ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن ۾ بنيادي فرق اهو هوندو آهي ته ڪامياب ماڻهو اهو ڪم ڪندا آهن، جيڪو ناڪام ماڻهو نه ڪندا آهن. ناڪام ماڻهو اهو ڪم نه ڪندا آهن، جيڪو انهن کي پسند نه هجي يا ناپسند هجي. جڏهن ته ڪامياب ماڻهو اهڙا ڪم به ڪندا آهن، ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته اها ڪاميابيءَ جي قيمت آهي، جيڪا انهن کي ادا ڪرڻي آهي. ناڪام ماڻهو پنهنجي آرام گاهن (Comfort Zone) مان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته ڪاميابي آرام گاهن کان ٻاهر هوندي آهي. زندگيءَ ۾ هر شيءِ جي هڪڙي قيمت هوندي آهي. ڪاميابيءَ جي به هڪ قيمت آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي مال، وقت، محنت، تفريح ۽ آرام وغيره جي قربانيءَ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئي ٿي. ڪاميابي پنهنجي قيمت پيشگي ۽ مڪمل گهرندي آهي. توهان جيتري وڌيڪ قرباني ڏيندؤ، اوتري وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندؤ. هڪ ماڻهوءَ کي ڊاڪٽر يا سي ايس پي آفيسر ٿيڻ لاءِ عام ماڻهن کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي ٿي. پاس ٿيڻ لاءِ توهان کي روزانو هڪ کان ٻه ڪلاڪ جڏهن ته پهريون نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ 8 کان 10 ڪلاڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي. وڏي ڪاميابي هميشه وڏي قرباني ۽ وڏي جدوجهد سان ملندي آهي. عظيم ڪاميابي جي لاءِ توهان کي گهڻو ڪجهه مثلاً آرام، تفريح وغيره ڇڏڻو پوي ٿو. قربانيءَ کانسواءِ ڪابه وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، پر گهڻو ڪري ماڻهو ڪاميابيءَ کي ٿوري قيمت تي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پر فطرت جي تقاضا ۽ اصول آهي ته ڪاميابيءَ جي پوري قيمت ادا ڪئي وڃي، ڇو جو ڪاميابي سستي اگهه تي ڪڏهن به نه ملندي. انهيءَ جي ڪري سپر اسٽارز (Super Stars)گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جي سخت محنت کانپوءِ عروج تي پهتا. جيڪي ماڻهو ڪامياب ۽ خوشحال ٿيڻ چاهين ٿا، اهي ان وقت ڪم ۾ مصروف هوندا آهن، جڏهن ٻيا ماڻهو تفريح ڪري رهيا هوندا آهن، اهي ان وقت جاڳندا رهندا آهن، جڏهن ته ٻيا ستل هوندا آهن. وڏي ڪاميابيءَ جي "There is no short cut for Success" روزانو 8 ڪلاڪ ڪم ڪري توهان صرف زنده رهي سگهو ٿا، ترقي نٿا ڪري سگهو، توهان 8 ڪلاڪن کان جيترو وڌيڪ ڪم ڪندؤ اوترو ئي وڌيڪ ترقي ڪندو. سخت محنت ۽ وڌيڪ عرصو محنت ڪرڻ جو ڪوبه نعم البدل نه آهي. ڪامياب ماڻهو 10 کان 12 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا. دنيا جو امير ترين ماڻهو روزانو 16 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو. ماڻهو ان جي ڪري ناڪام نٿا ٿين جو انهن وٽ Talent ناهي يا اهي ذهين نه آهن يا انهن وٽ ڪا اعليٰ ڊگري ناهي، پر ان ڪري ناڪام ٿين ٿا جو اهي بي دليءَ ۽ بي ڌيانيءَ سان ڪم ڪن ٿا، ڀرپور ڪوشش نٿا ڪن. انسان جي هر خواهش جي هڪ قيمت هوندي آهي. دنيا ۾ ڪابه شيءِ مفت ۾ نه ملندي آهي. توهان ڪابه شيءِ تڏهن حاصل ڪري يا وٺي سگهو ٿا ته جڏهن ان جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار هجو. اها قيمت وقت، دولت، ڪوشش ۽ محنت ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ توهان کي ڪجهه اهڙيون شيون ڇڏڻيون پئجي سگهن ٿيون، جيڪي توهان کي بيحد پسند هجن. مثال ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ آرام وغيره. جيڪڏهن توهان 100 سيڪڙو قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهيو ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته توهان 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو. جهڙي طرح ڪاميابيءَ جي هڪ قيمت آهي، اهڙيءَ طرح ناڪاميءَ جي به هڪ قيمت آهي، بلڪه ناڪاميءَ جي قيمت ڪاميابيءَ جي قيمت کان وڌيڪ آهي. اها قيمت توهان کي غربت، ذلت ۽ بي چارگيءَ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوي ٿي. انهيءَ حالت ۾ توهان وٽ پنهنجو گهر نه هوندو، ڪرائي جي صورت ۾ مالڪ مڪان جون ڪيتريون گهٽيا يا خراب ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون. ٻارن جي سٺي تعليم جي لاءِ وسيلا نه هوندا، بيماريءَ جي صورت ۾ سرڪاري يا خيراتي اسپتالن جا ڌڪا کائڻا پوندا، پنهنجون ۽ پنهنجي ٻارن جون معمولي جائز خواهشون پوريون نه ڪري سگهندؤ. پاڪستان ۾ اڄڪلهه غربت جي ڪري ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن، ايستائين جو پنهنجا ٻار وڪڻڻ تي مجبور آهن. عورتون جسم فروشيءَ لاءِ مجبور آهن. مطلب ته پاڪستان جون نه صرف سياسي پر سماجي ۽ معاشي حالتون پڻ خراب آهن ۽ انهن جو حل صرف اِهو ئي آهي ته ڪاميابي حاصل ڪجي ۽ محنت کي پنهنجو مشغل بڻائجي. جيڪڏهن توهان وڌيڪ محنت ڪندؤ ته وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندؤ/ ٿيندي. جيڪڏهن توهان وچولي درجي جي محنت ڪندو ته ڪاميابي به وچولي درجي جي خاص ٿيندي. عام ماڻهن کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي وڌيڪ سخت ۽ وڌيڪ وقت محنت ڪرڻي پوندي. محنت جو ڪوبه متبادل نه آهي. جيڪڏهن توهان سخت محنت ڪرڻ، سٺي طرح ڪرڻ ۽ وڌيڪ دير تائين ڪرڻ جي لاءِ راضي آهيو ته توهان ڪجهه به ڪري سگهو ٿا. تڪليف کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. No pain no gain. محنت کانسواءِ ڪاميابيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، پر صرف سخت محنت به ڪاميابيءَ جي ضمانت نه آهي، ڇو جو دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي گڏهن وانگر ڏينهن رات ڪم ڪندا آهن، پر ڪٿي به پهچي نٿا سگهن. مطلب ڪامياب نٿا ٿين، ڪجهه به حاصل نه ٿا ڪن. ڇو جو صرف سخت محنت سان گڏهه ڪڏهن به گهوڙو نٿو بڻجي سگهي. صرف سخت محنت سان ڪاميابي ۽ خوشحالي نه ملندي آهي. محنتي مگر ناڪام ماڻهن سان دنيا ڀري پئي آهي. ڪاميابيءَ جي لاءِ سخت محنت کان ڪجهه وڌيڪ کپي. پهرين هڪ حتمي يعني آخري يا صاف مقصد (Goal) طئي ڪريو، ان جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پلاننگ ڪريو ۽ پوءِ ڀرپور محنت ڪريو ۽ ثابت قدم رهو. جيڪڏهن توهان زندگيءَ ۾ عظيم ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڪاميابيءَ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. گهٽ ننڊ ڪريو، تفريح گهٽ ڪريو، ڀرپور محنت ڪريو، وڌيڪ کان وڌيڪ محنت ڪريو ۽ خدا کان دعا به گهريو، ان سان توهان کي روحاني سڪون ميسر ٿيندو. محنت جو ڪوبه متبادل ناهي نه ذهانت، نه هنر، نه مهارت، نه قابليت، نه وڌيڪ نمبر، نه اعليٰ ڊگري، ڪجهه به نه. ڪوبه ماڻهو ڏاڪا چڙهڻ کانسواءِ مٿي نٿو پهچي سگهي. جيڪڏهن توهان منصوبابنديءَ جي تحت سخت محنت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيو ته توهان 80 ماڻهن کي شڪست ڏئي سگهو ٿا، جيڪي محنت جي لاءِ تيار نه آهن. ڪنهن به ڪم ۾ جيتري وڌيڪ محنت ڪندو ته معاوضو به اوترو ئي وڌيڪ ملندو. ڀرپور محنت ڪريو، وڌيڪ وقت جي لاءِ ڪريو، بهتر طريقي (Efficiency) سان ڪيو، خوش دلي ۽ سوچي سمجهي ڪريو. ناڪاميءَ جو هڪ وڏو سبب بغير سوچ سمجهه جي ڪم ڪرڻ آهي. ڪم شروع ڪرڻ کان پهريائين خوب غور و فڪر ڪريو، ڪم جي پلاننگ ڪريو. پنهنجي ڏينهن کي بامقصد سرگرمين سان مصروف رکو. ڪوبه ڪم ڪرڻ کان پهريائين پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريو ته ”ڇا هي ڪم مون کي پنهنجي مقصد جي ويجهو ڪري سگهي ٿو.“ هر ان ڪم کي ڇڏي ڏيو، جيڪو توهان کي ڪاميابي کان پري ڪري. چاهي اهو پڙهائي هجي، بزنس هجي يا ڪو ٻيو. ان ۾ اهڙو ڪم تلاش ڪريو، جيڪو توهان وڌيڪ ۽ بهتر نموني سان ڪري سگهو ٿا. پنهنجي وقت جو 80 سيڪڙو ٽن اهم ترين ڪمن ۾ صرف ڪريو، جيڪي توهان کي بهتر نتيجا ڏين. هر شعبي ۾ ٽي بهترين شيون چونڊيو، جيڪي توهان ڪري سگهو ٿا، جنهن سان بهتري نتيجا حاصل ٿين. تنهن ڪري 80 سيڪڙو محنت، ٽن اهم شين تي صرف ڪريو، جيڪي توهان کي ڪاميابيءَ جي طرف وٺي وڃن، پر اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ ضروري به آهي ته توهان شراب جي نشي وانگر ڪم ڪري نشي يعني ڪم جي نشي جو به شڪار نه ٿي وڃو، جو هر وقت ڪم ۽ صرف ڪم. هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل ضرور ڪريو، ٽن مهينن جي ڀرپور ڪم ڪرڻ کانپوءِ هڪ هفتي جي موڪل توهان کي تازو توانو ڪري ڇڏيندي ۽ هر ڏينهن ڪجهه تفريح به ضرور ڪندا ڪريو. lakhozubair@gmail.com