اسان سنڌ کان آيا آهيون....!!

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    اڄ 29 سيپٽمبر 2014 تي نيوز ون ٽي وي چينل تي چوپائي مال جي بازار ۾ هڪ ڇوڪريءَ، مال وڪڻندڙن جا انٽرويو ڏيکاريا جن کان پڇيو ويو: اوهان ڪٿان کان آيا آهيو؟ انهن مان هڪ ٻن جن جو واسطو ڪراچي ۽ حيدرآباد سان هو تن کي ڇڏي، ٻين سڀني جو جواب هو: ھم سندھ سيَ آئيَ ھين.....!!
    حيرت آهي ته ڪراچي، سنڌ جي گاديءَ جو شھر هئڻ جي باوجود اسان سنڌي، ڪراچيءَ کي ڇڏي، رهيل علائقي کي سنڌ سمجھون ٿا ته پوءِ ٻين تي ڪهڙي ميار آهي؟
    جيڪڏهن عام زندگيءَ ۾ ڪير ڪراچيءَ کي سنڌ نه ٿو سمجھي ته ان کي سڀني جي سامهون سختيءَ سان ٽوڪيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪريو ـ
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    شرم جهڙي ڳالهه آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سڀ کان اڳ مون اهو ٿر ۾ ٻُڌو ۽ هاڻ ڪراچي ۾ اهو عام جام آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اهو ڏوهه انهن ماڻهن جو ناهي جيڪي مالوند، اڻپڙهيل ۽ سياسي نقطن کان غير واقف آهن، اهو ڏوهه اسان پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو، انکان وڌيڪ قومپرست تنظيمن جو ۽ انکان وڌيڪ رياستي بيهڪ جو آهي ... جنهن سبب اسانجا ماڻهون پنهنجي شهر کان ٻاهر پاڻ کي پرديسي چوائيندا آهن .... ۽ خاص ڪري جڏهن ڪراچيءَ ۾ پهچندا آهن ته اڪثريت ڌارين جي ڏسي هن شهر کي ڌارين جو شهر سمجهندي پاڻکي سنڌ سان وابسته ڪندا آهن ...
    سنڌين ۾ حب الوطنيءَ واري تعليم جو عام ٿيڻ ضروري آهي، ته جيئن هر طبقي جو ماڻهون سياسي بيهڪ جي ڄاڻ رکي سگهي ...
    ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووِ وسارين ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    اهڙن ماڻهن کي ٽوڪڻ گهرجي ، ٻڌي افسوس ٿيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ٽوڪجيَ نه ته ڇا کين شاباس ڏجي؟ منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته اهڙا ماڻهو پيار سان سمجھندا ڪونهن ڇاڪاڻ ته سندن لاشعور ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ الڳ الڳ آهن ـ پڪ نه ٿئيوَ ته پاڻ آزمائي ڏسو ـ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    بلڪل افسوس جي ڳاله آهي ، اگر اسان ئي پنهنجي سنڌ کي پنهنجو نه ڪنداسين ته پو ٻيا ته اڳئي ان کي ٽڪر ڪرڻ لا تيار ويٺا آهن ، افسوس ته ان ڳاله تي به آهي ته جيڪي ڌريون سنڌ دشمن آهن انهن سان به ڪجه سنڌي گڏ آهن
     
  8. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بلڪل درست سائين
     
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين اوهان مٿي چيو آهي ته ٿر ۾ سنڌ لفظ ٻڌو هو، اوهان واقعي سچ ٿا چئو ٿر ۾ سنڌ جو لفظ ڄام ٿو استعمال ٿئي پر هن جو مطلب اهو ڪونهي ته ٿر کي سنڌ کان الڳ ٿو سمجهيو وڃي ٿو. سائين ٿرين جي زبان تي اهو لفظ تمام پراڻو ويٺل آهي، هاڻ جيڪو گهڻو ڪري پڙهيل لکيل ماڻهون اهو لفظ استعمال ڪونه ٿا ڪن، پر جڏهن ته اها پراڻي روايت آهي ته جيڪا رسم يا سماج مائٽن کان هلندو اچي اهو ضرور پنهنجي پوئيرن تي اثر ڇڏي ٿو. اوهان اهو نه سمجهو ته ٿر وارا سنڌ کي ٿر کان ڌار ٿا سمجهن. باقي رهي ڳالهه ڪراچي جي اها پاڻ ٻڌون به پيا ته ڏسون به پيا



    جيڪڏهن مٿين ڳالهه ڪنهن کي ناگوار لڳي ته معاف ڪجو

    سائل مهراڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو