سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائنده تنظيم سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم سنڌ جي تقسيم بابت ٿيندڙ سازشن خلاف 27 سيپٽمبر 2014، ڇنڇر ڏينهن اڍائي وڳي منجهند ٽي تلوار ڪلفٽن جي چوڪ تي سول سوسائٽيءَ جو احتجاجي مظاهرو ڪري رهي آهي. اوهان کي گذارش آهي ته اوهان پاڻ پنهنجي لاڳاپيل دوستن سميت انهيءَ مظاهري ۾ شرڪت ڪري سول سوسائٽيءَ جو هي ڀرپور ميسيج پڌرو ڪرڻ ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿيو ته سنڌ جي حقيقي سول سوسائٽي سنڌ جي تقسيم کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. پاران: سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم