نثارابڙو
نائب منتظم
نوٽ؛
دوستو، دنيا جي اڪثر ملڪن جيئن آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، مڊل ايسٽ، فار ايسٽ ايشيا ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهون ڪامياب، خوشحال ۽ ڪاروبار يا نوڪرين جي ضروري ڄاڻ سان ٽمٽار ڇو هوندا آهن، سندن هر ڪم ۾ سچائي ۽ ايمانداري نظر ايندي آهي ... هر ڪم ۾ ڪاروباري مهارت نظر ايندي آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ته هو ان ڪم لئه ئي پئدا ڪيا ويا آهن ... ان جو ڪارڻ يا سبب اهو آهي ته اتان جا ادارا اهڙي قسم جي سکيا ۽ ماحول پئدا ڪندا آهن ته جيئن هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ ٿي ملڪ ۽ قوم لئه ڪجهه ڪري سگهي ۽ پنهنجي زندگي به خوشحال ۽ صحتمند گذاري سگهي ...
هي هيٺ هڪ ڪتاب جي تعريف ۾ لکيل اداريو پيش ڪريانٿو جو آمريڪي ۽ يورپي ڏاهي نائيٽنگيل جي ڪتاب
نثار ابڙو
________________________________________
جيڪڏهن 100 ماڻهن کان اهو پڇيو وڃي ته ڪاميابيءَ جو راز ڇا آهي ته انهن مان ڪي مختصر جواب ملندا، ۽ ڇا انهن ۾ ڪو حقيقي جواب به هوندو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان مان گهڻن جو جواب هوندو آهي، سخت محنت، تعليم، صحيح ماڻهن جو ساٿ، قسمت ... ۽ وغيره وغيره، پر اڪثر ماڻهون صحيح راز جي ويجهو به نه هوندا آهن.
اڪثر ماڻهن کي ڪاميابيءَ جي صحيح رازن جي تفصيلن جي ڄاڻ نه هوندي آهي ته ڇو ڪجهه ماڻهون بنسبت ٻين ماڻهن جي اهڙي زندگي ماڻي وٺندا آهن جهڙي هو چاهيندا آهن؟
ڇا اوهانکي انڳالهه تي تعجب نه ٿيندو آهي ته ڇو ڪجهه ماڻهون ڪامياب ٿيندا آهن ۽ اڪثريت نه ٿيندي آهي؟ ڇو ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ جادوءَ جي ڇڙي هوندي آهي، ۽ ٻيا ماڻهون سخت محنت ڪندي به اڃان ڪاميابي کان ڪوهين ڏور هوندا آهن، ڇا اهي ڳالهيون توکي ۽ مونکي بي همٿ ڪري وجهنديون آهن؟ ته ڪي ماڻهون بغير ڪجهه ڪرڻ جي اها ئي شئي آسانيءَ سان بازار ۾ وڪڻي ويندا آهن جنهنکي اسين وڪڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهيون ...
آمريڪي ڏاهو ارل نائيٽنگيل (Earl Nightingale ) پڻ نوجوانيءَ جي عمر ۾ انڳالهه تي سوچيندو رهيو هو ۽ پوءِ هُنَ ان موضوع تي هزارين بحث ڪيا، ڪتاب لکيا، اخبارن ۽ رسالن ۾ هزارين ليک لکيا ، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي ڪيترا پروگرام ڪري ان مسئلي تي بحث ڪندو ۽ ڪرائيندو رهيو ته آخرڪار ائين ڇو جو هڪ ئي رستي تي هلڻ وارا ماڻهون ڪي ڪامياب ٿين ٿا ته ڪي ناڪامياب ... انهن جو جواب هن هڪ ڪتاب لکي ڏنو، سندس ڪتاب جو نالو هو ” عجيب ترين راز“ (The strangest secret ) جنهن سندس زندگيءَ تي گهرو اثر ڪيو ۽ دنيا جي هزارها ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ جو سبب بڻيو ۽ ان موضوع کي هڪ صنعتي حيثيت ملي وئي.
” عجيب ترين راز “ ۾ بحث ٿيل آهي ته؛
• ڪيئن ڪو ماڻهون ساڳين خوبين سان لکين ڪروڙين ڪمائي وٺي ٿو جڏهن ته ٻيو ساڳين خوبين وارو نه.
• ڪيئن ڪجهه ماڻهون ڪنهن اداري جي مٿاهين عهدي تي پهچي وڃن ٿا جڏهن ته ٻين کي نيڪالي ملي ٿي.
• ڇو ڪي ماڻهون خوش ۽ فائديمند زندگي گذارين ٿا جڏهن ته ٻيا ماڻهون ساڳين خوبين وارا ۽ ساڳي تعليم سان آراسته ناڪاميابين جي مٿان ناڪاميابيون ڏسن ٿا.
• ڇو ڪي ته آسانيءَ سان پنهنجي منزل ماڻي وٺن ٿا، جڏهن ته ٻين کي رستو ئي نه ٿو ملي.
• ڇو ڪجهه شاديون ته پائدار ٿين ٿيون ۽ ڪجهه جلد ختم ٿيو وڃن.
نائيٽنگيل جڏهن انهن سوالن جا جواب ريڪارڊ ڪرايا ته لکن جي تعداد ۾ اهي رڪارڊ وڪرو ٿيا، جن ۾ آمريڪا، يورپ ، آفريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن اهي رڪارڊ خريد ڪيا. جنهن سبب ” عجيب ترين راز“ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامجڻ واري صوتي پيغام جو شرف حاصل ڪيو. جنهن سبب کيس ڪئي سونا ٻلا پڻ مليا ۽ انهن ماڻهن جون دعائون ۽ شڪر ادايون پڻ نصيب ٿيون جن ماڻهن انهن رازن ذريعي پنهنجين زندگين ۾ ڪاميابيءَ جا موتي پروئي سرخرو ٿيا.
نائيٽنگيل ، ڪيترائي پيغام رڪارڊ ڪرائيندو رهيو ۽ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ بدلاءَ آڻڻ جا ڪارڻ پئدا ڪندو رهيو، سندس ڏنل اصول ۽ پيغام ڪيترين ئي مٿاهين درجي جي ادارن پنهنجي عهديدارن جي سکيا لئه استعمال ڪيا ۽ پنهنجي وڪري ڪرڻ واري صلاحيتن کي وڌائيندا رهيا. صنعت جي اڳواڻن حڪومتي ۽ تعليمي ماهرن ان پيغام کي پنهنجي وقت جي بهترين پيغام جو لقب ڏنو هو.
سندس لکيل ڪجهه ڪتابن مان ڪجهه نقطا هن طرح سان آهن؛
• لفظن جو جادو؛ ٻه مونهي تلوار آهي، جنهنجي صحيح استعمال سان اهڙيون ڪاميابيون عطا ٿين ٿيون جيڪي اسين چاهيون ٿا، ۽ انهن جي غلط استعمال سان مايوسيون ۽ ناڪاميابيون.
• سبز خواب؛ اسانجي چوڌاري ۽ هر پاسي موقعا موجود آهن، صرف انهن کي سڃاڻڻو آهي ۽ انهن موقعن کي روزمرهه جي اوقات ڪار ۾ استعمال ڪري پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي سکيا حاصل ڪرڻي آهي.
• قيمتي منزل؛ پنهنجا مقصد واضح ڪري مقرر ڪيو ۽ انهن کي وقت جي دائري ۾ پورو ڪريو، ان ڳالهه جي سکيا وٺو ته زندگيءَ جي دوران هڪ ڪاميابيءَ مان ٻي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي.
• اوهانجي ذهن جا معجزا؛ ڪيئن هر ڏينهن جو هڪ ڪلاڪ، اوهانکي 5 فيصد مٿاهين درجي وارن ماڻهن تائين پهچائي سگهي ٿو، هر هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ کي صحيح استعمال ڪيو، جيڪو اوهانکي با-ڪمال طرح سان مطمئن ڪري ڇڏيندو جيئن اوهان چاهيو ٿا.
• قسمت جي تارازي؛ پنهنجي قسمت جو مالڪ ڪيئن ٿجي ، مڙني قانونن جو هڪ قانون ” قسمت جو مالڪ“ اهو ئي قانون آهي جيڪو سڄي اقتصاديات ۽ شخصي ڀلائيءَ تي منحصر آهي.
• فتح جو ٻج پوکيو؛ ڪو هڪ به صحيح فيصلو اوهانجي زندگيءَ جون واڳون ورائي سگهي ٿو. سکيا وٺو ته ڪيئن ڪو فاتح ٿيڻ چاهي ته ان شئي کي فتح ڪرڻ جو رستو ڪهڙو آهي.
• کٽڻ آسان آهي؛ کٽڻ، هارائڻ کان آسان به ٿي سگهي ٿو، ان سوچ سان اوهين پنهنجي اندر سڀ خدشا ۽ خوف ختم ڪري سگهو ٿا، انڪري کٽڻ کي يقيني ڄاڻو.
• اوهان ڪيترا قيمتي آهيو؟؛ پنهنجو پاڻکي وڏي ڪنهن ڪمپنيءَ جي مالڪ جي حيثيت سان ڏسو ۽ پاڻ تي اهي عمل لاڳو ڪيو جي ڪامياب ادارا پاڻ تي لاڳو ڪندا آهن.
• رئيس يا The Boss ؛ اوهانکي اهو معلوم ڪري شايد حيرانگي ٿيندي ته اوهان پاڻ ئي رئيس آهيو .
• اچو ته مال يا پئسي تي ڳالهايون، اها تربيت وٺڻي آهي ته ڪيتري ۽ گهڻي دولت اوهانکي گهربل آهي ۽ انکي ڪيئن حاصل ڪجي؟
• هڪ شئي اوهان اصل نٿا لڪائي سگهو ته؛ اوهين پنهنجي ”ڪاميابيءَ جي ڇت کي اگهانئي مٿي ڪري سگهو ٿا“ اهو خيال ئي ، ڏاهن چواڻي ته ، انسان جي زندگيءَ جي پونجيءَ ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو اضافو ڪري ٿو.
• ڀلي گهوڙي جي سواري؛ سکيا حاصل ڪريو ان ڳالهه جي ته هر صنعت هر اداري يا هر ماڻهونءَ کي ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ۽ اوهان ڪيئن اها شئي ميسر ڪري سگهوٿا .
• ذهني خزانو؛ اوهانجا خيال ڪيترو قيمتي آهن؟ سکيا حاصل ڪيو ته اوهان ڪيئن پنهنجي دماغي صلاحيتن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهو ٿا؟
• پنهنجي ... “Creativity Quotient”....تخيلقي صلاحيت جي آزمائش ڪريو ... اوهين انکان وڌيڪ تخليقي ذهن جا مالڪ آهيو جيترو اوهين سوچيو ٿا ... هن وقت اوهين ڪيترا تخليقي آهيو؟ اها ڄاڻ اوهانکي وڌيڪ تخليقي صلاحيتن جي بلندين تي پهچڻ طرف راغب ڪندي ...
• تخليقي خوبيون؛ حقيقي معني ۾ تخليقي خوبيون ، سقراط کان وٺي بل گيٽس تائين جي ماڻهن ۾ هڪجهڙيون هونديون آهن، ۽ ساڳيو خوبيون اوهان ۾ به آهن، بس انهن خوبين جي نشاندهي ٿيڻي هوندي آهي جنهن سان اوهان پنهنجي اندر وڌيڪ تخليقي خوبيون پئدا ڪري سگهو ...
• ٻن ڪنن جي وچ ۾ سون جي کاڻ آهي؛ اوهانجو دماغ ڪمال درجي جو قيمتو آهي، اوهين پنهنجي ذهن ۾ موجود طاقتن کي سڃاڻيو ۽ انهن طاقتن کي اهڙي منظم طريقي سان استعمال ڪرڻو آهي جو اهي طاقتون اوهانجا رڪن ٿي پون .
• اوهانجا قيمتي تخليقي اوزار؛ سوال؟ اهڙا کليل سوالي عمل جي اوهانجي ذهانت کي وڌائن ٿا ... سکيا حاصل ڪيو ته اهڙا قيمتي سوال ڪيئن ڪجن ؟ ۽ انهن سوالن جي موٽ ۾ ملندڙ جوابن مان ڪيئن فائدو حاصل ڪجي؟
• تاريخ جو هڪ عظيم ماڻهون؛ ماڻهون جڏهن سچ جي ڳولها ڪنٿا يا وري اها همٿ ڪنٿا ته ذهني طور آزاد ۽ آسودا ٿين ته تاريخ ۾ موجود عظيم ۽ ڪامياب ماڻهن کي ڏسن ٿا، انهن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان اندر ۾ اتساهه پئدا ٿئي ٿو ۽ ماڻهون پاڻکي اجايو ٻڌڻن کان آزاد ڪري وٺي ٿو ...
• پنهنجا ڪن تيز ڪريو؛ ڳالهيون ٻڌندي سوال ڪرڻ ۽ جواب وٺڻ سان اوهانکي قيمتي موٽ ملي ٿي، ٻڌڻ تخليقي صلاحيت جي وڌائڻ لئه هڪ اهڙو تيل آهي جنهن سان اوهانجي سوچ جي صلاحيت ڏيئي جيئن روشن ٿئي ٿي.
• سوچڻ جا نوان طريقا؛ علمي مضبوطيءَ سان سوچ جو نوان طريقا حاصل ڪجن، نون رخن ۾ سوچڻ سان پڻ تخليقي صلاحيتون وڌن ٿيون، ذهني لاڙا پئدا ٿين ٿا جي ممڪن ڪاميابيءَ طرف وڃنٿا ... اهڙن نون لاڙن سان اوهان پنهنجي ذهن تي زور ڏيو ٿا ته اهڙن رستن جي ڳولها ڪري جي اڃان لڪل آهن ...
• مسئلن جي حل ڪرڻ جي جدت؛ مسئلن کي حل ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ ۽ منزل تي رسڻ واري قابليت وڌائي سگهجي ٿي، پاڻکي ان قابل ڪري سگهجي ٿو ، طريقا موجود آهن صرف انهن طريقن کي ڳولهڻو آهي ۽ سمجهڻو آهي ...
• خيالن جي طاقت؛ مسئلن کي حل ڪرڻ جا واڌو طريقا ڪهڙا آهن؟ سٺا خيال ... اهڙي مشين جنهن سان اوهان رڪيل فيصلا يا سمجهه ۾ نه ايندڙ منزلون ڳولهي لهو ٿا ... سٺن خيالن جا نتيجا به هميشه سٺا هوندا آهن.
• عمل لئه تيار هجڻ؛ جڏهن خيال پڪا ۽ پختا هجن ته عمل لئه به تياري هجڻ کپي، خيالن جي آڌار تي ٿيل تور تڪ مطابق اڳتي وڌڻ به هوندو آهي، جڏهن خيال ۽ عمل کي گڏائيندا ته اوهانجا مقصد تڪميل جي مرحلن ۾ پهچي ويندا ۽ انهن جون گهرجون پڻ پئدا ٿينديون، جيئن؛ سهولتون، وقت، لاڳت، انوقت منظم سوچ اوهانکي مدد ڪندي ۽ اوهين صاف سٿرا قدم کڻندي منزل طرف هلندا رهندا آهيو ...
• تخليقي شخص؛ سکيا حاصل ڪيو ته ڪيئن پنهنجي روين کي قائم رکبو آهي ... اهڙا طريقا استعمال ڪيو جيڪي اوهانجي تخليق جي مڪمل ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين .
• تخليق جي للڪار؛ تخليقي سوچ محنتي ڪم کي بدلائي مذيدار ۽ آسان ٺاهيندي آهي، ۽ ڏکئي ڪم کي هڪ فنپاري ۾ تبديل ڪندي آهي ...

” عجيب ترين راز“
تي لکيل آهي ... جيتوڻيڪ اهو اداريو انگريزيءَ ۾ هيو ۽ مون آسان سنڌيءَ ۾ لکڻ جو ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسانجي قوم کي خبر پوي ته ٻاهرين دنيا جا ماڻهون ڪي جنن جي اولاد ناهن جو ايترا ڪامياب يا خوشحال ٿين ٿا ، بلڪه انهن جا ڏاها انهن جي زندگين جي بدلاءَ لاءَ محنت ڪندا رهنٿا ۽ کين اهڙي سکيا ڏيندا رهنٿا .... اوهين پاڻ پڙهي فيصلو ڪريو ... نثار ابڙو