وَٽِنِ وَيٺي آهِيان، ڏِسيَو ڪِينَ ڏِسَان
جَنهَن جِهَوئي نَاهِ ڪَو، سَا ڪَا سُونهَن سَندِيَان
پَسِيَو ڪِينَ پَسان، آئون نَه جِئَندي اُن رِيءُ
سُرُ رَامڪَلي
وَٽن = ساڻن، محبوب سان گڏ
جهَوئي = جهڙو
سَنديَان = سندن، محبوبن جي
پَسان = ڪو ٻيو پسان، ڪو ٻيو ڏسان
بيت جو منظر
آئون ويٺي ته پنهنجي محبوب سان گڏ آهيان پر سندس سُونهَن سندرتا، خوبصورتي، حُسُنُ ۽ شباب جو تاب ايڏو ته تکو آهي جو ڏانهُس اکيون کڻين ٿي سگهان.
محبوب جي سُونهَن سوڀيا ۽ ادائون ايڏيون دلڪش، دلربا ۽ حسين آهن، جنهن جو ڪو مثال ناهي. سندن جهڙو سهڻو ۽ خوبصورت ماڻهو مون کي نظر نٿو اچي. پاڻ سراپا مجسم نُورُ ۽ مجسم سُونهَن آهن.
مون اڄ تائين دنيا ۾ هزارين، لکين ۽ ڪروڙين حسين ۽ سهڻا ڏٺا آهن پر سندن جهڙو ڪو ٻيو سهڻو ٿي ئي نٿو سگهي. مان هن کان سواءِ اڪيلي ڪيئن رهي سگهنديس ؟
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جو هي بيت محبوب جي سونهن، حسناڪين، دلڪشين ۽ جماليات سان ڀرپور آهي. جيتوڻيڪ هن بيت ۾ محبوب جي ڪنهن به عضوي سنهي نڪ، گلابي چپن، ڳاڙهن ڳلن، ناسي نيڻن، ريشمي زلفن، ناز انداز ۽ ادائن جو ذڪر ناهي. پر پوءِ به محبوب جَي حسن جي هڪ جهلڪ نه ڏسي سگهڻ ۽ سندن سونهن جهڙو ڪو ٻيو مثال نه ڏيڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته هي محبوب پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن. دنيا جي ڪروڙين ۽ اربين سهڻن کان سونهن ۾ سَرسُ آهن.
_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: