سنڌ ڌرتي جي دشمنن جا بيان ميڊيا ۾ آيا آهن ته سنڌ ۾ چار صوبا ٺاهيو پر افسوس ته ٿورڙا خودغرض سنڌي اڃا به ساڻن گڏ آهن ـ اچو ته سنڌي ڳالهائيندڙ ڌرتيءَ جي اهڙن غدارن جو حقو پاڻي ايستائين بند ڪريون جيستائين توبنهن نه ٿا ڪن، ٻي حالت ۾ سندن سماجي بائيڪاٽ ڪريون ۽ سندن غمي ۽ خوشي ۾ شريڪ نه ٿيون ـ
اوهان جي تجويز بهتر آهي ، پر سائين سنڌ دشمني واري ذهينت رکندڙ ڪلاس ايترو چاپلوس ۽ چالاڪ آهي جو سنڌ دشمني۽ پنهنجي مطلب جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن گڏهي جي پيرين پوڻ ۾ به دير نه ٿو ڪري ،ته ڪڏهين وري اهڙو طوطي چشم ٿيو وڃي جو اکيون ڦيرائي ڇڏي . ڏسو نه تازو تازو الطاف جي ۽ سندس همنوا ٽولي جي پاڪستاني فوج جي تعريف ڪرڻ ۽ انهن جي اڳيان پڇ لٽڪائڻ ته مظلومن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ 1973 جي دستور کي لتاڙي مليٽري راج قائم ڪريو. اهي اهڙا نانگ آهن جو ڪو به موقعو هٿن مان وڃائڻ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن. مغليه درٻار واري چاپلوسي انهن جي زهنن مان اڃان تائين نڪتي ناهي .