اڄ 26 سيپٽمبر آهي ۽ ٺيڪ ڏهه سال اڳ ڊائري لکندي هڪ خيال لکيم. هي ڊائري نه پر هڪ ڊگهو خيالي خط هو. ان دؤر جا ڇڙواڳ خيال الائي ڇا جو ڇا لکرائيندا هُئا. ڏهه سال اڳ اڄوڪي تاريخ تي لکيل هڪ ٽڪرو هتي جيئن جو تيئن ڏيئي ياد تازي ڪندي ونڊ به ڪرڻ چاهيندس. هي سڀ سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي روم نمبر 12 تي ويهي لکيو هُئيم! ============== 26 سيپٽمبر رات جا 1:10 (آچر جي رات) (اڄ ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات آهي جنهن رات آئون ڄاڳي ۽ آچر سُمهي گُذاريندو آهيان). اسان ماڻهو هر شئي جي تهه تائين پُهچڻ جي ڪوشش ۾ هر شئي کي الاءِ ڪيتريون معنائون ۽ وصفون ڏيندا آهيون. مون جيڪو ڪجهه 20 سيپٽمبر تي لکيو انهي جو به حاصل مقصد اهو ئي هو ته اسان جيڪو ڪم ڪريون ٿا انهي عيوض (اسان جي اها سوچ ته) اسان کي ڇا مليو. (وسيع هجڻ کپي). يعني اسان پنهنجي طور جيڪو ٻين لاءِ ڪيون ٿا اُهي ٻيا به اسان لاءِ ڪن ٿا. پر اها مون هڪڙي جي راءِ آهي. ۽ راءِ هوندي ئي صحيح ۽ غلط جو وؤٽ وٺڻ لاءِ آهي. خليل جبران چيو ته ”جڏهن اسان غلط هوندا آهيون ته اسان جي اندر جو هڪ انسان انهي غلطي تي ڪک رکڻ جي لاءِ هروڀرو انهي جي حمايت پيو ڪندو آهي“. ۽ ايئن آهي به سهي. ڇو ته اسان گهڻين ئي غلطين تي ناهيون پڇتائيندا توڙي جو ضمير جي ملامت احساس ڏياري ٿي ته غلطي تي آهيون پر اسان ۾ ڄاڳي پيل اهو شيطاني انسان اسان کي مڃايو وٺي.
سچا آهيو.. مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته رات جي وقت ۾ يا شام جي ٿڌي پهر ۾ جيڪڏهن ماڻهو تنها هوندو آهي ته قدرتي طاقت هن کي ڪجهه لکڻ تي يا ڪو پُراڻو (يا نئون) ڪلام جهونگارڻ طرف مائل ڪندي آهي.. ۽ خبر ئي نه پوندي آهي ته ڇا پيو لکجي، ڇا پيو چئجي.. هڪ ڊگهي ڳالهه ٿي ويندي جيڪڏهن ان بابت لکجي ته.........