هندو مت مذهب رکندڙ سرزمين سنڌ جو(باب السلام)بڻجڻ ۽ پو سنڌ تي ڪاهون ڪندڙن جو ڏڦير پنهنجا مذهب ڦهلائڻ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دُنيا ۾ فرقا بندين ٺهڻ ۽ عقيدن جو رواج
    1. هندو مت مذهب رکندڙ سرزمين سنڌ جو(باب السلام)بڻجڻ ۽ پو سنڌ تي ڪاهون ڪندڙن جو ڏڦير پنهنجا مذهب ڦهلائڻ.
    [​IMG]
    هندو مت مذهب ۽ سنڌ 7000 BC کان اڄ تائين
    دُنيا جي قديم ترين مذهبن ۾ هندستان جو مذهب(4000 BC to10,000BC) (هندو مت) ، ايران جو مجوسي مذهب (زرتشت)(255 BC to 600 BC) ۽ نيپال جو مذهب(568 BC) (ٻُڌ مت) آهن.
    هندو مت مذهب
    هندو مت مذهب ان اعتبار سان وڏو، عجيب و غريب مذهب آهي، ڇو جو ان باري ۾ اڄ تائين ڪنهن کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ان جو پهريون داعي ڪير هو؟ ان جو داعي نبي هو يا غير نبي ؟ ان جو زمانو ڪهڙو هو؟ ان مذهب جو اصل ۽ بُنيادي ڪتاب ڪهڙو آهي؟

    اڄ اسان اڳتي وڌڻ کان پهرئين انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسون ۽ نيڪ نيتي سان اڀياس ڪري دُنيا جي اهم مذهبن جو هڪ مختصر خاڪو پيش ڪنداسون ۽ ائين ئي اڳتي رڙهندي، هلندي آساني سان پُهچي وينداسون ته هندو مت کان، باب الاسلام سنڌ ۽ ان سنڌ تي قابض ڪندڙن پو موالي ڪلچر ۾ سنڌ کي ڪيئن جڪوڙي وڌو آهي ۽ وري اسانجي موٽ (باب السلام سنڌ) طرف ڪيئن ٿيندي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 سيپٽمبر 2014
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هندُن جو مذهبي ڪتاب (ويد)
    هندُن جي مذهبي ڪتاب جو نالو ويد آهي جيڪو چئن حصن تي مشتمل آهي.
    1. رگ ويد
    2. يجر ويد
    3. سام ويد
    4. اٿر ويد
    مها ڀارت شانتي پروشلوڪ جي روايت مطابق روائسر (جنن جو بادشاه) ويد چورائي ويو. آسمان مان ست رشي (بزرگ) نازل ٿيا ۽ ويد کي واپس آڻي وري جاري ڪيو. ان روايت جي ڪري هندو محقق خود ويد کي الهامي ڪتاب نٿا سمجهن. ويدن جي تحرير جو زمانون (4000 BC) ۽ ڪن جي مطابق (5000 BC)، ته وري ڪن جي مطابق (10،000 BC) جو آهي.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هاڻ اچو ته هڪ نظر ويدن جي تعليم تي به وجهون.
    1. ويدن ۾ ذات پات جي تعليم
    ويدن جي تعليم موجب
    1. برهمڻ قوم ، پر ماتما (خدا) جي مُنهن مان پئدا ٿيا.
    2. ڪشتري قوم، پر ماتما (خدا) جي ٻانهن مان پئدا ٿيا.
    3. ويش قوم، پر ماتما (خدا) جي رانُن مان پئدا ٿيا.
    4. شودر قوم، پر ماتما (خدا) جي پيرن مان پئدا ٿيا.
    جنهنڪري برهمڻ دُنيا جي سڀ کان اعليى مخلوق آهي ۽ دُنيا ۾ جيڪو مال دولت آهي اهو سڀ برهمڻ جو آهي، هو جنهن به عورت جو هٿ جهلي، اُها اُن جي ٿي وڃي ٿي. برهمڻ گناهن کان بلڪل پاڪ آهن، چاهي ٽنهين عالمن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏي.
