• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي بقا جو سوال ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل قرارداد

منصور سرور

سينيئر رڪن
ڪالهه خميس واري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون انتظامي يونٽن خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي، جيڪا متفقه طور منظور ڪئي وئي. حڪومتي ڌر سان واڳيل ميمبر سهيل انور سيال طرفان پيش ڪيل ان قرارداد جي متن مطابق سنڌ جو ورهاڱو نٿو ٿي سگهي ۽ جيئن ته سنڌ ۾ ضلعي انتظاميا موجود آهي، تنهن ڪري اُن ۾ نوان انتظامي يونٽ نٿا ٺاهي سگهجن.

اسين سمجهون ٿا اها قرارداد اُنهن نفرتن آڏو بند ٻڌڻ جي هڪ ڪوشش آهي، جن جي پکيڙ کي ڪي گروهه پنهنجي بقا جو ذريعو سمجهي رهيا آهن. اُنهن جو خيال آهي ته خوف ۽ خطري کي بنياد بڻائي. هو سدائين پنهنجا مفاد ماڻيندا رهندا پر هتان جي ماڻهن ٿڌي ڪوسيءَ مان گذري هاڻ اهو ڄاڻي ورتو آهي ته اهي لساني فساد ڪنهن به ريت انهن جي مفاد ۾ بهتر نه آهن. بلڪه ماضيءَ ۾ پکڙيل انهن نفرتن جيترو سنڌ توڙي سنڌ جي ماڻهن کي نقصان رسايو، ايترو شايد ئي ڪڏهن رسيو هُجي جو هڪ طرف ڀائرن جيئن گڏ گذاريندڙ ماڻهو هڪٻئي کي جاني دشمن تصور ڪرڻ لڳا ته ٻئي طرف لاڳيتو خراب حالتن سبب هتي جون انڊسٽريون مُلڪ جي ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويون ۽ حيدرآباد جيڪو ڪنهن وقت ۾ پاڪستان جو ٽيون نمبر وڏو شهر تصور ڪيو ويندو هو، سو انهن نفرتن جي باهه ۾ سڙي گهڻو پوئين نمبر تي هليو ويو. ايترو ئي نه پر ماڻهن کي معاشي مسئلن مان به گذرڻو پيو. مطلب ته اهي نفرتون هر حوالي سان هن ڌرتي توڙي هتي جي ماڻهن جي زندگين مان رونقون ڦُرينديون رهيون. انهيءَ هاڃي کان پوءِ اُميد اهائي ڪئي ويندي هُئي ته هاڻ هتي جا ماڻهو انهن نفرتن کي ٻيهر ڀڙڪڻ نه ڏيندا- ۽ ڊگهي عرصي کان اِهو تاثر ملندو به رهيو آهي ته سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو هتي امن ۽ سُڪون سان گذارڻ چاهين ٿا، پر ڪي گروهه اهڙا به آهن، جن کان اِهو سُڪون ڏٺو نه ٿو ٿئي. تنهن ڪري اُهي هر ويلي انهيءَ تاڙ ۾ ڏسجن ٿا ته ڪهڙي نموني هن خطي کي نفرتن جي باهه ۾ وجهجي. پر ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ نفرتن جي ان باهه مٿان قرارداد ذريعي جيڪو پاڻي وڌو ويو آهي، تنهن کي ضرور ساراهڻ گهرجي.

جيتوڻيڪ اها قرارداد مخالف ڌر جي بينچن تان پيش ٿيڻي هُئي، پر اُهي ڊپٽي اسپيڪر سان بحث ۾ اُلجهي جيئن ئي علامتي واڪ آئوٽ ڪري ويا ته پُٺيان سرڪار اها قرارداد پيش ڪري ورتي. اُنهن اصل ۾ اها قرارداد پيش ڪري ماضيءَ ۾ انتظامي حوالي سان سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري فيصلي جو ازالو ڪرڻ چاهيو. ڪيئن به اِهو عمل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دل وٽان آهي، جنهن تي اُهي کيرون لهڻن، پر اِهو سڀ ڪافي نه آهي. جو سنڌ کي نفرتن جي باهه ۾ ڌڪڻ وارن اڃا پنهنجي خواهشن مان هٿ ناهن ڪڍيا. ممڪن آهي ته هُو ڪنهن ٻئي موقعي جي تلاش ۾ هُجن. تنهن ڪري سرڪار کي اهڙي هلت هلڻي پوندي، جنهن سان لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. مطلب ته سرڪار کي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ وڌندڙ وڇوٽين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙا اُپاءَ وٺڻا پوندا، جن ذريعي انهن نفرتن جون پاڙون سدا لاءِ اُکڙجي وڃن. اهو اسين اِن ڪري چئي رهيا آهيون جو اُهي خطا ڪڏهن به ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري ناهن سگهندا، جن جي بنيادن ۾ نفرتون ڀريل هونديون آهن. ترقيءَ جي حوالي سان جڏهن اسين يورپ ۽ اولهندن مُلڪن جو جائزو وٺون ٿا ته پتو پوي ٿو ته سندن ترقيءَ پُٺيان اُهي رويا ئي آهن، جن ۾ هُنن رنگ، نسل توڙي مذهبي متڀيد کي پاسيرو رکي هڪ گڏيل سماج جو بنياد وڌو. اهڙي ئي سماج جي اسان کي به ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ هي نفرتون اسان کي تهائين پٿر واري دؤر ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون. تنهن ڪري ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته انهن نفرتن جي بُنيادن کي اُکيڙڻ لاءِ ڪي ڏور رس اُپاءَ ورتا وڃن ۽ انهيءَ ڪم لاءِ پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي موزون ڌُر ٿي ئي نٿي سگهي، جيڪا سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ پنهنجا روٽس رکي ٿي، جيڪڏهن اُها مستقبل کي محفوظ رکڻ لاءِ سماج جي هيٺين سطح تائين انهيءَ سُجاڳيءَ لاءِ قدم کڻي ته هوند اهي نفرتون سدا لاءِ هن خطي مان ختم ٿي وڃن.
 
اسان اهو سوچيو آهي ته ايم.ڪيو.ايم وارا رڳو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ گهٽ مهاجر ملازمن جو بهانو بڻائي آسمان کڻي مٿي تي کڻندا آهن ۽ بار بار پاڪستاني فوج کي اپيلون ڪندا آهن ته اچي کين بچائي پر ،پي.پي.پي.پي وارن طرفان جيڪا سنڌ کي نه وراهڻ واري نالي تي قرارداد پاس ڪئي آهي . ان سموري قرارداد تي ايم.ڪي.ايم وارن جا چپ سبيل رهيا آهن ۽ انهن هڪڙي ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍي ؟ آخر ڪار ڇو ؟
 
Back
Top