• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دبئي ۾ به تاج محل!

منصور سرور

سينيئر رڪن
دبئي سٽي (ع آ نيوز) دبئي ۾ ٺهندڙ شيشي جي بلڊنگ ”تاج عربييه“ جنهن جي ڊانچو ڀارتي تاج محل کان متاثر ٿي ٺاهيو ويو آهي جيڪو 2017ع تائين عوام لاءِ کوليو ويندو. ڪمپني جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته دبئي ميونسپلٽي جي اجازت نه ملڻ سبب ڄاڻيل بلڊنگ ۾ دير لڳي آهي، اسان کي اميد آهي ته اجازت جلدي ملي ويندي. اسان ان بلڊنگ ٺاهڻ جو منصوبو 2014ع ۾ ٺاهيو هو ۽ 2016ع تائين ان منصوبي کي عملي جامو پارايو ويندو.دبئي ۾ اها شيشي جي بلڊنگ پهريون ڀيرو ٺاهي پئي وڃي جيڪا اصل ۾ هڪ هوٽل آهي جنهن ۾ هڪ عدد بينڪويٽ هال، نائيٽ ڪلب هوندا. ڪمپني جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته هيءَ هڪ بي مثال بلڊنگ آهي جنهن جي ڊيزائين ٻين کان الڳ آهي ۽ اسان کي هن کي ٺاهيندي ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون آهن
Building-like-Taj-Mahal-In-dubai-2-300x282.jpg
 
Back
Top