    شودر جي ويد ٻُڌي وٺي ته اُن جي ڪنن ۾ شيهو وجهي ڇڏجي، اگر پڙهي ته اُن جي زبان ڪٽي ڇڏجي، اگر ياد ڪري ته اُن جي دل چيري ڇڏجي، اگر بتهمڻ جي برابر وهي ته اُن جي چيلهه تي داغ لکائي، ڌڏيون ڪٽائي جلاوطن ڪري ڇڏجي. شودر جنهن عضوي سان برهمڻ جي توهين ڪري، اُن جو اُهو عضوو ڪٽي ڇڏجي.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    2. عورتن جي باري ۾ ويدن جي تعليم
    عورت ڌوڪي باز آهي، عورت جي عصمت مشڪوڪ آهي، عورت جي دل بگهڙ جي ڀٺي آهي، عورت پي جي ملڪيت جي وارث نٿي ٿي سگهي، عورت ٻيو حق (نڪاح) نٿي ڪري سگهي، عورت خلع نٿي وٺي سگهي، عورت کي جُوا ۾ هارڻ ۽ وڪڻڻ جي اجازت آهي، جن ڇوڪرين جا ڀائُر نه هُجن، اُنهن جي شادي نٿي ٿي سگهي. ڇوڪرين جي موجودگي ۾ ڇوڪرو پئدا ڪرڻ لا مُڙس پنهنجي زال کي ڪنهن غير محرم کان حامله ڪرائڻ (نيوگ) حڪم ڏئي سگهي ٿو.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    3. غير هندن جي باري ۾ ويدن جي تعليم
    هندو ڌرم جي مخالفن کي جيئرو باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، هندو ڌرم جي مخالفن کي خونخوار جانورن کان چيرائي ڇڏيو، هندو ڌرم جي دشمنن جي پوکن کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ اُنهن کي بُکيو رکي ماري ڇڏيو، هندو ڌرم جي مخالفن کي غرق ڪري ڇڏيو، جهڙي طرح ٻلي ڪُئي کي ڦٿڪائي ڦٿڪائي ماري ٿي، اهڙي طرح انهن کي ڦٿڪائي ڦٿڪائي ماريو. مخالفن جو سنڌ سنڌ ۽ هڏ هڏ ڪٽيو، انهن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ انهن تي رحم نه ڪريو.
    4. ويدن ۾ شرڪ جي تعليم
    ديوتائن جو ڪُل تعداد 3340 آهي.
    ڪائنات جو خالق (برهمه) ٻيو آهي،
    عشق ۽ مُحبت جو ديوتا (ڪام ديو) ٻيو آهي،
    دشمنن کي برباد ڪرڻ وارو ديوتا (شيو جي) ٻيو آهي،
    اولاد جي حاصل ڪرڻ لا شڪتي (مردانو عضو تناسل) ۽ پريوتي (زنانو عضو تناسل) به انهن جا ديوتا آهن.
    ان کان سوا باهه، پپر جو وڻ، هاٿي، شينهن، نانگ، ڪُئو، سوئر، باندر، ڍڳو، ۽ ڳئون به هندُن جا ديوتا آهن.
    عقيدو
    هندُن جو عقيدو آهي ته ڍڳي زمين ۽ آسمان کي کڻيو بيٺي آهي، اُن جو ڇيڻو ۽ پيشاب پيئڻ گناهن جي معافي جو ذريعو آهي.
    حوالو: (مذاهب علام جو تقابلي جائزو) از چوڌري غلام رسول ايم اي ۽ ڪتاب حقوق رحمت للعالمين مُترجم : سڪندر عباسي (ص94کان) حديث پبليڪيشنز حيدرآباد.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    2. مذهب ٻُڌ مت
    (ٻُڌ) سنسڪرت جو لفظ جنهنجو مطلب آهي روشني يا نور.
    ٻُڌمت مذهب جو باني (گوتم ٻُڌ) (586 BC) ۾ نيپال جي دارُالحڪومت (ڪپل وستو) ۾ هڪ راجا جي گهر ۾ پئدا ٿيو هو، سندُس پي جو نالو (شدهو دهن) هو ۽ ما جو نالو (مايا) هو. هُن 16 سالن جي عُمر ۾ (جسو دهارا) نالي عورت سان شادي ڪئي هُئي جنهن مان کيس هڪ ٻار (رسل) نالي پئدا ٿيو هو.

    گوتم ٻُڌ جا شروع وارا 29 سال لڪل آهن. گوتم ٻُڌ ننڍي هوندي کان ئي غور و فڪر جو عادي هو. 23 سالن جي عُمر ۾ ڪن مُصيبت زده ماڻهن کي ڏسي گوتم ٻُڌ ايتري قدر مُتاثر ٿيو جو هو آبادي کي ڇڏي، جهنگلن ۽ ويرانن ۾ وڃي رهيو ۽ دنيا جي مصيبتن، تڪليفن، ڏکن ۽ پريشانين کان نجات حاصل ڪرڻ بابت طريقا سوچيندو رهيو ۽ مسلسل 6 سال نفس ڪشي اختيار ڪئي، کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو، مراقبا ۽ مجاهدا ڪيا. ان عرصي ۾ گوتم ٻُڌ جو جسم سُڪي ڪنڊا ٿي ويو، ليڪن ابدي راحت جي حصول جو راز هٿ نه اچي سگهيس، تنهنڪري وري هن کاڌو پيتو شروع ڪيو.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    گوتم ٻُڌ
    [​IMG]

    هڪ ڏينهن گوتم ٻُڌ پپر جي وڻ هيٺان مُراقبو ڪري رهيو هو ته اوچتو نروان (نجات) جو راز عطا ٿيس، جنهن سان گوتم ٻُڌ کي ابدي راحت جي حصول جو طريقو معلوم ٿيو ۽ گوتم ٻُڌ وري شهر جو رُخ ڪيو. ماڻهن کي ابدي راحت حاصل ڪرڻ جا سونهري اصول ٻُڌايا، وعظ ۽ نصيحتون ڪيون. گوتم ٻُڌ جي وعظ ۽ نصيحت جو عرصو 40 سالن تي مُحيط آهي پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انهن 40 سالن جي ڪا مستند تاريخ محفوظ نه آهي. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گوتم ٻُڌ پنهنجي مُريدن (ڀڪشن) کي دفن ۽ ڪفن جا مسئلا ٻُڌايا ۽ نصيحت ڪئي ته سندس مرڻ کان پو سندس مشن ۽ تعليم کي عام ڪجي. گوتم ٻُڌ 80 سالن جي عُمر ۾ (488 ق. م ۾) گورکپور جي علائقي ۾ انتقال ڪري ويو. گوتم ٻُڌ پنهنجي زندگي ۾ ڪا تحريري تعليم نه ڇڏي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 سيپٽمبر 2014
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    گوتم ٻُڌ جي وفات کان 218 سال پو موريا خاندان جو ٽيون بادشاه اشوڪ
    [​IMG][​IMG]
    گوتم ٻُڌ جي وفات کان پو ٻه سئو ارڙهن سال (218) سالن کان پو موريا خاندان جو ٽيون بادشاه اشوڪ (270 ق. م) حڪمران ٿيو ته اُن ٻُڌ مت جو مذهب قبول ڪيو جنهنجي ڪري ٻُڌ ٻت مذهب کي گهڻي ترقي حاصل ٿي. اشوڪ پنهنجي حڪومت ۾ ڀڪشوئن جو هڪ عظيم اجتماع منعقد ڪرايو جنهن ۾ ممتاز ڀڪشوئن ٻُڌ مت جي تعليم کي (تر پٽيڪا) جي نالي سان (پالي) زبان ۾ مرتب ڪيو. جيڪو هاڻ ٻُڌ مت مذهب جو مقدس ڪتاب سڏجي ٿو. جيئن ته گوتم ٻُڌ جي زبان پالي نه هُئي تنهنڪري محققن ان ڪتاب کي به مستنند تسليم نه ڪيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 سيپٽمبر 2014
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    3. ايران جو مجوسي مذهب زرتشت
    [​IMG][​IMG]

    هن مجوسي مذهب جو باني (زرتشت) ايران جي شهر (ري) ۾ پئدا ٿيو. سندس پي  جو نالو (پودا شاسب) ۽ ما جو نالو (ديودها) هو. ان جي پئدائش جو زمانون (258 ق.م) هو پر ڪن جي خيال موجب (588 ق. م) ته ڪن ٻين جي خيال موجب (600 ق.م) هو.
    زرتشت 30 سالن جي عُمر ۾ هڪ جبل تي گوشي نشيني اختيار ڪئي جتي اُن کي خدائي واحد (اهور امزد) جو ڪشف حاصل ٿيو، جنهن ڏانهن ان ماڻهن کي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. ڏهن سالن جي عرصي ۾ زرتشت جي صرف چاچي جو پُٽ (نالو معلوم نه آهي) هن جو هم خيال ٿي سگهيو ۽ عوام کان مايوس ٿي زرتشت کي بلخ جي بادشاه (گشتاسب) وٽ وٺي ويو ۽ دربار جي عالمن سان مناظرو ڪرايو. جتي بادشاهه مُتاثر ٿي زرتشت جي تعليم قبول ڪئي جنهن کان پو زرتشت جو مذهب ايران ۾ تيزي سان وڌڻ لڳو. 77 سالن جي عمر ۾ هڪ توراني سپاهي خنجر سان زرتشت کي قتل ڪري ڇڏيو. هي آهن اهي وڌ ۾ وڌ تفسيل جيڪي اسانکي زرتشت مذهب متعلق ملي سگهيا آهن. انهن تفصيلن ۾ ايتري قدر اختلاف آهي جو ڪُجهه مُحققن زرتشت جي وجود جو به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 سيپٽمبر 2014
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مجوسي مذهب جو مقدس ڪتاب (اوستا) آهي
    [​IMG]
    مجوسي مذهب جي مقدس ڪتاب (اوستا) 72 گاٿن (گيتن) تي مشتمل آهي ۽ اهي ئي 72 گيت مجوسي مذهب جي تعليم آهن. چيون وڃي ٿو ته زرتشت جي موت کان 280 سال پو سڪندر اعظم ايران تي حملو ڪيو هو ته هن سڀ ڪتاب گهرائي ساڙي ڇڏيا هُئا ۽ مجوسي عالم پنهنجي جان بچائڻ لا غارن ۾ وڃي لڪا هُئا.

    هاڻ اچو ته انهن مذهبن کان پو جن جو اثر انڊس سولائيزيشن سنڌ تي به قون جي اچڻ وڃڻ ۽ قابض ڪرڻ جي ڪري پيو هو جنهنکي پو اچي يهوديت، عيسائيت ۽ آخر ۾ اسلام 711ع ۾ سنڌ ۾ فروغ ورتو ۽ سنڌ باب الاسلام بڻجي پوري دُنيا ۾ اسلام ڦهلائڻ ۾ گهڻو ڪردار ادا ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين انهن مذهبن جي باري ۾ تمام بهترين معلومات پيش ڪئي اٿئو، عورت جي انهن وٽ ڇا اهميت آهي !!عجيب لڳو.
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جو باب الاسلام بڻجڻ ۽ وري سنڌ کي قابضن طرفا موالي ڪلچر ۾ وڪوڙجڻ لا رٿيل سازشون
    هاڻي اچو ته معروف الهامي مذهبن ڏانهن جن ۾ يهوديت، عيسايت ۽ اسلام شامل آهن
    1. يهوديت :
    يهوديت جا الهامي ڪتاب توريت ۽ زبور آهن جنهن کي (Old Testament) قديم عهدنامه يا عهد نامج عتيق يا ميثاق بني اسرائيل چئجي ٿو. عهد نامه قديم جا هيٺيان پنج حصا آهن انهن پنجن حصن کي اسفار خمسه به چيون وڃي ٿو.
    1. پيدائش
    2. خروج
    3. احبار
    4. ڳڻپ
    5. استثنا
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عهد نامه قديم جا چار ماخذ تسليم ڪيا ويا آهن.
    1. يهودي متن
    هي متن 9 صدي قبل مسيح (ق.م) ۾ لکيو ويو هو.
    2. استثنائي متن
    هي متن 8 صدي قبل مسيح (ق.م) ۾ لکيو ويو هو. يعني سيدنا موسى عليه السلام جي وفات کان 700 سال پو.
    3. مرشدانه متن
    هي متن 6 صدي قبل مسيح (ق.م) ۾ لکيو ويو هو. يعني سيدنا موسى عليه السلام جي وفات کان 900 سال پو.
    4. الوهمي متن
    هي متن سڀني کان پو لکيو ويو. يعني سيدنا موسى عليه السلام جي وفات کان پو، تقريبن هزار سالن کان پو. ياد رهي ته سيدنا موسى عليه الاسلام ۽ سيدنا عيسى عليه السلام جي وچ وارو عرصو 1500 سالن جو آهي.
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    (بائبل، قرآن ۽ سائنس) جي مئُلف ڊاڪٽر مورس ميوڪيلي (D.Maurice Bucaille) جي تحقيق مُطابق
    ٽئين صدي قبل مسيح (يعني سيدنا موسى عليه السلام جي وفات کان 1200 سال پو) عهد نامه قديم جا عبراني زبان ۾ ٽي مُختلف متن موجود هُئا.
    پهرئي صدي قبل مسيح (يعني سيدنا موسى عليه السلام جي وفات کان 1400 سال پو) هي رُجحان پئدا ٿيو ته عهدنامه قديم جي لا هڪ ئي متن مقرر ڪيو وڃي، ليڪن سيدنا عيسى عليه السلام جي پيدائش کان هڪ صدي پو تائين (يعني سيدنا موسى علاه السلام جي وفات کان 1600 سال پو) به اهو ممڪن نه ٿي سگهيو ته ڪنهن هڪ متن تي سڀني جو اتفاق ٿي سگهي.
    بائبل، قرآن ۽ سائنس ڪتاب جي مئولف تورات ۾ تحريف جا گهڻا دليل ڏيڻ کان پو آخر ۾ لکي ٿو : (عهدنامه قديم جي تصنيف ۾ انساني هٿ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تنهنڪري اهو سمجهڻ مشڪل ناهي ته هڪ اشاعت کان ٻي اشاعت تائين ۽ هڪ ترجمي کان ٻئي ترجمي تائين جيڪي تبديليون واقع ٿيون آهن، انهن جي ڪري عهدنامه قديم جو موجوده متن گذريل هزار سالن جي پُراڻي متن کان بلڪل مختلف آهي)
     
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تورات ۽ زبور مان جيڪا معلومات اسان کي ملي ٿي
    سيدنا موسى عليه السلام جي باري ۾ تورات ۽ زبور مان جيڪا معلومات اسان کي ملي ٿي اها وڌ ۾ وڌ اها آهي ته سيدنا موسى عليه السلام فرعون جي گهر ۾ پرورش پاتي. جوان ٿيو ته بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن جي مدد ڪرڻ کان پو (البته هڪ قبطي شخص دندس هٿان مري پيو) حڪومت جي ڊپ کان مدين ڀڄي ويو. اتي شادي ڪيائون ۽ ڏهن سالن جي عرصي کان پو واپس موٽيو ته رستي ۾ نبوت سان سرفراز ڪيو ويو. فرعون جي درٻار ۾ پُهچي، اُن کي معجزا ڏيکاري، ايمان جي دعوت ڏني. بني اسرائيل جي آزادي جو مطالبو ڪيو. فرعون انڪار ڪيو ته سيدنا موسى عليه السلام مناسب موقعي تي الله تعالى جي حڪم سان بني اسرائيل کي سمنڊ پار ڪرايو ۽ الله تعالى انهن جي دشمنن کي غرق ڪري ڇڏيو. ان کان پو بني اسرائيل پنهنجين نافرمانين جي ڪري طويل مدت تائين صحرا ۾ ڀٽڪندا رهيا. انهي دوران سيدنا موسى عليه السلام جي وفات ٿي وئي ۽ ان کي خورب جي هڪ وادي (بيت نفور) ۾ دفن ڪيو ويو.
     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عيسايت جنهن کي عهد نام، (New- Testament) جديد چيو وڃي ٿو
    عيساين جي الهامي ڪتاب جو نالو (انجيل) آهي جنهن کي عهد نامه جديد (New- Testament) به چيو وڃي ٿو. عهد نامه قديم ۽ بعهد نامه جديد کي ملائي (بائبل) چئجي ٿو. يهودي صرف عهد نامه قديم کي مڃن ٿا ۽ عهد نامه جديد کي نٿا مڃن ۽ اهو عقيدو رکن ٿا ته عهد نامه جديد، عهد نامه قديم جو ناسخ آهي.

    هي ڳالهه ته سڀني عيسائي عالمن وٽ به متفق عليه آهي ته سيدنا عيسى عليه الاسلام پنهنجي پويان ڪو لکيل ڪتاب ڪونه ڇڏيو ۽ هي ڳالهه به عيسائي محققين وٽ مڃيل آهي ته سيدنا عيسى عيله السلام جي وفات جي 140 سالن کان پو به انجيل جو ڪو نسخو دُنيا ۾ موجود نه هو.

    سيدنا عيسى عليه السلام جي وفات کان تقريبن 200 سال بعد جڏنهن عيسائي مختلف فرقن ۾ وراهيا (عياسين ۾ تقريبن 35 فرقا آهن) ته هر فرقي پنهنجي پنهنجي مقدس ڪتابن جي تصنيف ڪرڻ شروع ڪئي. پو هنن 325ع ۾ (يعني سيدنا عيسى عليه السلام جي وفات (بظاهر) کان 325 سالن کان پو) قسطنطين اعظم 300 پادرين جي ڪائونسل ٺاهي ۽ انهن کي اصل انجيل تلاش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪائونسل گڏ ڪيل انجيل جا ڍير ٺاهي ميز جي هيٺان رکي ڇڏيا ۽ خداوند کي درخواست ڪئي ته انهن ۾ جيڪو الهامي نسخو هُجي، اهو ميز تي اچي وڃي ۽ جعلي نسخا هيٺ ئي پيا هُجن. ائين ئي ٿيو، چئن نسخن کان سوا باقي سڀ نسخا جعلي قرار ڏنا ويا ۽ ساڙي ڇڏيا ۽ پو عيساين چواڻي اهي چارئي نسخا مستند قرار ڏنا ويا جن جا نالا هي آهن
    1. متى (Metheew) جي انجيل
    2. مرقس (Mark) جي انجيل
    3. لوقا (Luke) جي انجيل
    4. يوحنا (John) جي انجيل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 سيپٽمبر 2014
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انهن چئن انجيلن جي مصنفين انهن معلومات جا حوالا نه ڏنا
    انهن چئني انجيلن جي مصنفين مان ڪنهن هڪ به ان ڳالهه جي ضرورت محسوس نه ڪئي ته هو پنهنجي داخل ڪيل معلومات جا حوالا ڏين ته انهن تائين اها معلومات سيدنا عيسى عليه السلام کان ڪهڙن واسطن سان ۽ ڪيترن واسطن سان انهن وٽ پُهتي. اهو ئي سبب آهي جو خود يهودي ۽ ٿيسائي محققن جي خيال مطابق اناجيل جي تحريرن ۾ ڪا سند يا تاريخي حيثيت ناهي.

    تنهنڪري (بائبل، قرآن ۽ سائنس) جي مصنف مورس بيڪلي کي چوڻو ن پيو ته (جڏنهن اسان انجيل جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسانکي ذرو به ان ڳالهه جو يقين نٿو ٿئي ته اسين واقعي ۾ مسيح جا لفظ پڙهي رهيا آهيون)

    بيڪلي جي ان دعوى جي تصديق خود انجيل جي ڪُجهه آيتن مان به معلوم ٿئي ٿي. مثال طور هيٺين آيتن تي غور فرمايو.
     
  18. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انجيل جي ڪن آيتن مان
    1. سيدنا عيسى (عليه السلام)فرمايو: مون کان پهرئين جيترا به نبي آيا اهي سڀ چور ۽ رهزن هُئا (نعوذ باالله) (يوحنا باب 10)
    2. سيدنا عيسى (عليه السلام) وٽ هڪ ڪنعاني عورت (ڪُجهه گهرڻ) آئي ته سيدنا عيسى(عليه السلام) چيو: مان ٻارن جي ماني ڪتن جي سامهون نٿو ڦٽي ڪري سگهان. (مرڪس باب 7 آيتون 27، 28).
    3. هي نه سمجهو ته مان زمين تي صلح ڪرائڻ لا آيو آهيان. صلح ڪرائڻ لا نه، بلڪه تلوار هلائڻ لا آيو آهيان. (متى، باب 10، آيت 34).
    4. جنهن وٽ پنهنجي تلوار نه هُجي، اهو لباس وڪڻي تلوار خريد ڪري. (لوقا، باب 22، آيت 36).
    5. سيدنا عيسى (عليه السلام) يهودين کي هنن لفظن ۾ مخاطب فرماي: (اي رياڪارئو! فقيهو ۽ فريسيو! توهان نبين جي قاتلن جي اولاد آهيو، اي نانگ، اي افعي جا ٻار، توهان دوزخ جي باه کان ميئن بچندئو؟ (متى ، باب 33، آيت 29 کان 33).
    6. نوح (عليه السلام) شراب جي نشي ۾ پنهنجي گهر ۾ اگهاڙا ٿيا (نعوذ با الله) (پئدائش باب 9، آيت 20 ۽ 21).
    7. يعقوب (عليه السلام) جي چوٿين پُٽ يهوده پنهنجي نُنهن سان بدڪاري ڪري اولاد پيدا ڪيو(پيدائش باب 38)
    8. 8. هارون (عليه السلام) سون جو بُت گابي جي شڪل ۾ ٺاهي ان جي پوڄا ڪرائي ۽ شرڪ جهڙي خراب جُرم جو مرتڪب ٿيو. (خروج 32، آيت 1 کان 6).
    9. پنهنجي ما جي چوڻ تي يعقوب (عليه السلام) دغا بازي کان ڪم ورتو. ڌوڪي، ڪوڙ ۽ مڪاري سان پنهنجي ضعيف العمر پي اسحاق (عليه السلام) کي ڌوڪو ڏئي پنهنجي وڏي ڀا عيسو جي برڪت ڦُري ورتي. (پيدائش، باب 27)
     
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سيدنا عيسى(عليه السلام) جي زندگي بابت اناجيل اربع (چئن انجيل جي نسخن ۾)
    هاڻي اچو سيدنا عيسى (عليه السلام) جي زندگي جا حالات ڏانهن. انهن نسخن مصابق سيدنا عيسى(عليه السلام) فلسطين جي شهر ناصره ۾ پيدا ٿيو. والد جو نالو يوسف نجار ۽ والده جو نالو مريم هو (متى باب 1، آيت نمبر 16) اٺين ڏينه طهر ڪيو ويو، جڏنهن پاڻ 12 سالن جا ٿيا ته والدين يروشلم وٺي ويا.
