• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مولوي حاجي احمد ملاح

abdullah jarwar

سينيئر رڪن
مرحبا محبوب منهنجا تو مٿان سر گهوريان.
گس گهٽيون ڇانيان گلن سان . گنج گوهر گهوريان.

ماڻڪن جا مينهن وسايان.. تنهنجي مارڳ ماڳ تان.
تنهنجي خذمت ۾ خزانا. خوب خوشتر گهوريان

هنجه .هرڻ . حورون پريون.هيرا حسن ۾ هيچ هت.
تنهنجي جلوي جوت تان. جنسار جوهر گهوريان.

تنهنجي خط ۽ خال کي. مشڪي خطا ڪٺڻ خطا.
عرق تنهنجي تان عجيبا. عطر .عنبير گهوريان.

ڪونجڙين ڪر نمايا. ڪنڌ اڳيان تنهنجي قريب!
تنهنجي قه قه تان ڪبڪ. قمريون. ڪبوتر گهوريان.

نڪ نيلوفر جو نمونو. نرم اڱ. نرمل اکيون.
تنهنجي پيرن تان پيارا! پٽ پٽيهر گهوريان.

نخل توکي سر نمايو. الف ڪي لڪ لام ۾
تنهنجي سنئين قد تان سڄڻ.سرء صنوبر گهوريان.

چنڊ چهرو .چشم چڪ مڪ. چوسرو چوٽو چندن.
وات ڪوثر کان ڪثر. زم زم ذقن . سر گهوريان

آهي “احمد“ کي اندر ۾ .عمر ساري جي اداس

اچ ته اڄ ڪي من اندر جون اوريان . گهر
گهوريان.

سائين مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري
 
Back
Top