جديد سياسي لغت

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    اختر حفيظ جي وال تان کنيل
    [​IMG]

    اختر حفيظ

    ماڊل ٽائون واري واقعي ۾ وڏين مڇن، ڀريل چهري ۽ چڱي قد ڪاٺ سان هٿ ۾ ڏنڊو کڻي بي رحمي سان گاڏيون ٽوڙيندڙ گلو بٽ هاڻ ڪو معمولي ماڻهو نه رهيو آهي. بلڪه گلو بٽ هن سماج ۾ هاڻ هڪ اصطلاح طور به استعمال ٿيڻ لڳو آهي. لغتن ۾ جتي روز نوان لفظ شامل ٿيندا رهن ٿا اتي گلو بٽ کي به آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گلو لفظ جي وصف هن ريت بيان ڪئي وئي آهي. " هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو سماج جي بااختيار يا اقتداري پٺڀرائي وسيلي مصيبت آڻيندڙ رويي مان مزو وٺي." گلو کي اسم ۽ فعل جي صورت ۾ استعمال پڻ ڪيو ويو آهي. ان کان سوا گلو ازم جهڙو اصطلاح پڻ متعارف ٿي چڪو آهي. ٻولي ۾ جڏهن به ڪنهن نئين لفظ کي متعارف ڪرايو ويندو آهي ته ان کي انگريزي ۾ Coin چئبو آهي. ٻولي جيئن ته وقت گذرڻ سان تبديل ٿيندي رهي ٿي تنهنڪري ان ۾ نوان لفظ شامل به ٿيندا آهن ته پراڻا لفظ غائب ٿيندا ويندا آهن. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جيڪڏهن ان جي سياسي لغت جي جاچ ورتي وڃي ته ڪيترائي اهڙا اصطلاح ۽ لفظ اسان کي نظر ايندا جيڪي مختلف جمهوري ۽ آمريتي دورن ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن.
    نظريه ضرورت: هن جي معنى آهي ته ڪنهن به سياسي ۽ چونڊيل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ان جي جا تي فوجي آمر ويهي رهي ۽ پو هو چوي ته اها وقت جي ضرورت هئي، ملڪ تمام وڏي خطري ۾ هو تنهنڪري ان ئي وقت نظريه ضرورت جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي. پو ان نظريي جي آڙ ۾ ملڪ تي سالن تائين آمريت مڙهي ماڻهن کي جمهوريت کان نفرت سيکاري ويندي آهي ته جيئن ماڻهو ڪنهن به ريت جمهوريت ڏانهن نه ورن ۽ سدائين آمريتن جي واکاڻ ڪندا رهن.
    عظيم تر قومي مفاد: هن جي معنى آهي ته قوم کي پٺي ڏئي ان جي سمورن مفادن کي تباهه ڪري بنا ڪنهن پرواهه جي حڪمران طبقو اصل ۾ پنهنجي عظيم تر مفاد ۾ ڪم ڪندو رهي. جنهن کي عوامي مفادن جو ويس ڍڪايو ويندو آهي. ان ڪري حڪومت جمهوري هجي يا آمريتي هجي اها سدائين عظيم تر قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندي رهندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان باري ۾ قوم جي مرضي شامل نه هوندي آهي. پر وري عوام به کي اهو يقين ڏيارڻ لا تقريرون ڪيون وينديون آهن ته حڪمرانن اصل ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو قوم جي ڀلي لا ڪيو آهي.
    ملڪ جو نازڪ دور: نازڪ دور جي معنى آهي ته ملڪ صفا ڪمزور حالت ۾ آهي، ان کي انهي نازڪ دور مان ڪڍڻ لا جيڪو ٽڪساٽ ٺاهيو ويندو آهي، ان ذريعي نزاڪت کي ختم ڪرڻ بدران ان کي وڌيڪ نازڪ ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح به گذريل 67 سالن کان اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ اها نزاڪت قائم رهندي.
    مفاهمت: هن لفظ جي معنى آهي ته پنهنجي ذاتي سياسي مفاد لا هر ڪنهن ماڻهو سان ٺاهه ڪبو. پو ڀلي اهو وڏيرو هجي، ڪنهن ڪيس ۾ نامزد ڪو ڏوهاري هجي، ڪنهن تر جو ڪو ظالم چوڌري هجي ان کي پارٽي ۾ شامل ڪري تڪ جا ووٽ حاصل ڪبا. پو اتان جي ماڻهن کي وڌيڪ ڏکيو ڪرڻ لا اتان جي ڀوتار کي ڪا وزارت ڏئي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويندو. شهري دهشتگردن جي ظلمن خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍبي ۽ انهن سان سمجهوتو ڪري سڀڪجهه برداشت ڪبو ته اقتدار قائم ڪيو وڃي.
    نئون پاڪستان: هي بلڪل نئون لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو وزيراعظم اڳوڻو ڪرڪيٽر هجي. جنهن ۾ نظام پراڻو هجي پر وزارت اعظمى واري ڪرسي تي عمران خان جهڙو طالبان نواز ماڻهو ويٺل هجي ۽ ان جي چوڌاري شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشي جهڙا "نوجوان انقلابي" هجن. جنهن ۾ نظام جي ڪابه تبديلي نه هجي پر جمهوري نظام جي تڏا ويڙهه ضرور ڪئي وڃي ۽ ٿرڊ امپائر جو جنهن ۾ تمام اهم ڪردار هجي.
    آزادي ۽ انقلاب مارچ: اهڙا مارچ جيڪي غيرجمهوري قوتن جي اشاري تي ڪيا وڃن، جن جو مقصد جمهوريت جي تڏا ويڙهه هجي. جن ۾ ماڻهو پئسن تي آندا وڃن ۽ پو انهن کي اهو به چيو وڃي ته متان ويا آهيو، جيڪڏهن ويا ته پو خير نه ٿيندو. هنن مارچن ۾ انقلاب جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون وڃن پر انقلاب جو پري پري تائين نالو نشان نه هجي. زوردار تقريرون هجن ۽ ماڻهن کي نيون نيون گاريون ڏيکارڻ جو هنر سيکاريو وڃي. سياستدانن تي الزام هڻي انهن کي ملڪ جي ڪرپٽ ترين مخلوق طور پيش ڪري ماڻهن جو سياست تائين ارواح کڻايو وڃي. جن ۾ ٻارڙن جا اسڪول بند هجن ۽ انهن ۾ پوليس کي ٽڪايو وڃي.
    ڪنٽينر: اسان جي ملڪ ۾ هن جي به هڪ نئين معنى آهي، هڪ اهڙو ڏٻو جنهن تي اڳواڻ بيهي وڏي واڪي ڳالهائين ۽ موسيقي به هلندي رهي. ماڻهن کي اهو بار بار احساس ڏياريو وڃي ته انقلاب جو پکي هن ئي ڪنٽينر ۾ قيد آهي جيڪو بس اجهو نڪرڻ وارو آهي، تنهنڪري ماڻهو پنهنجا حوصلا بلند رکن. اهي ئي اهڙا انقلابي ڏٻا آهن جتان دنيا ۾ ڪنهن به انقلابي انقلاب نه آندو آهي پر اسان جا اڳواڻ آڻي سگهن ٿا.
    انقلابي: هي لفظ ته پراڻو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ هن لفظ کي نئين طريقي سان متعارف ڪرايو ويو آهي. يعني اهو سياسي اڳواڻ/ڪارڪن جيڪو موجوده حڪومت خلاف هجي، ڀلي اهو ماضي ۾ ڪيترو به ڪرپٽ رهيو هجي، فوجي حڪمرانن جو لاڏلو رهيو هجي، آمريتن جو پرچارڪ هجي پر جيڪڏهن هو هاڻوڪي چونڊيل حڪومت خلاف آهي ته اهو انقلابي ليکيو ويندو. ان جو دنيا جي انقلاب سان ڪو واسطو نه آهي. ڀلي ان کي چي گويرا، مائو زي تنگ، هوچي منهه، ڪارل مارڪس ۽ ٻين انقلابين جا نالا به نه ايندا هجن پر ان لا لازمي شرط اهو آهي ته اهو ڌرڻي ۾ شامل ٿي "گو نواز گو" جا نعرا هڻي.
    مظلوم طبقو: بظاهر ته هن لفظ جي معنى اها آهي ته هڪ اهڙو طبقو جيڪو ڪنهن ظلم جو شڪار هجي پر جيئن ته اسان وٽ نوان نوان لفظ متعارف ٿي رهيا آهن تنهنڪري هن اصطلاح جي معنى آهي، هڪ اهڙو طبقو جيڪو سدائين اقتدار ۾ رهيو هجي، جنهن وٽ هر قسم جي مراعت هجي، جنهن کي نوڪرين کان وٺي وزارتن تائين ڀرپور حصو کپي پر تنهن هوندي به ان کي مظلوم ليکيو وڃي ۽ اهو تاثر ڏئي ته اهو هن ملڪ جو واقعي به مظلوم ترين طبقو آهي.
    گمراهه ٿيل ڀائر: هي اهي ٽولا آهن جيڪي ملڪ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان عام ماڻهو جو دهشتگردي وسيلي رت وهائي رهيا آهن. پر انهن کي دهشتگرد چوڻ جي همت ملڪ جي سياسي قيادت ۾ ڪونهي، ان ڪري انهن کي گمراهه ٿيل ڀائر ليکيو ويندو آهي. جيڪي مذهب توڙي فرقيواريت جي نالي تي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندا آهن، پر آهن اسان جا ڀائر.
    نامعلوم دهشتگرد: هي تمام اهم اصطلاح آهي، جنهن جي معنى آهي ته ڄاتل سڃاتل دهشتگردن کي نامعلوم ڄاڻائي انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي. اهي نامعلوم دهشتگرد گهڻو ڪري ڪراچي ۾ موجود هوندا آهن.
    ائين ئي اسان جي سياسي لغت ۾ ٻيا به ڪيترائي لفظ شامل ٿيندا رهندا، جيڪي اسان جي سياسي ٻولي جي ذخيري ۾ واڌرو ڪندا رهندا. تنهنڪري في الحال موجوده سياسي لغت تي ڌيان ڏئي، انهن لفظن جي بهتر استعمال کي يقيني بڻايو. ڇاڪاڻ ته اسان کان وڏا ٻولي جا ماهر دنيا ۾ آهن ئي ڪونه.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو