• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليپ ٽاپ جي بيٽري جو خيال رکو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڪثر ماڻهون ليپ ٽاپ جي بيٽري جو خيال بلڪل به نه رکندا آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو بيٽري جو بيڪ اپ وقت گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي ايتري تائين جو اهو وقت رڳو ڪجهه منٽن تي اچي پهچندو آهي. جيڪڏهن توهان ليپٽاپ جي بيٽري کي مڪمل چارج ڪريو ۽ پوءِ ان کي مڪمل استعمال به ڪريو ته توهان جي بيٽري بهتر حالت ۾ رهندي..
ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته ليپ ٽاپ جي بيٽري کي ڊسچارج ڪرڻ سان ئي ليپ ٽاپ جي حياتي وڌندي آهي؟ بيٽري کي ٽيهه دفعا چارج ٿيڻ کان پوءِ مڪمل ڊسچارج ڪرڻ ضروري هوندو آهي؟ بيٽري مڪمل ڊسچارج ان طرح ٿيندي آهي جو ليپ ٽاپ کي بغير پلگ لڳائي استعمال ڪندو رهجي.. ايسيتائين جو بيٽري ختم ٿي وڃي ۽ سسٽم بند ٿي وڃي. هاڻي ليپ ٽاپ کي گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڪلاڪن تائين استعمال نه ڪريو. ان کان پوءِ ان کي هڪ دفعو مڪمل چارج ڪريو. مڪمل چارج ٿيڻ دوران ليپ ٽاپ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڏسيل ان طريقي تي عمل ڪجي ته ان سان ليپ ٽاپ جي بيٽري مڪمل طور ڊسچارج ٿي ويندي ۽ ان جي ڪارڪردگي بهترين رهندي.
ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان کي به پنهنجي ليپ ٽاپ جي بيٽري پياري آهي ۽ توهان ان کي دير تائين سٺو رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان لاءِ حاضر آهي ”BatteryCare“ سافٽويئر..

jzpn6bHLNGeGB_e.jpg

هي سافٽويئر پاڻمرادو توهان لاءِ پاور پلان چونڊيندو آهي گڏوگڏ سي پي يو ۽ هارڊ ڊسڪ جو ٽيمپريچر پڻ نوٽ ڪري توهان کي ڏسيندو آهي.. ان کانسواءِ هن سافٽويئر جا ٻيا بهترين فيچرس پڻ توهان کي ٻڌائيندا ته بيٽري کي وڌيڪ چارج نه ڪريو ۽ توهان کي ياد ڏياريندو رهندو ته بيٽري کي مڪمل استعمال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي..

jBlZhNvZjb0s0_e.jpg

هي سافٽويئر نوٽ ڪندو رهندو آهي ته توهان ڪيتري دفعا ليپ ٽاپ جي بيٽري چارج ٿي چڪي آهي.. ۽ هاڻي بيٽري کي مڪمل ڊسچارج ڪرڻ جي ضرورت آهي.. انهن سموري ڪمن لاءِ هي سافٽويئر توهان کي ليپ ٽاپ تي مصروف رهڻ دوران اطلاع ڏيندو رهندو ته جيئن توهان اهڙيون ڪارائتيون ڳالهيون وساري نه ويهو..

j24qQm6xjvRYQ_e.jpg
هي انتهائي ڪارآمد ۽ رڳو 1.5 ميگا بائيٽ جو مفت سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
 
دوست بلڪل توهان جو ڏسيل سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪبو چو ته پهريائين جيڪو مون وٽ ليپ ٽاپ هو اصل اهڙو ٿئي ويو هو جودوستن ڏٺو ته فقير پاڻ هاڻي ليپ ٽاپ نه وٺندو ان ڪري هفتو پهريائين ڪنهن دوست ڪراچي مان اپ ڊيٽ ماڊل جو ڪمپيوٽر وٺي موڪليو آهي ان ڪري بيٽري بابت واقعي به فڪرمند آهيان پر توهان جو ڏسيل سافٽ ويئر ڪروم انسٽال ڪرڻ نه پيو ڏئي ان سافٽ ويئر لا۽ گوگلنگ ڪريان پيو

فقير
 
لک قرب اوهانجا پروگرام ۾ سيو ته ڪري ورتو آهي مگر افسوس جو زپ فائيل آهي ۽ مونوٽ ونرار يا ونزپ ڪونهي ته پروگرام رن ڪيان خير الله ڀلائي ڪندو
 
منهنجي ليپٽاپ جي بيٽري جو هاڻي اهو حال آهي جو 2 منٽ به نٿي هلي.
جڏهن آئون ليپٽاپ هلائيندو آهيان ۽ چارجر اَن_پلگ ڪري ڇڏيندو آهيان ته بيٽري ڪلاڪ کان مٿي هلي ٿي، وري جڏهن بيٽري کي فُل چارج ڪري ليپٽاپ کي بند ڪري ٻيهر چالو (اسٽارٽ) ڪندو آهيان ته بيٽري صفا ختم ٻڌائيندو آهي..
اصل ماري ڇڏيندو آهي.
هاڻي انهي مسئلي جو ڪو حل هُجي ٻڌايو..
 
ڪاٿي توهان جي ليپٽاپ ۾ ڪو ونڊوز شٽ ڊائون جو اشو ته ناهي ... جهڙوڪ ائين ته ناهي ته توهان ليپٽاپ شٽ ڊائون ڪيو پر اهو ٻيهر ريسٽارٽ ٿيو وڃي.. ۽ توهان خيال نه ڪرڻ ڪري بيٽري کي هلندو ڇڏي ڏيو... وڌيڪ تسلي لاءِ توهان شٽ ڊائون ڪرڻ کان پوءِ ٿورو انتظار ڪري چيڪ ڪريو يا وري بيٽري ٻاهر ڪڍي رکو... ۽ پوءِ ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ استعمال ڪري ڏسو...
ان کان علاوه اهو به چيڪ ڪريو ته ليپ ٽاپ کان الڳ ڪرڻ کان پوءِ ڪاٿي بيٽري تي لڳل بلب ٻرندا ته نه ٿا رهن...
 
سائين بيٽري جي بچاء جو طريقو ته تمام سٺو ٻڌايو اٿو پر هڪ ننڊو سوال اوهان کان ته جيڪڏهن اسان بيٽري کي مسلسل چارج تي هڻندا رهون يا وري ڪنهن وقت اسان کي ڳالهه ئي وسري ويندي آهي ته ليپٽاپ کي چارج تان هٽايون هميشه لڳل هوندو آهي ان جو ڪو نقصان آهي ؟؟؟؟
 
بيٽري فُل چارج ڪري پو مڪمل شٽ ڊائون ڪيومانس ، بيٽري ڪڍي رکيم، ڪجهه ڪلاڪن بعد بيٽري کي ٻيهر لڳائي جڏهن چالو ڪيم ته ساڳيو ئي مسئلو هو، بيٽري لو Low جو الارم وڄي ٿو ۽ ليپٽاپ بند ٿيو وڃي.
 
ادا راشد بلڪل ان جو نقصان اهو ئي آهي جيڪو گذريل ڪمينٽ ۾ عبيد جو آهي، يعني اوهان جي ليپ ٽاپ جي بيٽري ختم ٿي ويندي..
 
بيٽري فُل چارج ڪري پو مڪمل شٽ ڊائون ڪيومانس ، بيٽري ڪڍي رکيم، ڪجهه ڪلاڪن بعد بيٽري کي ٻيهر لڳائي جڏهن چالو ڪيم ته ساڳيو ئي مسئلو هو، بيٽري لو Low جو الارم وڄي ٿو ۽ ليپٽاپ بند ٿيو وڃي.
پاڻ به ساڳي مرحلي مان گذريا آهيون، هاڻي اوهان جو وارو..
 
90 پرسنٽ کان پو
10 پرسنٽ تائين هلائي پو ئي ٻيهر چارج تي لڳايو

ها اهو ئي طريقو آهي، پر ان سان به هڪ مسئلو ٿو اچي، جڏهن ڪمپيوٽر ۾ وڊيو پلي ٿو ڪريان ته بيٽري الائي ڪٿي گم ٿيو وڃي ۽ ليپٽاپ بند ٿيو وڃي.

اففففففففففففف...
هاڻي نئين بيٽري ... اها ته وٺي وٺندس پر ليپٽاپ ۾ ٻيو مسئلو هِي پيو اچي ته جڏهن چارج تي لڳل هوندو آهي ته ليپٽاپ ارٿ هڻندو آهي.. ان ڪري ليپٽاپ کي تبديل ڪرڻ جو ارادو رکيو اٿم.
 
جيڪڏهن ليپ ٽاپ سٺو آهي ته پو نه وڪڻوس، جو بار بار سٺي شي نه ملندي آهي، باقي ارٿ جو حل به جادوگر سمي وٽ ضرور هوندو.
 
جيڪڏهن بيٽري مڪمل ڊسچارج ڪجي ته ايئن نه ٿئي جو اها بيٽي ڪمزور ٿي وڃي ۽ آئندھ صحيح ۽ مڪمل چارج نه ٿئي يا ٻيو ڪو مسئلو ڪري.
 
ادا محترم ذيشان رشيد اوهانجي ڏسِيل طريقي مطابق مون پنهنجي بيٽري کي مڪمل ڊسچارج ڪيو تانجو ليپ ٽاپ بند ٿي ويو ، انکانپوءِ پلگ لڳائي ليپ ٽاپ آن ڪيو خير سان ٽيون ڏينهن آ ليپ ٽاپ هلي ته پيو پر بيٽري زيرو پرسنٽ شو پيو ڪري پلگڊ ان ٻڌائي پيو پر گڏوگڏ ناٽ چارجنگ ٻُڌائي رهيو آهي ، واضع رهي ته مونوٽ ڊيل ڪمپني جو ليپٽاپ انسپائرون 1525 آهي جنهن ۾ ونڊوز 8.1 آهي ۽ ٻه مهينا پهريان نئين بيٽري خريد ڪئي هيم جنهنجو هاڻي اهو حال آ!
 
Back
Top