جڏهن پنهنجن جا پرڪار اهڙا هجن ته اوهان ڪهڙي منهن سان ڌارين کان پنهنجي شناخت ٿا گھرو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    (توهان ڪهڙي منهن سان ٿا ڳالهايو؟)
    ------------------------------------------
    حڪومت سنڌ هجي ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگئويج اٿارٽي هجي يا اسان جون يونيورسٽيون، وري جي ميڊيا تي اچئون ٿا ته اسان جا سڀ جو سڀ اليڪٽرانڪ سنڌي چينل، وري اخبارون... انهن سڀني کان صرف هڪ سوال ڪريو ته ڇا اوهان سڄي دنيا ۾ ٻولين کي ڊجيٽائيزڊ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري ڪنسورشيم ”يونيڪوڊ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جدا ٻوليءَ واري حيثيت ڏياري سگھيا آهيو؟
    جڏهن ته ان جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي صرف داخلا فيس بارنهن هزار ڊالر (بارنهن لک رپيا) آهي، باقي جي سنڌي ٻوليءَ جي سڄي پروگرامنگ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي قلندر سائين عبد الماجد ڀرڳڙي صاحب ڪري ويو آهي.
    انهن کان پڇو ته سنڌي ٻولي مائڪرو سافٽ ۾ ڪي بورڊ واري جڳه صرف ان جي ڪري نه والاري سگھي آهي. ان ۾ ڪهڙي سامراج جو هٿ آهي؟
    هنن سڀني ادارن کان صرف ايترو پڇو ته ڇا سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي موبائل ساز ڪمپنين جهڙوڪ نوڪيا، سامسنگ ۽ پليٽ فارم جهڙوڪ ميڪ، اينڊرائيڊ ۽ جاوا ۾ سنڌي ڇونه ٿي اچي؟
    -------------------------------------------------------------------------------------
    جڏهن پنهنجن جا پرڪار اهڙا هجن ته اوهان ڪهڙي منهن سان ڌارين کان پنهنجي شناخت ٿا گھرو؟
    آهي ڪنهن وٽ ڪو تدارڪ؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو