• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين ۾ شيشي جي پل تيار ٿي وئي

منصور سرور

سينيئر رڪن
بيجنگ (ع آ نيوز) چين ۾ چار هزار فٽ جي مٿانهينءَ تي شيشي جي پل اڏي وئي آهي جيڪا قطعي ڪمزور دل ماڻهن لاءِ ناهي. چيني ميڊيا موجب جبل سان لڳو لڳ قائم ڪيل هيءَ پل ٻه سؤ فٽ ڊگهي آهي جنهن تي هلڻ ڪمزور دل ماڻهن جي وس ۾ ناهي. 4 هزار 7 سو فٽ جي مٿانهينءَ تي هلندي توهان جي پيرن هيٺان رڳو اڍائي انچ ٿلهو شيشو هوندو جنهن مان هزارين فٽ هيٺ وارو منظر چٽو نظر اچي ٿو. پل تي هلڻ لاءِ سياحن جو وڏو انگ اوڏانهن جو رخ ڪري رهيو آهي.
Glasses-Bridge-made-by-China-300x225.jpg
 
Back
Top