• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئي فون 6 ۾ فالٽ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اسان ته آئي فون 6 جي خاصيتن ۽ لانچنگ جون ڳالهيون ٻڌندا پئي آياسين ته اچانڪ هڪ ٻي ڳالهه به ظاهر ٿي پئي آهي ته آئي فون 6 ۾ هڪ وڏي خرابي پڪڙي وئي آهي.
51801_02.gif

ڪجهه ڪسٽمرز وٽان اها شڪايت ملي آهي ته جڏهن هُو آئي فون 6 کي کِيسي (Pocket) ۾ رکندا آهن ته آئي فون 6 مُڙيو وڃي. اها ڪا خصوصيت ناهي بلڪه فون جي جسم (باڊي) ۾ هڪ وڏي خرابي آهي.

خريدارن پاران هن فون جي جسم جي چٻي ٿيڻ (مُڙي وڃڻ) جون تصويرون به سماجي رابطن جي ويبسائيٽن تي رکيون ويون آهن. جتي هن خرابي کي ”بينڊ گيٽ“ جي نالي سان سڏيو پيووڃي.
51801_04.gif

ايپل جي هن نئين فون کي المونيم ڌات سان ٺاهيو ويو آهي جيڪو گرم ٿيڻ سان آساني سان مُڙي وڃي ٿو.
توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ايپل جي هن نئين فون جو وڪرو تيزي سان جاري آهي.
 
Back
Top