• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليپ ٽاپ جي چارجنگ بهتر بڻايو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
20720-2b6f37c759fc8e2d376aca4772f548dbb.png


”Aerofoil“ هڪ ننڍو سافٽويئر آهي جيڪو توهان جي ليپ ٽاپ جي بيٽري کي وڌيڪ دير تائين هلڻ جي قابل بڻائيندو آهي. هن سافٽويئر جي ڪم ڪرڻ جو طريقي ڪار اهو آهي ته جڏهن ليپٽاپ چارج نه ٿيندو هجي ته هي ونڊوز جي ڪجهه فيچرس جهڙوڪ ايرو گلاس انٽرفيس، ونڊوز سائيڊ بار ۽ سائونڊ وغيره کي بند ڪري بيٽري جي غير ضروري استعمال کي روڪيندو آهي..

ان علاوه هي سافٽويئر توهان جي ليپٽاپ لاءِ پاور پلان پڻ ترتيب ڏيندو آهي ته جڏهن ليپ ٽاپ چارج تي هجي يا نه هجي ته پاور کي ڪنهن طرح استعمال ڪرڻو آهي..

هن سافٽويئر کي استعمال ڪرڻ کان پهريان اهو ضرور چيڪ ڪندا ته توهان جي ليپ ٽاپ ۾ پهريان کان ڪو اهڙو سافٽويئر ته موجود ناهي ڇو ته ڪجهه ڪمپنيون هن قسم جا ٽول پهريان ئي شامل رکنديون آهن..

سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هن صفحي تي اچو
 
Back
Top