• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو سڏ

سنڌ جو سڏ
او ڀاڳ ڀري تون ڀونءِ ڀلاري
تو سان منهنجي آهي ياري
تو سان سک ۽ ساءُ اچي ٿو
تون ئي منهنجي ناما چاري
تو لئه محبت من ۾ هردم
تون ئي مون لئه جيءَ جياري
تون ته صدين کان ويس وجودن
تون آن ممتا کان ڀي پياري
آدم ٿيو انسان جڏهن کان
تنهنجو نقش اتان کا جاري
تون ۾ سنڌو جالار وهي جو
آسودي ٿي سنڌ هي ساري
سڪندر آعظم تو کي نه فتح ڪيو
تون ايڏو هئين همٿ واري
تاتارين جا ڪيس سٺا تو
پر پو ءِ به تو ۾ مند ملهاري
منگولن کي ماري ڀڄايو
ارغونن لئه تون هئين انڌاري
مغلن کي ڀي مات ڏني تو
انگريزن کي اک ڏيکاري
هاڻي هي مروان هتي ٿي
تو کي چيرڻ ڄڀ اچاري
جن کي تو هو دان ڏنو هت
سي ئي دشمن ٿي پيا بيماري
تنهنجا سچا پٽ سنڌي جي
دشمن سان ٿيا اڄ للڪاري
تنهنجو ديس دروهي ماريون
سنڌ سڄي هي آس اٿاري
رهزن رولو ڪتي وانگر
ماريو ماريو جنهن سنڌ آ خاري
تون سان منهنجي آهي ياري
او سنڌڙي منهنجي پياري پياري
 
Back
Top