خدارا توهان سنڌ کي ليڊ ڪريو.... مهان اداڪار گلاب چانڊيو جي عمران خان کي اپيل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    1992 ۾ جڏهن مان پهريون دفعو ڪراچي ويس ته منهنجي ملاقات سنڌ جي مهان اداڪار گلاب چانڊيو سان به ٿي هئي.. گهٽ عمر هجڻ ۽ لڄ ڪري ساڻس وڌيڪ گفتگو نه ڪري سگهيو هيم.. پر سندس شخصيت ٽيليويزن جي ناٽڪ رنگ پروگرامن ۾ ادا ڪيل سندس ڪردارن کان ڪافي اوچي ٿي لڳي..
    اڄ به منهنجي تصور ۾ اڀرندڙ سندس ان شڪل شبيهه کي ان وقت ڇيهو رسيو جڏهن عمران خان جي تازو گذريل ڪراچي واري تاريخي جلسي ۾ گلاب چانڊيو کي سماء نيوز رپورٽر کي انٽرويو ڏيندي ڏٺم.. شايد اهو عمر جو ڪافي لنگهي وڃڻ ئي هو.. نه ته گلاب چانڊيو ته قدآور ۽ منهن جسم ۾ ڀريل هڪ سوڀر اداڪار هو...

    خير واپس خبر تي اچجي ته... سنڌ جي هن مهان اداڪار گلاب چانڊيو، پي ٽي آئي سربراهه عمران خان کي اپيل ڪندي چيو آهي ته خدارا سنڌ کي ليڊ ڪري.. ڇو ته سنڌ کي ان جي ضرورت آهي.. عمران خان سچو ليڊر آهي.. ۽ قائداعظم يا ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ ڪو بهادر ليڊر آهي ته اهو عمران خان آهي...

    پنهنجي مختصر انٽرويو ۾ گلاب چانڊيو سنڌ جي قومي گيت تي جهمريون پائيندي وڌيڪ ڇا چيو .. حاضر آهي فيس بوڪ جي مختصر وڊيو...

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    گلاب چانڊيو سان ان ڏينهن باغين سان شام واري پروگرام ۾ داخل ٿيندي آرٽس ڪائونسل ۾ ملاقات ٿي.. ملاقات ڇا ٿي بس سائين سان هٿ ملايو ته انتهائي نِوڙت سان مليو... وڊيو بوڪمارڪ ڪئي آهي. گهر وڃي ڏسونس ٿا... :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌ جي اداڪارن، ڏاهن، اديبن جو اهو ئي حال آ، هُو پڇاڙي واري عمر ۾ صفا ضعيف ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن، يا ته اهي ويچارا ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.. منهنجي پسند جو اداڪار عبدالحسين ساريو مرحوم کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ جا نصيب فرمائي، هُو پڇاڙي واري عمر ۾ اهو چئي ويو ته مونکي ڪينسر ڇڏيندو ڪونه ڪنهن کان به فنڊ گهرڻ جي ضرورت ناهي..
    وجه الائي ڇا آهي . بس الله رحم ڪندو عالمِ انسانيت تي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شايد ڪنهن الهوٽ نشي ۾ آهي جو عمران خان ٿو سنڌ جي نجات لاءِ اپيلون ڪري . اهڙن ماڻهن کان ڪو پڇي ته سنڌ جي لاءِ عمران يا قادريءَ وٽ ڪهڙو پروگرام آهي ته .اهي ته انهن جي اشارن تي نچي ۽ ڪڏي رهيا آهن ،جن بندوق جي زور تي سنڌ کي ڪالوني طور هلائي رهيا آهن .ڇا انهن بنهيءَ وٽ ڪو قومي سوال جو ڪو حل آهي ؟ اهي ٻيئي رڳو ڪرپشن جون دانهون ڪري رهيا آهن .سڀ کان وڌيڪ ته بندوق وارا ڪرپشن ۾ ملوث آهن ،جن انهن کي ميدان ۾ لاٿو آهي .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بالڪل صحيح
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو