مستقبل جي معمارن کي ڪيئن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ڪجي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي جنهن جو حل تلاش ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، اگر اڄ اسان توجه نه ڏني ته اهي ساڳيا ٻار، اسان وانگر پنهنجن وڏن کي ڪهڙي لفظن سان ياد ڪندا؟ اسان جا وڏا يعني مسلمان حڪمران ننڍي کنڊ (هندستان) ۾ تقريبن سَتَ صديون حڪمران رهندي به مسلمانن جي ايندڙ معمارن کي ڪو روشن مستقبل نه ڏئي ويا، الٽو اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي لاچار ۽ مجبور ڪري ويا. تاريخ گواهه آهي ته هن خطي ۾ جهڙي طرح مسلمان حڪمران ڪامياب ٿيا، ائين دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ نه ٿيا هئا. اگر مسلمان حڪمران پنهنجي ايندڙ معمارن جي لاءِ ڪا پلاننگ ڪري وڃن ها ته اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي شايد مايوسي پلئه نه پوي ها. اڄ آئون جڏهن مستقبل جي معمارن کي ڏسان ٿو ته اکين مان ڳوڙها اچي وڃن ٿا، جيڪي سٺي عمل کي به بُرو ۽ بُري عمل کي سُٺو چون پيا، انهن کي اِها به خبر نه ٿي پوي ته سٺو عمل ڇا آهي ۽ برو عمل ڇا آهي؟ ائين پيو محسوس ٿئي ته لڪير جا فقير هجن، جن کي جهڙي ماحول ۾ رهائجي، ان ماحول جو حصو بڻجي وڃن ٿا. حقيقت هي آهي ته ٻارن جي تربيت هڪ ضروري ڪم آهي ۽ ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ امانت طور اچي ٿو، هن جو دل ۽ دماغ نفيس، سادو، هر نقش ۽ صورت کان خالي ۽ هر هڪ نقش کي قبول ڪندڙ نظر اچي ٿو، جنهن طرف اوهان ان کي مائل ڪندؤ، ان جو لاڙو ان طرف ئي ويندو. مثال طور: جيڪڏهن هن کي نيڪي جي تعليم ڏني ويندي ته هو وڏو ٿي نيڪ ۽ پرهيزگار ئي ٿيندو، جي برائي جو علم ڏنو ويندو ته وڏو ٿي برائي وارا ئي ڪم ڪندو ۽ ان جو وبال هن جي تربيت ڏيڻ واري تي ئي پوندو. الله باري تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ترجمو: ”اي ايمان وارو بچايو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهروارن کي ان باهه کان.“ جڏهن والدين پنهنجي اولاد کي دنيا جي عذاب ۽ تڪليفن کان بچائڻ لاءِ وس ڪري ٿو ته ان تي اهو به فرض آهي ته هو پنهنجي اولاد کي آخرت جي باهه کان به بچائڻ جي ڪوشش ڪري. آخرت ۽ دنيا جي باهه کان هن طرح ئي بچي سگهجي ٿو ته اولاد کي ادب، تهذيب ۽ سهڻا اخلاقي سيکاري ۽ معاشري جي خراب صحبت کان به بچائي، ڇو ته ٻار گهڻو اثر معاشري ۾ ٿيندڙ براين مان ئي وٺن ٿا. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ٻار جي پرگهور ۽ سار سنڀال شروع کان ئي نظرداري ۽ ذميواري سان ڪئي وڃي. جڏهن ٻار ۾ اخلاق جو مادو شروع ٿئي ٿو ته ان وقت ته ويتر وڌيڪ تربيت ۽ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. سڀ کان پهريان ٻار تي جيڪا خواهش ظاهر ٿئي ٿي، اها آهي کائڻ ۽ پيئڻ، تنهن ڪري سڀ کان پهريان هن کي کائڻ جا آداب سيکارڻ نهايت ئي ضروري آهن. هن جي سامهون گهڻي کائڻ ۽ پيئڻ جي مذمت ڪجي ته جيڪو گهڻو کائي ٿو اهو جانور جي مثال آهي، ٿوري کائڻ واري ٻار جي هن سامهون تعريف ڪئي وڃي. ٻارن جي ٻي خواهش هوندي آهي سٺا ۽ ڀلا ڀلا ڪپڙا پائڻ، ان لاءِ هن کي اهڙن ٻارن جي صحبت کان پري رکجي، جن کي آرام طلبي ۽ عمدي پوشاڪ جو شوق ۽ عادت هجي ۽ اهڙن ٻارن سان کين ملڻ به نه ڏنو وڃي، جن جي چوڻ سان هن جي دل ۾ انهن ڳالهين جي رغبت پيدا ٿئي. جڏهن ڪو ٻار ڪو سٺو ڪم ڪري ته ان کي فورن انعام ڏئي کيس حوصلا افزائي ڪجي ۽ ماڻهن ۾ هن جي تعريف ڪجي. اگر ڪو ٻار خراب ڪم ڪري ٿو وٺي ته ان جي ان کي سمجهاڻي ڏئي ان کان پري ڪجي، خاص ڪري ان وقت جڏهن ٻار به انهيءَ ڪم کي پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻار کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويٺي ته منهنجو عيب ظاهر ٿيو ۽ ان بابت مون کي ڪجهه به نه چيو ويو ته هو ٻيهر وڏي جرئت سان اهڙا ڪم ڪندو رهندو ۽ هن کي راز کلڻ جي به پرواهه نه رهندي، ڪو به ڪم هن کي لڪائي ڪرڻ نه ڏجي، ڇاڪاڻ جو لڪي ڪم ڪرڻ جي هن ۾ عادت پئي ته جنهن ڪم کي هو برو سمجهندو، اهو لڪي ڪندو، جيڪڏهن هر ڪم اعلانيه ڪرڻ جي هن ۾ عادت پئجي وئي ته برن ڪمن ڪرڻ کان هو باز ايندو. جيڪڏهن شروع ۾ ئي ٻار جي پرگهور نه ٿي ڪئي وڃي ته گهڻو ڪري خراب عادتون هن ۾ پيدا ٿي وڃن ٿيون ۽ هو ڪوڙو، حاسد، چور، جهڳڙالو، چغل خور، کل مسخري ڪندڙ بي پرواهه، لاغرض ٿي وڃي ٿو. هن ڳالهه جي به تربيت ڏني وڃي ته گهڻو نه ڳالهائي. ڳالهه سچي هجي يا ڪوڙي قسم هرگز نه کڻي، اها به تربيت ٻارن کي ڏجي ته سڀني کان اڳ ۾ نه ڳالهائي، بلڪه ڪو ئي ڪجهه پڇي ته صرف ان جو ئي جواب ڏئي، جڏهن ڪو به شخص ڪا ڳالهه ڪريس ته ڌيان ڏئي ان جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان مطابق ئي جواب ڏئي، پاڻ وڏي جو اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪري ۽ ان جي ويهڻ لاءِ جڳهه خالي ڪري. جيڪڏهن اسڪول ۾ سندس استاد ڪنهن ڳالهه تي ڇڙٻ ڏيئيس ته ان تي شور هرگز نه ڪري نه ئي ڪو سفارشي ڳولي، اسڪول اچڻ کانپوءِ ٻارن کي سٺي راند روند لاءِ اجازت ڏيڻ گهرجي، ضرورت آهر ٻارن کي شريعت جي پڻ واقفيت ڏيارجي، اهو به ٻڌائجي ته هي دنيا عارضي ۽ مهمان آهي، ان کي گهڻو پنهنجو ڪرڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪري. آئون سمجهان ٿو ته جڏهن ماڻهن وٽ ڪي به سهولتون نه هونديون هيون، تڏهن به ٻارن ۾ ادب، اخلاق هوندو هو، جيئن جيئن جديد سهولتون ۽ سک آيا آهن، تيئن تيئن اسان جا ٻار به ادب ۽ اخلاق جي دائري مان نڪرندا پيا وڃن. حاصل مقصد هي آهي ته اسان کي گهرجي ته ٻارن جي اهڙي تربيت ڪيون جو هو هن معاشري سان گڏوگڏ هن ملڪ جو مان مرتبو بلند ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪن، اگر سستي، ڪاهلي، لاپرواهي، مجبوري ۽ ڪمپرومائيز واري ماحول سان انهن جي تربيت ڪنداسين ته هو به سڀاڻي سست، ڪاهل، لاچار ۽ مجبور ئي پاڻ کي ظاهر ڪندا.