• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لطيفا!

منصور سرور

سينيئر رڪن
ڪمنگ سون (Coming Soon…)
هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪري جو پنهنجي ڏاڏي سان جهيڙو ٿي پيو، ڏاڏي کيس ڌمڪي ڏني ته مان تو کي گهر مان ڪڍي ڇڏيندس، تنهن تي ڇوڪري چيس ته مان هينئر ئي تنهنجي گهر جو بندوبست ڪري ٿو اچان. ڇوڪري ڇا ڪيو جو پنهنجي ڏاڏي جي تصوير قبرستان ۾ لڳائي ڇڏي ۽ ان جي هيٺان لکي ڇڏيو: ڪمنگ سون (Coming Soon…)

ڪمري جي دري….
هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ هڪ زال مڙس جو جهيڙو ٿي پيو، مڙس هوٽل جي مئنيجر کي فون ڪري چيو: مئنيجر صاحب! توهان اسان جي ڪمري نمبر 103 ۾ جلدي اچو منهنجو ۽ منهنجي زال جو جهيڙو ٿي پيو آهي، مئنيجر: سائين هي اوهان ۽ اوهان جي زال جو مسئلو آهي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، همراهه چيس: مئنيجر صاحب! اوهان اچو ته سهي منهنجي زال چوي ٿي آئون ڪمري جي دريءَ مان ٽپ ڏئي خودڪشي ٿي ڪريان پر دري نه ٿي کلي.

ويلڊنگ وارا مستري…
ٻه موالي رات جو ٻاهر پٽ تي ستا پيا هئا، اوچتو کنوڻ سان زوردار مينهن وسي پيو، هڪ موالي چيو يار اٿي ته اندر هلون آسمان ليڪ ٿي پيو آ،،،، ٻئي مواليءَ وراڻيس، نه يار نه، اهي ويلڊنگ وارا مستري آهن، ويچارا رات جو به پنهنجي روزيءَ کي لڳا پيا آهن.!!

پهريون جملو….
زال، مڙس کي چيو، سائين توهان جي پٽ اڄ پهريون جملو ڳالهيو آهي، مڙس: ڀلا ٻڌاءِ ته سهي منهنجي پٽ ڇا ڳالهايو: زال وراڻيس: امان، انڊروئڊ موبائل فون وٺي ڏيو، سنگت فيس بڪ تي انتظار پئي ڪري.
 
ادا منصور سرورصاحب السلام عليڪم. اسان کي خبر نه هئي ته دنيا ايڏي تيز ٿئي ويئي آهي ، جو نوان ڄايل ٻار پهريون جملو جيڪو ڳاله ٿو اهو موبائل ؤ فيس بوڪ جي باري ۾ (ڏاڍو مزو آيو اوهان جا لطيفا پڙهي)
 
Back
Top