• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل خدا جو گھر آهي

bewas ali hassan

سينيئر رڪن
دل خدا جو گھر آهي


ماڻهو ڪيڏا بي رحم هوندا آهن جو دل ته خدا جو گھر آهي هو هن دل جا ٽڪڙا ڪندي دير نه ڪندا آهن هو انسانيت کان ڪريل حرڪت ڪندا آهن جو ڪنهن ماڻهو سان پيار جي پاڪ جزبي سان دوکو ڪندا آهن دل جي گھرکي ڊاهيندي به دير نه ڪندا آهن هو انهن سان فيڪ آءِ ڊي يا فون تي ڇوڪري جهڙو آواز ڪري ڳاکهائيندا آهن هنن کي اها به خبر به هوندي آهي اسان جنهن سان ايئن ڳالهائي رهيا آهيو جڏهن هن کي خبر پوندي ته هن جي دل تي ڇا گزرندو پر هو چند پيسن خاطر پنهنجي ضمير جو سودو ڪندو آهي پر جنهن ويچاري سان هو رابطو ڪندا آهن هو خوابن جو محل جوڙي وٺندو آهي هو هن محل ۾ هڪ اجنبي محبوب جي ٿصوير جنهن تي پردو لگل هوندو آهي هن کي ڏسڻ جي کوشش ڪندو آهي پر هو پردو جڏهن لهي ٿو ته هن پردي پويان هڪ ڀيانڪ تصوير هوندي آهي جو ڪنهن ڇوڪري نه پر ڪنهن مرد جي هوندي آهي ته هن جا سپنا چڪنا چور ٿي وڃن ٿا ۽ هن کي هن زندگي کان به نفرت ٿي وڃي ٿي جنهن زندگي سان پيار جي نالي سان فريب ڪيو ويو آهي پر ماڻهو هن جي هن بيوسي تي تنض ڪندا آهن ۽ هن جي چاهتن جو خون ٿئي ٿو خدارا ڪنهن سان ايئن ڪرڻ کان اگ سوچيو ته جنهن دل جا ٽڪڙا ڪيو ٿا اها دل خدا جو گھر آهي
 
Back
Top