سڪندرعلي عباسي اها هڪ خوبصورت ساعت هئي جڏهن راقم الحروف جي ملاقات سنڌ جي هڪ سڄڻ اسڪالر محترم فضل سليمان قاضي صاحب سان سندس ڪراچي واري رهائش گاھ ۾ ٿي. روان مهيني سيپٽمبر جي 9 تاريخ ۽ اڱاري جو ڏينهن هيو. هلڪار ڦلڪار بادل ڪراچيءَ جي آسمان تي هتي هُتي نظر پئي آيا. ڊفينس جي پوش ايريا ۾ ڪراچي شهر ۾ منظر انتهائي خوبصورت پئي لڳو. ڏينهن جا ٽي پهر گذري چڪا هيا. محترم فضل سليمان قاضي جي ڪاشياني تي وڃڻ جو منهنجو پهريون دفعو هيو. محترم سان بالمشافه هيءَ منهنجي ملاقات پهرين هئي. سندس علمي تعارف ۽ پيشوراڻا مهارتن ۽ خدمتن جي ڄاڻ بس ايتري قدر هئي ته موصوف سياست جي سماجي سائنس ۾ بي اي (آنرز) جي ڊگري رکندڙ قانونداني جي پيچ ۽ خم جا ڄاڻندڙ بئنڪنگ جا ماهر ۽ مشاق آفيسر رهيا آهن. ان حوالي سان هو نه صرف پاڪستان اندر پرڏيساور ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪا آهن. محترمه فضل سليمان قاضي صاحب سان اها غائبانه شناسائي به محترم محمد بچل تونئي صاحب ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي معرفت ٿي هئي. سائين تونيه صاحب جن جيئن ته منهنجا محترمه بزرگ مهربان آهن ۽ کين فضل سليمان قاضي صاحب جي هم نشيني ۽ دوستي جو شرف به حاصل آهي. انهيءَ واسطي سان راقم المحروف ۽ محترم قاضي صاحب جن جو غائبانه تعلق قائم ٿيو. انهيءَ تعلق جي بنياد تي قاضي صاحب پنهنجو لکيل ڪتاب ”سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام“ مون ڏانهن اعزازي تحفي طور ڏياري موڪليو. پنهجي نيڪ تمنائن سان گڏ KANT جو اهو قول به ڪتاب جي صفحي تي لکي موڪليو ته Enlightenment Comes from Discovering the truth يعني ” سچ کي دريافت ڪرڻ سان ئي فڪر خيال جي روشني ملي ٿي” ڳالهه ته بالڪل صحيح آهي. پر سچ کي دريافت ڪرڻ جو عمل تمام گهڻو محنت طلب هجي ٿو. اڪثر ماڻهو پنهنجي روايتي سهل انگاريءَ سبب سچ کي دريافت ڪرڻ جي زحمت ڪرڻ لاءِ بالڪل تيار نه ٿا ٿين. تاريڪ خياليءَ جي فريب ۾ ئي زندگي گذارڻ جا عادي رهجي وڃن ٿا. ڳالهه صرف ايتري به ناهي ته سچ کي دريافت ڪرڻ ئي ڪافي آهي. سچ کي دريافت ڪرڻ ۽ سچ کي پنهنجي تحرير ۽ تقرير ۾ بيان ڪرڻ ۽ ان جي ابلاغ لاءِ ڪوشش ڪرڻ به سچ کي دريافت ڪرڻ واري جي ذميواري ٿي وڃي ٿي ۽ اها ذميواري نڀائڻ هر ڪنهن ڪس ناڪس جي وس جي ڳالهه نه آهي. محترم فضل سليمان قاضي صاحب، سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام، لکي ڪري نه رڳو وطن عزيز جي سياسي سچائين کي دريافت ڪيو آهي پر اُن جو برملا اظهار ڪري سچ کي ديافت ڪرڻ ۽ ان کي ٻين تائين پهچائڻ جو قلندراڻو قدم به کنيو آهي. قاضي صاحب جو اهو ادبي پورهيو ان ڪري به قابل تعريف آهي ته ان ۾ اسان سنڌين جي لاءِ Enlightenment به آهي ته سياسي رهنمائي به بهرالحال قاضي صاحب جي ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ساڻس ملڻ جو شوق پئدا ٿيو. ۽ سائين به ڪجهه اهڙو شوق ملاقات ڏيکاريو انهيءَ ڪري وقت وٺي ساڻس ملاقات لاءِ سندن ڪاشياني تي وڃي مليس. محترم قاضي صاحب سان اها ملاقات هئي ته هڪ ڪلاڪ جي مختصر ملاقات پر سندن فڪري تاڃي پيٽي کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي. هو هر اعتبار کان مون کي سنڌ جا سور سانڍيندڙ شخص نظر آيو. ۽ سنڌي ماڻهن جي تعليمي پسماندگي ۽ سياسي محرومين جو تذڪرو ئي سندس موضوع سخن رهيو. مون جڏهن قاضي صاحب کي چيو ته اوهان سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام، سنڌي زبان ۾لکڻ جي بجاءِ اردو زبان ۾ لکو ها ته جيئن پاڪستان جا حڪمران ٽولا ان کي پڙهي سگهن ها ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي فڪري احساس کان باخبر به ٿي سگهن ها ته قاضي صاحب جو جواب اهو هيو ته مون سنڌي ماڻهن کي باخبر ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب لکيو آهي، اردو دان طبقو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. بلڪ اهي زبان جي حوالي سان سنڌي جا به ڄاڻو گر آهن ڄاڻي ٻجهي سنڌي ڳالهائڻ کان انڪار ڪن ٿا. اهو انهن جو تعصب آهي جو سنڌي ڳالهائڻ کان پري آهن. بهرحال اُهي جيڪڏهن سنڌي زبان نه ٿا ڄاڻن ته اهو انهن جو مسئلو آهي. مان انهن سان سنڌي ۾ ئي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. مون کي قاضي صاحب جو دليل طاقتور لڳو. بهرحال مان ان ڳالهه جي حق ۾ آهيان ته قاضي صاحب پنهنجي ڄاڻايل ڪتاب ۾ جن سڃائين کي سامهون آندو آهي. اهي بهرصورت اردو زبان ۾ ڇپجڻ کپن. پاڪستان جي حڪمرانن کي خبر پوڻ کپي ته سنڌ جو اسڪالر هينئر ڇا سوچي رهيو آهي. خير قاضي جي گفتگوءَ مان اهو به واضح پئي ٿيو هو سنڌ جي نمائنده جمهوريت زادن کان بالڪل به مايوس هيو. هن جو خيال هيو ته پي پي پي جا نمائندا هجن يا ڪنهن ٻي پارٽيءَ جا سنڌي نمائندو ڪو به سنڌ جي اندر تعليمي انقلاب آڻڻ ۾ سنجيدو نظر نٿو اچي. ۽ نه ئي وري سنڌي اديبن ۽ محققن جي ڪا همت افزائيءَ ڪئي پئي وڃي. اديب ويچارو لکي به پاڻ ڪتاب ڇپائي به پاڻ ۽ ڪتاب جو وڪرو به پاڻ ئي ڪري ٿو. محترم فضل سليمان قاضي صاحب جو چوڻ هيو ته سنڌ حڪومت جو ڪلچر ڊپارٽمينٽ ان حوالي سان بالڪل مجرماڻي غفلت جو شڪار آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ جيڪڏهن سٺي ادب جي همت افزائي ڪندي بهترين ڪتابن جون ڪاپيون خريد ڪري سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لائبريرين کي فراهم ڪري ته ان سان ليکڪ ۽ سندس لکيل ڪتابن جي قدرداني به ٿيندي ۽ سٺي ادب کي هٿي به ملندي. برعڪس ان جي اسان جو ڪلچر ڊپارٽيمينٽ بيڪار قسم جي ڳالهين کي ثقافتي سرگرميون قرار ڏئي وقت ۽ پئسي جو ضياع ڪري رهيو آهي. محترم قاضي صاحب جڏهن اهي ڳالهيون ڪري رهيون ته ان وقت سندس هٿن ۾ سندس نئون ڇپيل انگريزي ڪتاب Discretionary Powers هيو. تمام وڏي صخانت جوڳ ڪتاب نالي مان ئي ان جي اهميت ظاهر آهي. ادارو هجي يا ڪهن ملڪ جو سربراھ هر ڪنهن وٽ ملڪ جي قانون تحت ڪجهه صوابديدي اختيارات هجن ٿا جن کي اداري جي سربراھ طرفان خصوصي طور تي استمال ڪيو وڃي ٿو. انهن صوابديدي اختيارن کي استعمال ڪرڻ لاءِ به ڪن خاص ڳالهين کي سامهون رکڻ تمام ضروري هجي ٿو. صوابديدي اختيارن جو اهو مطلب بالڪل به نه آهي. ته انهن کي بس ايئن ئي الل ٽپ استعمال ڪيو وڃي. بهرحال ڪتاب جي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته قاضي فضل سليمان ان موضوع کي نڀائڻ ۾ ڪيتري نه عرق ريزي ۽ محنت ڪئي هوندي. محترم قاضي صاحب پنهنجي پيشواراڻا زندگيءَ ۾ عرق ريزيءَ ۽ جفاڪشيءَ جا دلداده رهيا آهن. جڏهن سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن وجود ۾ آئي ته ان جا صدر به ٿيا. حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جا ميمبر رهيا. نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تي براجمان رهيا. پورا پنجويهه سال بئنڪاري جي نوڪري ۾ نور نچوڙيندا رهيا. بئنڪ طرفان ڪڏهن چين ۾ بئنڪ جي نمائندي طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪڏهن نيويارڪ ۾ نيشنل بئنڪ جي جنرل مئنيجر جي طور خدمتون سرانجام ڏنيون. مطلب ته سندس پيشوراڻا عرق ريزيءَ جي ڊگهي تاريخ آهي. محترم قاضي صاحب انگريزي سٺي لکي پڙهي سگهن ٿا. سن 1977 ۾ سندس انگريزي ڪتاب Law and Politics in Pakistan ڇپيو. جنهن سندس علمي مرتبت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو. هن ۾ هڪ پارليامينٽرين هجڻ جون سڀ صلاحيتون آهن هو سياست ۽ قانون کي بهتر طور تي ڏسي سگهي ٿو. مون جڏهن محترم قاضي فضل سلمان کان پڇيو ته اوهان سياست جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي ته موصوف اهو چيو ته هن جهڙي ماڻهوءَ سياست جي ايوانن ۾ داخل ٿيڻ ۽ بازيابي وٺڻ جي ڪا گنجائش نه آهي.زميندار جاگيردار ۽ سرمائيدار ٽولو سياست ۾ ايترو ته طاقتور آهي جو مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو Visionary ماڻهو به اُتي پاڻ کي Helpless محسوس ڪندو هيو. رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ هن سينٽ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ بي نظير ڀٽو صاحب جي رضامندي به حاصل ڪري ورتي هئي پر پي پي جي خاص سوچ رکندڙ ماڻهن سندس رستي ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون رکيون. جنهن ڪري هو سينيٽ جي ايوان تائين پهچي نه سگهيو. محترم فضل سليمان قاضيءَ پنهنجي فڪر ۽ خيال ۾ هر اعتبار کان توانا شخص نظر آيو. هن سان گڏ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ۽ چانهه جو ڪپ پيئندي مون کي تازه دمي محسوس ٿيڻ لڳي. افسوس اهو ٿيڻ لڳو ته اهڙي صحتمند فڪر و خيال رکندڙ شخص سان ملاقات زندگي ۾ ايتري دير سان ٿي. اهڙي شخص سان ملاقات گهڻو گهڻو اڳ ٿيڻ کپندي هئي. زندگي سي بس يهي گلا هي مجهي ڪه بڙي دير سي تو ملا هي مجهي