دنيا جي سڀ کان پهرين ٿري ڊي (ٽه طرفي) پرنٽر سان تيار ڪيل گاڏي جو ڪامياب ٽيسٽ ڊرائيو ٿي گذريو. ٿري ڊي پرنٽر ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ هڪ نئين جدت متعارف ڪرائي آهي جنهن سان ننڍيون ، وڏيون شيون صرف ٿري ڊي پرنٽر سان تيار ڪري انهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
هي گاڏي آمريڪي شهر شڪاگو ۾ جاري “مينيو فيڪچرنگ ٽيڪنالاجي شو 2014” دوران تيار ڪئي وئي ۽ ان جي ٽيسٽ ڊرائيو به ان شو جي دوران ئي ڪئي وئي.
ٽيڪنالاجي شو ۾ مشهور آٽوميڪر فرم لوڪل موٽرز کي هن ڪم ۾ 44 ڪلاڪن جو وقت لڳو، ۽ اهو سڀ ڪم حاضرين جي موجودگيءَ ۾ ڪيو ويو. گاڏيءَ جي مختلف حصن کي 40 ٽُڪڙن ۾ ٿري ڊي پرنٽر مان پرنٽ ڪيو ويو.
جنهن کان پوءِ سڀئي پرزا لوڪل موٽرز جي ٽيم مشينري ذريعي هڪ ٻئي سان جوڙي گاڏي جي صورت ۾ آندا. گاڏيءَ لاءِ وائرنگ ، بيٽري، ٽائر وغيره ٻين ڪمپنين جا لڳايا ويا ..
گاڏي جو وزن 17 مڻ ۽ ڪجهه ڪلو آهي ۽ گاڏيءَ جو نالو دِي اسٽراٽي (The Strati) رکيو ويو آهي. هي گاڏي 40 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي.