جَاءِ نَه سَڄَو ڏِينهُن، هِنئڙو اَوٺَي وَڳ جِيئَن مُون پِريَان سَان نِينهُن، ڇِنَڻَ ڪَارڻَ نَه ڪَيَو سُرُ رِپَ جاءِ = هڪ هنڌ، قرار ۾، سڪون ۾ هنئڙو= دل، مَنُ، هنيانءُ، قلبُ اَوٺَي وَڳ = اٺن جي وَلَرَ ڇنڻ ڪارڻ = ڇنڻ لاءِ، جدا ٿيڻ لاءِ، الڳ ٿيڻ لاءِ بيت جو منظر منهنجو مَنُ، منهنجي دل، الائي ڇو؟ سڪون ۾ ناهي. دل کي قرار ناهي، منهنجون ننڊون ڦٽل آهن. شايد ڪنهن جون ساروڻيون، پيار، پاٻوهه ۽ گهاريل پل ياد ڪري منهنجو مَنُ اٺن جي ولر جيان سدائين رلندو، ڀٽڪندو ۽ ڦٿڪندو ٿو رهي. هتي ڀٽائيءَ ان ڪيفيت کي اٺن سان ان ڪري ڀيٽيو آهي جو اٺ ڪڏهن خاموش ناهن رهندا. سدائين رلندا ۽ ڀٽڪندا ۽ رَڙندا رهندا آهن. الائي ڪا اڻ تڻ اٿن شايد ڪنهن دل ڏکائي هوندن. مون محبوب سان پيار جا عهد اقرار، واعدا وچن، گڏ مرڻ جيئڻ جي agreement ڀلا ڇني ڇڏڻ، ڌار رهڻ ۽ جدا ٿيڻ لاءِ ته نهڪئي هئي نه؟ سمجهاڻي هن بيت ۾ ڀٽائي قول۽ فعل ۾ تضاد جي ڳالهه ڪئي آهي. اسان ماڻهون پنهنجي روزاني معمولات ۾ الائي ڪيترن ماڻهن سان ملون ٿا. ڳالهايون ٿا، واعدا ڪيون ٿا، وچن ۽ اقرار ڪيون ٿا ۽ بس وساري ٿا ڇڏيون.ڀٽائي ٿيلcommitment پوءِ اها ڪنهن فرد، جماعت، نظريي ۽ سوچ سان هجي، محبوب سان هجي يا پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان هجي نڀائڻ ۽ پورو ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. _____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل