نيو يارڪ (ع آ نيوز) جيڪڏهن توهان فيس بڪ تي عام صارفن سبب بور ٿي رهيا آهيو ته ان خاص سوشل ميڊيا ويب سائيٽ بابت اوهان جو ڇا خيال آهي جيڪا صرف خاص ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي پر ان جي مفت ميمبر شپ ناهي پر ان لاءِ 9000 ڊالر ڀرڻا پوندا. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته اها تمام مهانگي ميمبر شپ آهي ته اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته ان لاءِ سال تي 300 ڊالر به ڀرڻا پوندا. نيٽرو پوليٽن نالي اها خاص سماجي رابطن جي ويب سائيٽ جيمز پيٽرز نالي شخص ٺاهي آهي. جيمز موجب دنيا جا امير ترين ماڻهو سماجي رابطي جي ويب سائيٽن تي ان ڳالهه کان لنوائيندا آهن ته گهڻائي ماڻهو اميرن جي زندگي ۽ وڻندڙ نه وڻندڙ ڄاڻ سبب کين سمجهي نه سگهندا آهن ۽ جڏهن ته اهي لکن ۽ ڪروڙن جون تفريحون ۽ ٻيون دلچسپ ڳالهيون ڪندا آهن ته عام ماڻهو تنقيد ڪندا آهن. جيمز وڌيڪ چيو ته ويب سائيٽ جي ميمبري ان جي ڪري مهانگي رکي آهي جيئن عام ماڻهو ان ۾شامل نه ٿي سگهن ۽ پري رهن. اها ويب سائيٽ هڪ مهانگي ڪلب جيئان هوندي جنهن ۾ سڀ ماڻهو اعليٰ طبقي ۽ حيثيت وارا هوندا.
واه سائين واه، جيڪڏهن هجي ها فري ميمبرشپ ته سڀ فيس بڪ ڇڏي هوڏانهن هليا وڃن ها، پر هتي 9000 ڊالر جي ڳالهه آهي.