هڪ دوست جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا طور لکيل ٻه لفظ

ممتاز ڪنڀر

سينيئر رڪن
جنم ڏينهن مبارڪ

آزاد سنڌي


هيل به مون گڍي ڀٽ تي

اماس رات ۾ 12 ٿيڻ جو انتظار ڪيم

تون کي جنم ڏڻ مبارڪ ڏيڻ لاءِ

اڄ مون وٽ گلاب پتيون به آهن

اڄ مون وٽ ڪيڪ ۽ ميڻ بتيون به آهن

اڄ به مان ويو هئس

ان اسٽاپ تي

جتي هميشه جيان تنهنجي آمد ۾

هي اداس اکيون منتظر هونديون هيون

۽ اڄ ان اسٽاپ تي ڪيئي منزلن جا مسافر

پنهنجي منزلن جي

اچ وڃ ۾ مصروف هئا

پر

اهو مسافر نه هو موٽيو

منهنجي نظر جنهن جي منتظر هئي

تون چواڻِي ته منهنجو جنم ڏينهن

اڄ تائين نه ملهايو ويو آهي

۽

هڪ تون ئي عجيب وغريب شخص آهين

جيڪو مون لاءِ گلاب پتيون

۽ ميڻ بتيون آنديون آهن

ائين چئي تون ڏاڍو رنو هو

مون به دير نه ڪئي هئي

تنهنجا وهندڙ موتي

ڳلن تان چپن سان چمندي

۽ تون وري چپن کي

وڇوٽي ڏني

ايترو پيار نه ڏي مونکي

آئون ٽٽي وينديسان

ڇو ته

محبت لاحاصل هوندي آهي

مون تنهنجي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾

پڪڙي چيو هو

اي چري جانان....

آئون اول ۽ آخر دم تو ساڻ رهندس

هاڻ جلدي ڪر ڪيڪ ڪٽ

ڏاڍي بک لڳي آهي.....

۽ تنهنجي چپن هڪ هلڪي

مرڪ وکيري

پر

اڄ سڀ ڪجهه الڳ آهي

اڄ به مون وٽ گلا ب پتيون، ميڻ بتيون ۽ ڪيڪ آهن

پر تون مونکان ڪوئي ڏور سفر تي آهين

اڄ مون ڏاڍو رنو آهي

ان ٻار وانڱر

جيڪو پهرين ڏينهن تي ڪلاس ۾

پنهنجو گهر ساري ڏاڍو روئندو آهي

يقين ڪر!!!

اڄ به آئون تصويرن ۾ رنگ ڀريندوآهيان

پر اهي سڀ رنگ

هاڻ مونکي بي رنگ ڀائنبا آهن

رات ۾ هڪ جو پهر ٿي رهيو هو

نه تون آئين!!!!!!!!

نه ڪيڪ ڪٽيو ويو!!!!!!

نه ميڻ بتيون وساميون!!!!!!!

۽

آئون گگھه اوندهه ۾ گڍي کي

الوداع چئي ٿڪل قدمن سان

گهر موٽي آيس.....!!!
30aaxkn.jpg
[/IMG]
 
Back
Top