قاسم راڄپر سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ تي صدين کان اهڙا املهه انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي. انهن ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون به آهن، جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم هڏ ڏوکي تيرٿ بسنت جو شمار به اهڙن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن نه رڳو شاعري، نثر نويسي، ڊراما نگاري، تحقيق ۾ پاڻ مڃايو، پر عالمي سياست بابت به سندس گهرو مطالعو هو. پر سنڌ هند جي هن عظيم اديب بابت ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي آهي. تيرٿ بسنت (وسنت) 7 سيپٽمبر 1909ع تي لقمان خيرپور ۾ پيدا ٿيو . هو سوڍو راجپوت نک سان واسطو رکندڙ هو. سندس والد جو نالو ويڙهو مل هو. سندس ننڍپڻ سکيو نه گذريو، گهرو معاملن سبب سندس ابتدائي تعليم به متاثر ٿي. 16 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هو فلمن ۾ اداڪاريءَ لاءِ ڪراچيءَ ڀڄي آيو. پوءِ هن زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريو.هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو. کيس گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوق هوندو هو، هو نوڪريءَ سانگي ايران ۽ عراق به گهمي آيو هو. جتي هن عربي ۽ فارسي به سکي.اُتي هن جي ملاقات مها ڪوي گرو ديو ٽئگور سان به ٿي. ان سلسلي ۾ هن پاڻ لکيو آهي ته “ جڏهن گرو ديو ٽئگور ايران جي دؤري تي آيو هو، تڏهن اُتي جي سرڪار جي حڪم موجب، هو ويهه کن ڏينهن گرو ديو ٽئگور جي شيوا ۾ رهيو هو”. هن مختلف موضعن تي بي شمار مضمون لکيا، پر کيس گهڻي شهرت مضمون نويسي ۽ جيوني (Biography) لکڻ ۾ ملي. واسديو موهي لکي ٿو “ٻڌو ويو آهي ته دستوري تعليمي ڊگريون نه هوندي به هو ڪاليجي شاگردن کي انگريزي ۽ ٻيا مضمون پڙهائيندو هو”. هن کي مطالعي ۽ مشاهدي جو جون هوندو هو، هو گهڻو وقت يا ته پڙهندو هو يا وري سير سفر ۾ گذاريندو هو. هن وٽ کي ڪا به نوڪري نه هئي، قلمي پورهئي مان پنهنجي جي چلهه ٻاريندو هو، سڄي عمر شادي نه ڪيائين، هو اڪيلائي پسند هو. تيرٿ بسنت سنڌ جي لکيل تاريخ مان مطمئن نه هو. هن تاريخ طاهري ۽ تاريخ معصوميءَ تي به سخت تنقيد ڪئي آهي. هو آڳاٽن تاريخدانن تي ڏمريل هوندو هو. پنهنجي ڪتاب “اتهاس درشن” ۾ هو لکي ٿو ته “آڳاٽيون تاريخون ته هونئن ئي ناقص ۽ اڻ پوريون آهن. چيني سمراٽ ته پگهاردار تاريخ نويس رکندا هئا، جي سندن گڻن ۽ سوڀن جي ساراهه ڪن ۽ اوگڻن ۽ عيبن تي سفيد پوچي لڳائين. ٻين ملڪن جا اِتهاسڪار به تقريباَ اهڙي ئي ماحول جي پيداوار آهن”. بسنت جي تاريخ نويسي پڪي پختي بنياد تي بيٺل آهي. هن تمام گهڻن موضوعن تي قلم کنيو، هن تاريخ تي ٻه ڪتاب “اتهاس درشن” ۽ “هندي اتهاس” لکيا. “هندي اتهاس” 500 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 19 باب آهن. ان ۾ هن سنڌ بابت “سنڌو ماٿريءَ جي ڪلچر” جي عنوان سان ڪارائتي معلومات ڏني آهي. بسنت جي جن ڪتابن جي تمام گهڻي ساراهه ٿي، اهي ٽئي بايو گرافيز هيون. جن ۾ سنڌ ۾ هڪ هزار صفحن تي لکيل بايو گرافي “گانڌي جي” (ٽي ڀاڱا) “، “جواهر جيوني” (ٻه ڀاڱا) ۽ ڀڳت ڪنور رام جي جيوني “ڪنور” شامل آهن. احي ٽئي ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ به ترجمو ٿيا. “ڪنور” تي کيس 1957ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ مليو، هو هندستان جو پهريون سنڌي اديب هو، جنهن کي اهو اعزاز مليو. انهن ٽنهي بايو گرافيز جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو ته هو عالمي سطح جو بايو گرافر آهي. “جواهر جيوني” هن گهڻو زور ته جواهر لال نهرو جي شخصيت ۽ سندس جدوجهد تي ڏنو آهي. پر ان جي پس منظر ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ ڪانگريس جي سياست تي به گهڻو بحث ٿيل آهي. سندس ٻيو ڪتاب گانڌي جي تمام گهڻو دلچسپ ۽ معلوماتي آهي، ان ڪتاب ۾ هن سنڌ جي هندن جي لڏپلاڻ ۽ ورهاڱي کانپوءِ واري صورتحال تي بهترين انداز ۾ لکيو آهي. ڀڳت ڪنور رام جي حياتي، فن ۽ فڪر تي لکيل سندس ڪتاب “ڪنور” جهڙو ٻيو ڪو ڪتاب اڄ تائين ڪنور بابت شايع نه ٿيو آهي. اُن ۾ هن نه رڳو سنت ڪنور جي حياتي ڏني آهي پر سندس ڳاتل سڀ سنڌي ڪلام ۽ ڪافيون (شاهه، سچل، سامي، روحل، دريا خان وغيره جون) پر ڪبير، ميران، تلسي داس وغيره جا ڳاتل گيت به ڏنا آهن ۽ انهن سان گڏ سنت ڪنور جيڪي بيت ۽ ڏوهيڙا ڏيندو هو سي به ڏنا اٿس. نه رڳو ايترو پر بسنت ڪافين، بيتن، سنڌي گيتن ۽ سنگيت جي سمجهاڻي سان گڏ اُن جي تاريخ ۽ سنڌين جون ريتون رسمون، ويچار وهنوار به ڏنا آهن. بسنت ورهاڱي کان اڳ ئي سنڌي ساهت جي ميدان ۾ پاڻ مڃائي چڪو هو. هن لکڻ جي شروعات سنڌ ۾ “سنڌ آبزرور” ۾ انگريزي مضمون لکي ڪئي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ هن جا مضمون پهريون ڀيرو “روشني” اخبار ۾ سايع ٿيا. سندس پهرئين ڪهاڻي 1930ع ڌاري “سنڌو” مخزن ۾ شايع ٿي. هن “ڦليلي مخزن” ۾ به سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيو. سندس پهريون اصلوڪو ڪتاب “چڻنگون” (1941) ۾ 15 مضمونن تي مشتمل هو. جنهن جو مهاڳ بسنت جي انتهائي ويجهي دوست هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ لکيو هو. هو عالمي خيالن جو ماڻهو هو، ان ڪري سندس تخليقن ۾ عقليت پسندي جي جهلڪ صاف نظر اچي ٿي. بسنت نه رڳو ساهت زندگيءَ لاءِ نظريي جو قائل هو، پر هو سچائي، صاف گوئي، انسانيت ۽ اصول پرستيءَ جو ته نجو مجسمو هو. هن “سچ ڇا آهي” تي خاص ڪتاب لکيو، جنهن ۾ چيائين: اُهو سيکارڻ جو ناهي. اهو تلاش آهي. باقي سکڻو وشواس ته فلاڻو دين ڌرم ئي سچ آهي، جي اُن ۾ نٿا مڃين سي اوندهه ۾ آهن، سا ڪا سچ جي ثابتي ناهي. ڄاڻ ۽ وشواس ۾ فرق آهي. جيڪي به ويچار زندگيءَ کي سهڻو، سٻر ،سرهو بڻائين ۽ هلندڙ حال ۾ هٻڪار آڻين، ان ۾ سچ جي جهلڪ آهي. حال جي بهتري سچ آهي. هي سنسار مٿيا ناهي، سچ آهي. اي جي اُتم لکي ٿو ته اهڙو ڪتاب ٻيو سنڌيءَ ۾ ڪونهي. هو لکي ٿو ته هن ٻيا به نرالا ڪتاب لکيا (1) ڪلچر (2) پرگتي (3) جيون جوت (4) مهاڀارت جو سار. ڪهاڻين، ڪوتائن ۽ ناٽڪن جي ڪتابن کان سواءِ ساهتڪ پرک، ڀاشا گيان ۽ کوجنا تي به ڪتاب لکيائين. هن مختلف موضوعن تي لکيل 30 ڪتابن سان سنڌي نثر کي هتي جيڪا اوج ڏني سا ٻئي ڪنهن نه ڏني. هن ورهاڱي بابت ناول “ابو” لکيو. هو شروع کانم ئي ترقي پسند خيالن جو هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ چوئٿرام گدواڻي، وشنداس جڳتياڻي، ليکراج عزيز، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، پروفيسر اين آر ملڪاڻي، وشنداس جڳتياڻي ۽ ٻيا به شامل هئا. هن اعليٰ درجي جو ناٽڪ نويس به هو. مرزا قليچ بيگ کانپوءِ هو ٻيو ماڻهو جنهن شيڪسپيئر جا گهڻا ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ اُلٿو ڪيا. هن شاهڪار ناٽڪ “ميران” به سنڌ ۾ ئي لکيو. جيڪو هن انگريزيءَ ۾ لکيو. ان کانسواءِ هن بي شمار ناٽڪ انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ لکيا. سنڌ هند جي اديب هري همٿاڻيءَ کيس موجوده دؤر ۾“ سنڌي نثر جو ابو” سڏيو آهي. هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڏٺا ۽ ان بابت سفر نامو “وسنت ورکا” نالي سان لکيائين. تيرٿ پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان بيحد محبت هئي، هن ورهاڱي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ هن به ڪامريڊ سوڀي، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، کيئلداس فاني سان گڏن سنڌ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. پر پاڪستان سرڪار کيس ايترو ته تنگ ڪيو جو کيس 1949ع ۾ هندستان لڏڻو پيو، هن غريب شخص کي هڪ ئي صندوق هئي اها ساڻ ڪري هو اجمير ويو. هو انتهائي حساس طبعيت وارو ماڻهو هو ۽ ورهاڱي جو ڏک سهي نه سگهيو، ان حادثي سندس ذهن تي تمام گهرو اثر ڇڏيو. هن پنهنجي باقي زندگي اڪيلائيءَ ۾ انتهائي لاچاري ۽ غربت ۾ گذاري. کيس بي سهار ماڻهن لاءِ قائم ڪيل اولڊ هائوس ۾ داخل ڪيو ويو، آخري ڏينهن ۾ هن سنڌين سان ملڻ به ڇڏي ڏنو هو. هيءُ سورهيه سنڌي سپوت ۽ سچار، صاف گو، خوددار، اصول پسند، 30 سيپٽمبر 1994ع تي اجمير ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ حالت ۾ ديهانت ڪري ويو. 30 سيپٽمبر تي ورسيءَ جي مناسبت سان