چَيتَارَي چَوَنديَاسِ، ڳالهيُون سَڀَوئي سَڄَڻَين جُه مُقَابِلِ ٿِيَاسِ، تَه سَڀُ وَڃَنِمِ وِسِرِي سُرُ رِپَ چيتاري = دل سان، مَنَ سان- چتُ جي معنى آهي دل يا مَنُ. چيتاري لفظ به چتُ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنى ٿيندي جيڪي ڳالهيون دل ۾ سانڍيل آهن سي ڳڻي ڳڻي، هڪ هڪ ڪري. چَوَنديَاس = چوندي مانس جُه = جڏهن، جنهن گهڙي، جنهن پل، جنهن وقت، جنهن ويل، جنهن مهل مُقَابل = مُنهَن تي، آمهون سامهون ٿيَاس = ٿينديس وَڃَنِمِ = وڃن ٿيون بيت جو منظر مون جيڪي ڳالهيون دل ۾ سانڍي رکيون آهن ته تون مون کي صفا وساري ڇڏيو آهي، دل تان لاهي ڇڏيو آهي، منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نٿو ڏين، تنهنجي آڏو منهنجي ڪا حيثيت ڪانهي، اهميت ڪانهي، تون شايد ڪٿي ٻئي هنڌ لنئون لڳائي آهي ۽ اڃان ٻيون به الائي ڪيتريون ڳالهيون چوندي مانس جڏهنمحبوب ملندا. پر جڏهن گهڻي عرصي بعد محبوب سان ملاقات ٿي ته الائي ڇو؟ ڪهڙي سبب؟ ڇا جي ڪري؟ سڀ وسري ويون، چپ رهيس، هڪ به چئي نه سگهيس. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي سا اها ته نه ڄاڻ ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهو پنهنجي محبوب جي آڏو اظهار ناهي ڪري سگهندو. سبب ته الائي ڪهڙو آهي؟ جو مان، توهان ۽ اسان سڀ هونئن ته سڀني جي سامهون پنهنجي خيالن جو ڀرپور اظهار ڪندا آهيون، پر اها هستي جيڪا محبوب جو درجو رکي ٿي ان جي سامهون الائي ڇو چپ سبيل رهجي ويندا آهن، بُتَ بڻجي ويندا آهيون. شايد ان ڪري جو هو محبوب آهي ۽ ان جو تصور ۽ تصوير رات ڏينهن دل ۾، اکين ۾ ۽ هر شئي ۾ هر پل رهي ٿي. تنهنڪري جڏهن محبوب سامهون ٿو اچي ته سڀ وسري ٿو وڃي. اها شايد پيار جي انتها آهي. _____ محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل