سائين رشيد صاحب توهان جي مهرباني هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ ادي چانڊوڪي کي به جس هجي جو ايتري زبردست وڊيو شيئر ڪري سنڌ سلامت جي ساٿين کي تمام بهترين سوکڙي مهيا ڪئي آهي. مهرباني ان خوشي ۾ هي غزل پيش ڪرڻ چاهيندس:
”نرمل“ کوهارو
غزل
سنڌي ٽوپي پائڻ وارا،
سنڌي پاڻ سڏائڻ وارا.
سچل، سامي، گهوٽ ڀٽائي،
تن کي پاڻ ٻاڏائڻ وارا.
هوشو، هيمون ۽ دريا خان،
جيجل لاءِ سر وڍائڻ وارا.
سنڌڙي محبت جو آ ديس،
سنڌي، ماءُ جي ٿڃ ملهائڻ وارا.
اجرڪ پنهنجي عزت آهي،
آهيون سچ جي جوت جلائڻ وارا.
من ۾ جي جاڳيون ڪويتائون،
آهيون تن کي پيغام بنائڻ وارا.
عالم سڀ آباد ٿئي شَل،
دعا هيءَ لب تي لائڻ وارا.
ڏاڍو ڪيڏو ڏاڍ ڪري پر،،
”نرمل“ ناهن، سيس نمائڻ وارا.