي رابطيڪار موجب، گذريل هڪ مهيني دوران هن وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ گهربل رقم ۾ ڏهوڻ تي اضافو ٿي چڪو آهي. ايبولا وائرس فيبروري مهيني ۾ گِني مان ڦهلجڻ شروع ٿيو هو ۽ هينئر تائين اهو لائبيريا، سيراليون ۽ نائجيريا تائين ڦهلجي چڪو آهي. طبي خيراتي اداري ’ميڊيسن سانز فرنٽيئرز‘ جو چوڻ آهي ته اولهه آفريڪا ۾ ايبولا جي وبا تي قابو پائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ڇهن مهينن جو وقت لڳي سگهي ٿو. صحت جي عالمي اداري موجب، هن وائرس جي رستي روڪ ۾ هڪ ڏکيائي اها آهي ته جيڪي علائقا ايبولا مان متاثر ٿيا آهن سي انتهائي غربت، غير فعال صحت واري نظام، ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ شديد خوف جو شڪار آهن.