حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه...... الله بچايو ميمڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏28 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ جي سر زمين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي جيد عالم، بزرگ، ولي، اولياءَ، غوث ۽ قطب پيدا ٿيا آهن، جن دين اسلام جي ترويج، شريعت جي آبياري ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. اهڙي برگزيده هستين ۾ ڪامل مڪمل، صاحب الفيض والفتوح شخصيت حضرت غوث الحق مخدوم نورح سرور رحه جن جي آهي. حضرت مخدوم نوح رحه جو پيغام، اتباع رسول اڪرم ﷺ ۽ هدايت جو اولين مرڪز رسول ﷺ جن جي ذات برڪات آهي ۽ دين اسلام جي راهه اطاعت، عبادت، تسليم ورضا ۾ آهي.

    هن عظيم ۽ برگزيده شخصيت جا مريد ڏکڻ ايشيا، ننڍي کنڊ جي خطي ۾ تقريبن هر هنڌ موجود آهن. حضرت مخدوم نوح رحه علم، عرفان ۽ شريعت، طريقت، عبادت، رياضت، تعلق من الله ۽ فنا في الله جي چوٽيءَ جي منصب تي فائز هئا ۽ پنهنجي رشد ۽ هدايت جي وسيلي عوام الناس کي ته الله پاڪ جي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيائون، پر خواص، حڪمرانن، فرما روائن، تائين به سندن ولايت جي ڌاڪ ويٺل هئي. جنهن سبب وڏا وڏا حڪمران به سندن دروازي تي عجز سان حاضري ڀريندا هئا. سنڌ ۽ هند جا اڪثر حڪمران سندن زيارت جا مشتاق ۽ محتاج هوندا هئا. حضرت مخدوم نوح رحه جن جي تعليمات، قرآن ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ هئڻ سبب، دنياوي، رغبت ۽ دنياوي منصب کان بالاتر هُئي ۽ پاڻ ڪنهن به فرمان روا کان نذراني يا عطيه جا طلبگار نه رهيا. بلڪه اهڙي غير اسلامي ۽ مشرڪانه رسمن جي مذمت ڪئي اٿن ۽ انهن خلاف وحدانيت ۽ شريعت جي حقيقت لاءِ جهاد جاري رکيو ۽ قرآن ۽ حديث جي پاڪ درس تدريس سان، پنهنجي مريدن ۽ عام ماڻهن تائين الله تعاليٰ جي دين کي پهچايو ۽ ذڪر ۽ فڪر جي تلقين ڪئي. جيڪڏهن ڪوبه طالب علم حضرت مخدوم نوح جن کان ڪو مسئلو پڇڻ ايندو هو ته پاڻ ان مسئلي جو جواب قرآن ۽ سنت مطابق ڏيندا هئا ۽ قرآن پاڪ جي علومن تي سندن ايترو گهرو غور ۽ فڪر هو جو ڪِن ڪِن آيتن جون ته 360 نمونن سان معنائون بيان فرمائيندا هئا ۽ سمجھائيندا هئا. خاص ڪري علماءِ ڪرام سندن علميت جي بحر بيڪران جي لهرن ۾ حيرت ۽ استغراق جي عالم ۾ مَحو ٿي ويندا هئا.

    برصغير ۾ (جنهن ۾ پاڪستان، هندستان، بنگلاديش ۽ سيلون اچي وڃن ٿا) قرآن شريف جو سڀ کان پهريائين فارسي ترجمو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جن ڪيو آهي. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي.

    حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي ولادت باسعادت بابت وقت جي ڪن عارفن ۽ درويشن اڳ ۾ ئي پيشنگويون ڪيون هيون. جيئن شيخ ڀرڪيو عارف ڪاتيار رحه، عارف مخدوم بلال سمون، هَسَو چاڪي، مجذوب وغيره. اهل نظر درويشن کي اهو نور حضرت غوث الحق رحه جن جي والد ماجد مخدوم نعمت الله رحه جي پيشانيءَ ۾ شادي کان اڳ چمڪندو نظر ايندو هو. عارف ڪاملن ۽ مجذوب فقيرن ڪشف جي ذريعي معلوم ڪيو هو ته ٿوري وقت ۾ دين اسلام جو هڪ مجدد پيدا ٿيندو جيڪو وڏو ولي الله هوندو. ڪي مست فقير انهي پڌرائي کان پوءِ هالڪنڊيءَ جي بازارن ۽ گهٽين ۾ انهيءَ بزرگ جي انتظار ۾ پيا گهمندا هئا. مخدوم نوح رحه 27 رمضان المبارڪ 911هه آخر پوئين جمعي رات ڄائو جيڪو ربانيت جي راز ۽ روحانيت جي رمزن کان واقف هئڻ ڪري وقت جو مرشد ڪامل ثابت ٿيو. والدين سندن نالو لطف الله رکيو، جيڪو اڳتي هلي مخدوم نوح جي برڪت ۽ فيض واري نالي سان دنيا ۾ روشن ۽ مشهور ٿيو. مخدوم نوح رحه جن ستن ورهين جا هُئا جو کين مخدوم عربيءَ نالي هڪ عالم وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ هاريو ويو. هڪ روايت آهي ته مخدوم لطف الله ”نوح“ جي ابتدائي تعليم قرآن شريف جا پنجويهه پارا برزبان ياد هئا، جنهن کان پوءِ سندن سينو خود بخود کلي ويو ۽ وڌيڪ ظاهري علم سِکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪيائون، ٻي روايت آهي ته مخدوم نوح رحه قرآن شريف جا فقط ٻه سيپارا پڙهيا هئا ۽ ٻه ٽي فقهه جا ڪتاب، ٻنهي روايتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن ظاهري تعليم بلڪل ٿوري ۽ نالي ماتر هُئي. باقي سڀ خدائي نعمت هئي، ظاهري ٿوري علم واري مگر باطني معظم ۽ معلم مخدوم پنهنجي زماني جي سڀني عالمن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

    حضرت مخدوم نعمت الله تائين هالڪنڊي مخدومن بزرگن جو طريقو سهروردي هو. بلوچستان، سنڌ، گجرات ۽ راجپوتانا سهروردي خلافت اندر هئا. ويندي ڪڇ، ڀڄ ۽ مڪران تائين سندن مريد هئا..

    سندن پوري زندگي نبي اڪرم حضرت محمد ﷺ سرور عالم جي نقش قدم تي هلندا هئا، جنهن ڪري کين مخدوم نوح سرور رحه چوندا هئا. پاڻ 25 سالن جي عمر ۾ اويسي (بنا واسطئه عرفيه، مروجئه طريقئه پيري ۽ مرشدي فيوض-سبحاني نمودن) مرتبي جي فائز ٿيا ۽ پوري چاليهن سالن جي عمر ۾ جملي مشاهدات، ظاهري ۽ باطني، فيوضات، ڪرامات، ڪمالات وغيره کان مشرف ٿيا.

    حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه دين جي فروغ لاءِ ننڍي کنڊ جي مختلف حصن جا دورا ڪيا ۽ هر هنڌ انسان ذات جي بهتري، ساڃهه ۽ رهنمائيءَ لاءِ نمايان ڪم ڪيو.

    سندن ديني، علمي ۽ دنوي خدمتون قيامت تائين جاري و ساري رهنديون. سندن شاعريءَ جا ڪجهه لافاني بيت اڄ به موجود آهن، جھڙوڪ:

    پيئي جا پرڀات، ساماڪَ نه ڀانيئو ماڻهوئا،

    روئي چُري رات، ڏسي ڏکوين کي،



    نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سکي چاٽ،

    ڪا پڙين ڪنو اٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو