• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاٿي آن فضيله

bewas ali hassan

سينيئر رڪن


ڪلر ٽي وي تي اڃ ڪله ڊرامو( اڙان) هلي ٿو هن ڊرامي ۾ هڪ غريب وڏيري کان هڪ 2000 اوڌر وٺي ٿو جڏهن هو قرض واپس نه ٿو ڪري ته هن کي هڪ ننڍڙي ٻاري هن وڏيري کي ڏيئڻي پوي ٿي ۽ هو هن معصوم ٻارري کي پاڻ وٽ نوڪراڻي ڪري رکي ٿو جنهن معصوم جا کيڏڻ جا ڏينهن آهن پر هو وڏيري جي قيد ۾ پنهنجن کان ڏور اها درد ڀري ڪهاڻي ڏسي مونکي معصوم فضيله سرڪي ياد اچي وئي جيڪا ڪنهن وڏيري جي قيد ۾ آهي جن جا ماءُ پيء انهي آس ۾ زنده آهن ته هڪ ڀيرو اسان پنهنجي ٻارڙي کي ڏسي سگھون ڪو آهي جو هن معصوم کي هن قيد مان آزاد ڪرائي ڪاڏي ويو هتان جو قانون جتي ٻارن کي قيد ڪيو وڃي ٿو. ڪير چوي ٿو ته اسان آزاد آهيون ڇا اها آهي آزادي جو اسان جي ٻارن کي جانورن جيئان قيد ڪيو ويندو آهي ڇا ڪيو هو هن معصوم فضيله جو هن جا کيڏڻ وارا ڏينهن قيد ۾ گزريا ڪير هن کي حساب ڏيندو جو هن جو ٻالڪپڻ ڪنهن ظالم جو شڪار ٿي ويو ڇا اها آهي انسانيت جو ڪنهن کان هن جي دل جو ٽڪڙو هن کان جدا ڪيون ٿا مونکي آهي ڪو ٻڌائي ته هو معصوم سان پنهنجا ملي سگھندا يا هن جي مقدر ۾ بس قيد لکيل آهي جڏهن ته سڀ کي اها به خبر آهي ته هو ڪنهن جي قيد ۾ آهي پو به هر ڪنهن جي چپن تي مهر لگل آهي اسان ڪيڏا بيوس آهيون هي ايڏي نا انصافي ڇو ڇا هن معصوم سان انصاف ٿيندو يا سڄي عمر ظلم جي چڪي ۾ پسندي رهندي آهي ڪو جواب ڏي ڇا سڀ گونگا ۽ ٻوڙا آهيو ها لگي ٿو بس اسان سڀ انڌا ٻوڙا ۽ گونگا آهيو جواب ڏيو جواب ڏيو جواب ڏيو؟
 
Back
Top