• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ديوان گل مان انتخاب

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
سُخن کي جنجي سچ ناهي وڃائي وات ڪيو لٻ لٻ
ٽويي ۾ ناه هڪ داڻو ڌنيو بيٺو ڌ نئي دٻ دٻ
ڪلر کاڌي بنا[10] جنهنجي آهي ري ٿنب ري ٿوڻي
ڪري اوءَ اوچتي ڪڏهين مٿا ڪن پئي ڪري ڍٻ ڍٻ
پيئي جا ٽُڪر ٿو ٻي ٿي چاڙهيو اُنکي تون دوٻين2 ٿي
هن ۽ هن کي ڇو لوئين3 ٿي ڀڃئو هٿ سان ڪريو ٿٻ ٿٻ
جنهنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي
مٿي تي او ٻڌئو ڪانگي 4 پڇي پهرون 5 خبر پٻ پٻ
ڏيکاري گرهه ڏوران ٿو نه ڏي هٿ ۾ سو موران ٿو
کڻئو اکيون ڏي گهوران ٿو چوي بيٺو چريا چٻ چٻ
آهين جي مڙس گل تون درس6 گهڙ منجهه تار ڏي تاريون
ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ
 
Back
Top