    زندگي جا شروع وارا 30 سال اونداهي ۾ ؟
    سيدنا عيسى (عليه السلام) جي زندگي جا شروع وارا 30 سال اونداهي ۾ آهن. ڪنهن کي خبر ناهي ته سيدنا عيسى (عليه السلام) پنهنجي زندگي جا پهريان 30 سال ڪٿي ۽ ڪيئن گُذاريا؟ (تاريخ ڪليسيا).
    تبليغ ، گرفتاري ۽ ڦاسي
    30 سالن کان پو عيسى (عليه السلام) کي سيدنا يحيى (عليه السلام) بپتسمه ڏنو. (عيسائي مذهب جي هڪ رسم ادا ڪري عيسائي ٺاهڻ)، جنهن کان پو ان جي پيغمبري جو آغاز ٿيو. سيدنا عيسى (عليه السلام) شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي دعوت ڏني. يهودي عالم، سيدنا عيسى (عليه السلام) جا مخالف ٿي ويا ۽ الزام لڳايو ته عيسى (عليه السلام) سيدنا دائود (عليه السلام) جي تخت جو وارث هُئڻ جي به دعوى ڪري ٿو ۽ رومي حڪومت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم ڪرڻ گهري ٿو، جيڪا رومي حڪومت جو تختو الٽو ڪري ڇڏي. تنهنڪري يهودي عالمن جي اصرار تي روني گورنر (پلاطوس) سيدنا عيسى (عليه السلام) کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گرفتار ٿيڻ وارن ۾ سيدنا عيسى (عليه السلام) جو هڪ حواري (يهوده اسڪرپوتي) به شامل هو. البته باقي ٻيا شاگرد جيڪي سيدنا عيسى (عليه السلام) سان گڏ هُئا، اهي ڀڄي ويا. سيدنا عيسى (عليه السلام) تي مقدمو هلايو ويو ۽ ان کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي. ان وقت سينا عيسى (عليه السلام) جي عمر 333 سال هُئي.

    اناجيل جي چوڻ موجب ڦاسي لڳڻ جي ٽئي ڏينهن سيدنا عيسى (عليه السلام) ٻيو دفعو جيئرو ٿي ويو. پنهنجي حوارين سان ملاقات کان پو 40 ڏينهن تائين دُنيا ۾ قيام ڪيو ۽ پو آسمان ڏانهن کنيو ويو.
     
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستئو ! آهي اها سڄي تفصيل جيڪا اسان انجيل جي حوالي سان اسان کي سيدنا عيسى (عليه السلام) جي زندگي جي باري ۾ ملي ٿي ته هاڻ اچو ته هڪ نظر آخري الهامي مذهب (اسلام) ته به وجهون.
    [​IMG]
    اسلام جي مقدس ڪتاب جو نالو قرآن ڪريم آهي. جيڪو وحي جي ذريعي رسول اڪرم (صلي الله عليه وسلم) جن تي نازل ٿيو. جنهن کي پاڻ (صلي الله عليه وسلم) جي حيات ۾ ئي گهڻن صحابه ڪرام (رضي الله عنهم) حفظ ڪري ورتو. سيرت جي ڪتابن ۾ انهن سڀني صحابه اڪرام (مردن ۽ عورتن) جا سڀ نالا محفوظ آهن. وحي جي نزول سان گڏو گڏ پاڻ (صلي الله عليه وسلم) ان جي ڪتابت جو اهتمام فرمايو ۽ اهڙي طرح نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) جي حيات طيبه ۾ ئي سڄو قرآن مجيد تحريري شڪل (صحيفن) ۾ محفوظ ٿي ويو ۽ جن جن صحابه ڪرام وٽ تحريري قرآن (صحيفا) موجود هوا، ڪتب سير ۾ انهن جا نالا به محفوظ آهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو