پروفيسر ڀواني شنڪر چوڌري ”پنهنجي ڪوشش کي جاري رکو، جيڪڏهن توهان پهرين دفعي ڪاميابي نٿا ماڻيو“ (پراڻي چيني چوڻي) هن ڳالهه، جملي ۽ حقيقت ۾ يقينن، تمام گهٽ ماڻهن کي هوندو ته ڪاميابي جو راز فيل ٿيڻ ۾ آهي. لازمي ناهي ته اسان هر وقت پهرين دفعي ڪو ڪم ڪرڻ سان ئي ڪاميابي حاصل ڪيون. سياڻا ماڻهو سدائين همت ڏياريندا آهن ته فيل ٿيڻ (Failure) کي توهان سمجهو ته قدرت توهان کي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ هڪ وڌيڪ موقعو فراهم ڪيو آهي. ننڍڙي ٻار کان سکون ته جڏهن هو هلڻ شروع ڪندو آهي ته ڪيترائي دفعا ڪِرِڻ جي باوجود وري وري اُٿڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هر دفعي اٿڻ جو مختلف طريقو ڳوليندو آهي. هڪ ڏينهن جڏهن مڪمل اٿي ٻه- چار وکون لاڳيتو کڻندو آهي ته اُن جي چهري تي ڪيڏي نه خوشي جي ٻهڪندي آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي مون کي ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي. ان دوران سوين شاگردن کي پڙهائڻ ۽ گائيڊ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ اِنهن ئي شاگردن مان الائي ڪيترو سکڻ جو موقعو مليو آهي. ڏٺو اِهو ويو آهي ته ڪلاس ۾ ڪي شاگرد ڏاڍا هوشيار هوندا آهن. ڪجهه وچولا ته ڪجهه پڙهائي جي لحاظ کان ڪمزور. هتي استاد جي ڪافي ذميواري ٿئي ٿي ته پڙهائي ۾ ڪمزور شاگرد کي همٿائي ۽ محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري. اهڙن پڙهائي ۾ گهٽ دلچسپي رکندڙ شاگردن جي ڪائونسلنگ ڪبي آهي ته اهو محسوس ٿيندو آهي، اِنهن ۾ ٽيلينٽ ته آهي، پر اُنهن ۾ خوداعتمادي جي ڪمي ڪري اُهي پاڻ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندا آهن، پوءِ آئون اُنهن کي ڪافي مثال ڏيندو آهيان ته پريشان نه ٿيو، توهان جي هِن فيل ٿيڻ ۾ ئي توهان جي ڪاميابي جي خوشبوءِ اچي رهي آهي ۽ توهان بلڪل همت نه هاريو، آئون اُنهن کي ونٽن چرچل جو مثال ڏيندو آهيان جيڪو چوندو هو، "Never, Never, Never Give up". آئون اهڙن شاگردن کي جڳ مشهور جمهوريت جي علمبردار ۽ امريڪن صدر ابرهام لنڪن (Abraham Lincoln) جي زندگي جا مثال ڏيندو آهيان. 1816ع ۾ جڏهن هو ستن سالن جو هو ته جڳهه جي مالڪ هِن جي خاندان کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هُو پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو، ٻن سالن اندر سندس ماءُ وفات ڪري وئي. 1831ع ۾ ٻاويهه ورهين جي عمر ۾ هُن پنهنجي بزنس ۾ نقصان کاڌو، صفا کٽي پيو ته ابرهام لنڪن سال کانپوءِ اسٽيٽ اسيمبلي جي اليڪشن لاءِ بيٺو ۽ هارائجي ويو. 1833ع ۾ دوست کان ڪجهه اڌار وٺي نئون بزنس شروع ڪيائين، پر بزنس ڪونه هليو ۽ هُن جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ دوست جا پئسا 17 سالن کانپوءِ موٽائي سگهيو. 1834ع ۾ وري اسٽيٽ اسيمبلي ۾ ٻيهر بيٺو ۽ اليڪشن کٽي ورتي. سال کانپوءِ جنهن ڇوڪري سان مڱڻو ٿيل هو، اُها گذاري وئي ۽ کيس ڪافي ڊپريشن محسوس ٿي، پر هي نااُميد نه ٿيو. نون سالن کانپوءِ يعني 1843ع ۾ ڪانگريس جي اليڪشن وڙهيو پر هارائي ويو. وري 1846ع ۾ ڪانگريس جي اليڪشن ٻيهر وڙهيو ۽ کٽي ورتائين. 1854ع ۾ سينيٽ جي اليڪشن لاءِ وڙهيو ۽ هارائي ويو. 1856ع ۾ پنهنجي پارٽي جي وائيس پريزيڊنٽ جي اليڪشن به هارائي ويو. وري اِهو ئي سوچيائين ته اِنهي هار ۾ ئي منهنجي ڪاميابي آهي ۽ پنهنجو احتساب ڪيائين ته ڇا جي ڪري آئون لاڳيتو ناڪام ٿيندو رهيو آهيان. هُن تمام گهڻا Self development تي ڪتاب پڙهيا. هڪ هنڌ تي والٽر بريونيل جي ڪتاب ۾ جڏهن هُن پڙهيو ته، "Failure is the tuition you pay for success" ته هُن کي تمام گهڻي Motivation ملي ۽ همت ڪري 1860ع واري صدارتي اليڪشن ۾ بيٺو ۽ کٽي ورتائين. 4 مارچ 1861ع تي امريڪا جي صدر طور قسم کنيو. انهي ڪري انگريزي ۾ چوندا آهن ته، "Accept Failures as opportunities" ته مون اِهو محسوس ڪيو ته آهي شاگردن کي سٺا مثال Motivate ڪرڻ ۽ همت ڏيارڻ ۾ ڏاڍو ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪلهه ئي اتفاق سان مون کي هڪ اِي ميل آئي ته امريڪا جي وڏي ۾ وڏي پروفيشنل باڊي انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽريڪل اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ (IEEE) طرفان لزجيربر Ms Liz Gerber کي ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ انڊر گريجوئيٽ ٽيچنگ ايوارڊ اِن ڪري ڏنو ويو آهي ته هُن ڪلاس ۾ سڀني شاگردن کي پڙهائي ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ جو اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هو وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندي رهي ته جيئن سڀ شاگرد محنت ڪن ۽ ڪو به شاگرد ڪلاس ۾ فيل نه ٿئي. اِها ته ٿي امريڪن سوسائٽي جي ڳالهه، اسان جي سوسائٽي ۾ اهڙين ڪوششن جي اڃان به وڌيڪ ضرورت آهي. شاگردن کي گائيڊ ڪرڻ، ڪاميابي ماڻڻ، پڙهائي تي توجه ڏيڻ، وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ وغيره استادن جي خاص ذميواري جو حصو محسوس ٿيڻ کپي ۽ اِهي ئي شيون اسان جي نئين جنريشن ۾ اڳتي اتساهه پيدا ڪنديون. مهراڻ يونيورسٽي ۾ ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ته هڪ نئون پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هو پورو هڪ ڪلاڪ شاگردن کي هفتيوار ليڪچر ۾ پڙهائي ۽ پيشيورانه ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڏاڍو همٿائيندو آهي. جڳ مشهور سائنسدان آئنسٽائين جڏهن ليڪچر ڏيندو هو ته پهرين بورڊ تي FAIL لکندو هو ۽ چوندو هو ته، F.A.I.L mean first attempt in learning آهي. جڏهن ليڪچر ختم ڪندو هو ته بورڊ تي NO لکندو هو ۽ چوندو هو، NO means next opportunity. توهان جيڪڏهن هڪ انٽرويو ۾ نوڪري لاءِ ڪامياب نه ٿا ٿيو ته همت نه هاريو، توهان پاڻ کي Asses ڪريو ته توهان ۾ ڪهڙي ڪمي آهي ۽ توهان پاڻ ۾ سُڌارو آڻيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌو. آخر ۾ ويندي ويندي آئنسٽائين بورڊ تي End لکندو هو ۽ End جي تشريح هن طرح ڪندو هو، Effort Never Dies ته انسان جون ڪيل ڪوششون رائيگان نه وينديون آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجو صحيح گول ۽ ٽارگيٽ سيٽ ڪري صحيح سِمت ۾ جدوجهد ۽ محنت ڪندا رهون ۽ ڏاهن ماڻهن جي چيل قول ”ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي“ تي پورو لهون.
بلڪل درست آهي ان جو مثال مان پاڻ آهيان هاڻي جو تازو مثال ڏيان ته مان جڏهن انگريزي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو ته مون جي سينيئر دوست مون جي انگريزي مان ڪافي غلطيون ڪڍندا هئا بجائي ان کي درست ڪرائڻ جي صرف بس تنقيد بهرحال پنهنجي ڪوششن سان هاڻي شڪارپور ۾ هڪ سينيئر سائين آهي ڊان جو نمائندو ان کي ڇڏي ڪري ڇو جو سائين رحمت الله سومرو مون جو استاد آهي بااقي سڀني کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آهن ، ماري رکين جو مون جي سامهون اهي دوست انگريزي لکن (جيڪي تنقيد ڪندا هئا) متان ڪا غلطي ڪڍي سو Practice make perfect فقير
بيشڪ ادا سائين ڀواني شنڪر مونکي به پڙهايو آهي.پاڻ سائنسدان سان گڏ هڪ بهترين استاد ۽ همٿائيندڙ شخصيت جو مالڪ آهي.