• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين جو فقير به سيٺ!

منصور سرور

سينيئر رڪن
بيجنگ (ع آ نيوز) ماڻهو اڪثر فقيرن کي شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ اهو خيال ڪندا آهن ته هو ڄاڻي واڻي پنندا آهن. ڪجهه اهڙو ئي حال چين جي هڪ فقير جو به آهي. پرڏيهي خابرو اداري تصوير ڇاپي آهي جنهن ۾ هڪ فقير کي ٽپال گهر ۾نوٽ ڳڻيندي ڏيکاريو ويو آهي، ان تصوير چيني سوشل ميڊيا تي ڌمچر مچائي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو شهري بيجنگ جي مختلف رستن تي پنندي پيسا ڪمائي ٿو.عام طور مهيني ۾ ڏهه هزار چيني يوآن ڪمائيندو آهي، جڏهن ته موڪلن جي موسم ۾ ڪمائي ويهه هزار ٿي ويندي اٿس. خابرو اداري موجب ٽپال گهر جا ملازم به ان فقير کي چڱي نموني سڄاڻن ٿا جيڪو گهڻائي ڀيرا ٽپال گهر ۾ اچي ٿو ۽ ملازم به پيسه ڳڻائڻ ۾ هن جي مدد ڪن ٿا. ان ڪمائي مان هن پنهنجي علائقي ۾ گهر وارن کي ٻه ماڙ گهر ٺهرائڻ سان گڏوگڏ ٽن شاگردن جو اسڪولي خرچ به ڀري ٿو
chinies-beggar-who-made-money-lot-of-300x239.jpg
 
Back
Top