ڇا سنڌ جي پوليس ماڻهن جي محافض آهي يا ڌاڙيل ؟

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ملڪ جي رائج قانونن ۾ صاف ۽ چٽو لکيل آهي ته ، ڪنهن به هڪڙي ڏوهاري جي بدران ڪنهن ٻئي بي گناه کي سزا نه ٿي ڏيئي سگهجي . اها ڳاله اسان جا رکوالا ۽ قانون جا محافظ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا . مٿال طور ڏوهاري الف ته سزا ملي ب کي . ٻيو ته قانون جي رکوالن کي پنهنجي قانوني حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻوآهي .پر سنڌ ۾ سڀ ڪجه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي ، نه صرف لڪي چوري پر وڏن آفيسرن جي منشا ،مرضي ۽ نگراني هيٺ.
    اچو ته ڏسون ته اسان جي پوليس ڇا ٿي ڪري ، روزانو اخبارن ۾ تصويرن سميت خبرون ڇپجن ٿيون ته ، سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ تي يا علائقي تي هلاڪو خان جيئان پوليس حملا ڪري ، روڪ رقم ،سونا زيور ، اناج ،ڍور ڍڳا ، ٻڪريون ڪاهيو ۽ ڪڪڙيون بغلن ۾ هنيون ،آخر ۾ وسندڙ گهرن کي ڊايو يا ساڙيون نينهن جا نعرى هڻندي واپس ٿاڻن ڏانهن وري ٿي ، ڪڏهين ڪڏهين ته ڏوهارين جا رشتيدار ، ٻار ٻچا ۽ عورتون کڻي اچي ٿاڻن تي واڙين ٿا ، اهڙي طرح قانون جي رکوالي ڪندي پاڻ ڌاڙيل ۽ ڏوهارن جو روپ ڌارين . سوال اٿي ته ڇا اهڙين ڪارواين سان سنڌ ۾ ڏوهاري سرگرمين کي ٻنجو ايندو ؟ هرگز نه اهڙيءَ طره ته پوليس وڌيڪ ڏوهاري پيدا ڪري رهي آهي . اميد ته سنڌ پوليس ظالماڻو رستو ڇڏي انصاف ڏيارڻ واري رستي تي هلي ڪو سنڌي سماج جي خدمت ڪندي . نه ته هي سمورو اڏوهي کاڌل سنڌي سماج هڪ ئي لهر ۾ (ظالمن ۽ مظلومن سميت) لڙهي ويندو .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    چاچا سچا آهيو ظلم عدل سان ختم ٿيندو آهي ڏوه ۽ ڏاڍ سان نه جي سنڌ پوليس اصل مجرمن کي پڪڙڻ چاهي ته ڪو مشڪل ڪم نه آهي پر اهي ئي اصل مجرمن کي اچڻ ڱان پهريان فون ڪري ٻڌائي ڇڏيندا آهين وڏيرن جي چوڻ تي پوء باقي فارميلٽي پوري ڪرڻ ايندا آهين خير سنڌ پوليس مان جي عدل ۽ انصاف جي اميد رکو ٿا ته پهريان سنڌ مان جاگير دار نظام کي ختم ڪرڻو پوندو
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سڀني ڪرتائن۽ ڌرتائن کان سوال ڪريان ٿو ته اهو ڪهڙي قانون ۾ يا ڪنهن مذهبي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ڪري ڪير ۽ ڀري ڪير ؟
     
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين اسان جي سنڌ پوليس وڏيرن ۽ منتخب اسبيلي ممبرن جي ڪمدار آهي توهان ڏسندا ۽ ٻڌندا آهيو ته عام چونڊن کان پهريان پوليس وارن جو تبادلو ڪيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ ته ڌانڌلي ڪرڻ جي لا پنهنجن ڪمدارن کي ڌانڌلي واري جا تي موڪليندا آهن، جڏهن پوليس جا منپسند ماڻهون کٽي ويندا آهن ته پوليس وارا جنهن کي چاهن اندر ڪن ته جنهن کي چاهن ڇڏي ڏين،
    ٻه سال اڳ اسان جي ننڊي ڳوٺ تي 20 پوليس جي موبائلن سان ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن جي ڄاڻ ملڻ تي ڇاپو هنيون، انهن کي ڌاڙيل ته نه مليا پر عام ماڻهون انهن کي تمام گهڻا مليا 30 ماڻهن کي چيون ته توهان اسان سان گڏ ٿاڻي تي هلو، ٿاڻي تي وٺي اچڻ کان پوءِ ڊي ايس پي صاحب ايس ايڇ او کي ماڻهن جي منهن تي چيو ته انهن جا نالا ڏسو اگر گهربل نه هجن تي آزاد ڪري ڇڏجو، ڊي ايس پي جي وڃڻ کان پوءِ ايس ايڇ او صاحب چيو هاڻي ته منهنجي عيد ٿي وئي، انهن کي چيائين ته اوهان ڏوهارين کي رهائي رهيا آهيو ڊي ايس پي ويند ويندي مونکي پنهنجي منهن چئي ويو آهي ته انهن سڀني کي ڪنهن ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏ، مان نٿو چاهيان ته اوهان کي چالان ڪيان اوهان هر هڪ پنج پنج هزار ڏيو ته مان ٿوري ڊي ايس پي کي خرچي ڪرايان ۽ اوهان کي بنا چالان جي آزاد ڪيان، ڳوٺ وارن منتخت ايم پي اي، ۽ ايم اين اي سان رابطا ڪيا، سائين اسان سان ظلم ٿي رهيو آهي اسان اوهان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي هاڻي اوهان اسان بي گناهن جي مدد ڪيو!!
    انهن ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ چيو ته ڊي ايس پي صاحب چوي ٿو ته اسان ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو ۽ ٻيو ته اوهان جو ايس ايڇ او اسان جي ڪال نٿو ڪڻي!!
    ڳوٺاڻا انهن کان نا اميد ٿي هڪ چڱي مڙس سان رابطو ڪيو هن چيو ته اوهان پنج پنج هزار نه ٽي ٽي هزار ڏيو ته مان ايس ايڇ او سان ڳالهايان!!
    ڳوٺاڻن چيو سائين اسان غريب آهيون وري هر هڪ گهر جا ٽي ٽي فرد به آهن ڪجه تي ٿورو ڪيو، آخر ۾ ٿيو اهيو ته تقريباً 20 تائين ڳوٺاڻن پيسا ڀهر ڌاڙيلن جي چنبي مان آزادي ورتي،
    سو سائين پوليس وارا ڌاڙيلن سان گڏ وڏيرن جا ڪمدار به آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين سنڌ ڇا، سڄي پاڪستان جي پوليس خود چور آهي
     
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سموري پوليس کي ڏوهي قرار نه ٿو ڏيان . پوليس م بهي ڪيترائي ايماندار هوندا آهن ،پر انهن جي هلندي ڪا نه آهي ، انهن جي سورن ۽ تڪليفن تي جيڪڏهين لکجي ته ،اهي ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجا سور ۽ درد وسريو وڃن . پر هن نظام جو حصو آهن ۽ اسان سان گڏ پيڙائون ڀوڳين ٿا . اوهان چوندا ته چانڊيو وري پوليس وارن جي وڪالت ڪرڻ لڳو آهي . ڪن ماڻهن کي اختيارن جي لٺ هٿ ۾ ڏيئي وردي پارائي روڊ تي بيهاريندئو ته ،اها پوليس ڳوٺاڻن جا ڇيلا ۽ ڪڪڙ نه کڻدي يا روڊن تي ماڻهن کي بيهاري ذليل نه ڪندي ٽه ٻيو وري ڇا ڪندي ؟ مون هر سپاهيءَ کي روزانو ڊيوٽيءَ تان لهڻ وقت هيڊ مهرر کي رشوت ڏيندي ڏٺو آهي . تنهن ڪري هجت سمجهي عرض ڪندس ته ،عوامي محافظن کي درست نموني سان ۽ ايمانداريءَ سان قانون مظابق ڪاريون ڪري اسان تان ۽ پنهنجو پاڻ تان لاقانينت جو عذاب هٽائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو